گوپي سنگ، ڏاهر سين جو پٽ

'تعارف' فورم ۾ سعيد عباس ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2018۔

  1. سعيد عباس ٻرڙو

    سعيد عباس ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڊيٽي آهي
    ماڳ:
    خيرپور
    ڪجھ تاريخ جي دري مان اوهان آڏو هڪ ننڍو تعرف سنڌ جي هڪ بادشاھ يا چئجي ته هڪ شهزادي جو جنهن جي اخلاق ساراھ جهڙو آهي ۽ تعريف جي ڪابل آهي.

    راجا ڏاهر جو پٽ جنهن جو نالو تاريخ ۾گوپي ڏسيو پيو وڃي راجا ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان بعد ۾ راجا ڏاهر جي هن پٽ کي مسلمانن حملا اورن جي ڪري پنهنجو وطن ڇڏي ڏنو.

    سنڌ ڌرتي جي حاڪم جو پٽ جنهن جي حاڪميت هندستان جي ڪيترن اي اڄ جي صوبن توڙي پوري پاڪستان تائين حاڪميت هئي. ان جي اخلاق ۽ پرهيزگاري جو هي ننڍڙي آکاڻين دوستن اڳيان پيش ٿو ڪرڻ چاهيان.

    جڏهن گوپي اروڙ مان پنهنجي اهل او عيال سان گڏ ڪيرج جي شهر ڏانهن هليو ويو، ڪيرج جي شهر تي حاڪم راجا دروهر هيو . گوپي سنگ دروهر وٽ وڃي ڪري پناھ ورتي. راجا دروهر هر ڇهين مهيني پنهنجي مهل ۾ هڪ شاهي محفل ڪرائيندو هيو جنهن ۾ هن کان سواءِ ڪو ٻيو مهمان يا خاص وزير به شامل نه ٿيندو هيو سوائي هن جي گهر جي ڀاتن کان. ان رات جو دروهر سڄي رات شراب پيندو رهندو هيو ۽ دل فريب عورتن جي صحبت ۽ ناچ گانا هلندا رهندا هئا.

    جنهن رات گوپي هن وٽ پهتو ان ڏينهن رات اتفاقن راجا دروهر جي راج ۾ ان بادشاهي محفل جون تياريون هلي رهيون هين. جڏهن رات ٿي ۽ محفل جو شروعات ٿي ته راجا دروهر سنڌ جي هن حاڪم ۽ پنهنجي مهمان جي مان رکندي رجا دروهر گوپي کي محفل ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. راجا دروهر جي دعوت تي گوپي سندس محفل ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ دروهر جي هٿن ۾ شراب جا جام هيا ۽ سمهون ناچ ڪندڙ ڪڃريون. گوپي ان محفل جو حصو ته هيو پر پنهنجون اکيون هيٺ ڪيون ويٺو هيو. راجا دروهر گوپي کان پڇو ته توهان هنن عورتن جي طرف ڇو نه پيا ڏسو هي ڪيڏو نه سٺو ناچ پيش ڪري رهيون آهن ، ۽ اوهان جي هٿ ۾ شراب جو گلاس ڇو نه آهي، اوهان جو ڪنڌ هيٺ ڇو آهي ڪا ته وجھ آهي؟

    گوپي سنگ چيو مهاراج، جيئن ته مان برهمڻ اهيان ۽ پنهنجي مذهب مونکي ان ڳالھ جي اجازت نٿو ڏي ته مان ڪنهن غير عورت جي طرف ڏسان. راجا دروهر گوپي جي اها ڳالھ ٻڏي ڪري خاموش ٿي ويو، ۽ گوپي سنگ جي هن عليٰ اخلاق ۽ پرهيز گاري جي ڪري سندس تعريف ڪرڻ لڳو. راجا دروهر جي هڪ ڀيڻ هئي جنهن جو نالو جانڪي هيو، جانڪي پنهنجي وقت جي حسين ترين عورتن مان هڪ هئي جنهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي رياستن جا شهزادا رشتا موڪليندا رهندا هئا. جانڪي جڏهن گوپي جي اهي ڳالهيون ٻڌيون ته هوءَ گوپي تي موهجي پئي. ۽ سڄي محفل دوران هوءَ گوپي کي ڏسي رهي هئي. گوپي سنگ ڪجھ دير ويهڻ کان بعد راجا دروهر کان اجازت وٺي ڪري پنهنجي محل طرف هليو ويو. جانڪي گوپي کي ويندي ڏسي ڪري پنهنجي ڀاءُ دروهر سان انگل ڪري گوپي ڏي هلي وئي.

    محل جي دربانن جانڪي کي در تي نه روڪيو ته هو دروهر جي ڀيڻ آهي هن قلعي جا مالڪڻ آهي ان کي روڪڻ دروهر جي ڀيڻ جي توهين هوندي.

    جانڪي سڌي گوپي جي قمري ۾ هلي وئي ۽ ان جي بستري جي اڳيان بيهي ڪري گوپي کي ستل ڏسي رهي هئي، گوپي پاڻ آرامي هيو پر جيئن ته جانڪي کي گهڻو شراب پيتل هيو ان جي ڪري گوپي جي ننڊ کلي وئي، گوپي ڏٺو ته ان جي سامهون هڪ عورت بيٺل آهي، هو هڪ ڌم اٿي بهي رهيو ۽ جانڪي کي چيائين ته توهان هن مهل هتي ڇو حاظر ٿيا آهيو. جنهن تي جانڪي گوپي کي سڄو حوال ٻڌايو. جنهن تي گوپي پنهنجو ڪنڌ سان نهڪر جو جواب ڏنو تنهن باوجود به جانڪي ڪافي سارا هيلا هليا ته ڪهڙي به طرح گوپي منهنجي جنسي خواهش پوري ڪري. پر گوپي ان کي ٽپ جواب ڏئي ڇڏيو.

    هڪ هي هيو ڏاهر جو پٽ گوپي ٻئي طرف مسلمانن جو هيرو محمد بن قاسم جيڪو پاڻ ته 17 سالن جو هو پر شادي 45 سالن جي جمار واري عورت سان ڪيائين. توڙي جو گوپي هندو هيو تنهن باوجود به هو ايترو پرهيزگار هيو جو جانڪي جهڙي حسين ۽ خوبصورت ڇوڪري هن جي پرهيزگاري کي نقصان پهچائي نه سگهي .

    باقي رهي ڳالھ ادي حجاج بن يوسف جي ادي ڏاهر جي ڌيئرن جي ڳالھ ٻڌنديئي محمد بن قاسم کي ماريئي وڌو. واڙهي واھ واھ جو متقي ۽ پرهيزگار هيا ٻئي سلام آ جيڪي هنن کي چڱون ڪيون بيٺا آهن انهن تي.

    فيصلو اوهان جي هٿ آهي ته هندو هيو گوپي سنگ تب ڪيترو سچو هيو پنهنجي ڌرم سان ۽ باقي هي ٻئي ادڙا هيا به سچي ڌرم جا پر وري به ڪم اوهان سامهون آهي.
     
    منصور ڦلپوٽو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو