1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    25000

سر مومل راڻو ۾ روحاني رمزون.

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    355
    ورتل پسنديدگيون:
    585
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    هن سر جو مضمون مومل راڻي جي مشهور قصي تي ٻڌل آهي.جيئن ته ان قصي بابت اڃا تائين ڪا قابل اعتماد کوجنا نه ٿي سگھي آهي جنهن ڪري اهو قصو مختلف نمونن سان بيان ڪيو وڃي ٿو.بهرحال هن قصي جو تت اهو ته پندرهين صدي ء جي شروع ۾گجر ذات جو هڪ سردار نالي “نند” ميرپور ماٿيلي جو حاڪم هو جنهن کي نو نياڻيون هيون جن مام مومل سڀني کان سونهن ۾ سرس جڏهن ته سومل وري عقل ۾ اڪابر هئي.ٻنهي ڀيڻن ماٿيلو ڇڏي جيسلمير جي لڊاڻي نالي شهر ۾ هڪ سهڻو ڪاڪ محل تعمير ڪرايو جتي مختلف جادوئي کرمٽن ۽ حرفتن ذريعي ڪيترائي شهزادا جوان مومل سان ملڻ جي شوق ۾ پنهنجي مال ملڪيت وڃا ئي ويهندا هئا پر مومل تائين رسڻ ناممڪن هو.قصو ڪوتاه ته ان زماني ۾ ٿر ۾ سومرن جي حڪومت هئي جنهن گھراڻي جو پويون حاڪم همير سومرو سن 1400ع ۾ تخت نشين هو جنهن جو مرڪز عمرڪوٽ هو.همير جي ٽن سونهن ڀرين يارن مان هڪڙو راڻو مينڌرو به هو.اهي هڪ ڏينهن سير سفر ڪندي ۽ جبل جھاڳيندي جڏهن ڪنهن رڻ پٽ مان گذري رهيا هئا ته سندن ملاقات هڪ خوبصورت نوجوان جوڳيء سان ٿي جنهن تي عشق جي عجب آتش ۽ محبت جي انوکي مستي ڇانيل هئي ۽ سندس نيڻن ۾ ڄڻ باهه جا الا ٻري رهيا هئا.
    ڪال گڏيوسين ڪاپڙي، بابو بيکاري،
    ساميء سيلو سر تي، مالا موچاري، ڏيئي ڏيکاري، ڦٽي دل فقير ويو.
    هنن جڏهن ان برکاريء کان عشق جا احوال معلوم ڪيا ته اهو ڪاپڙي في الحال ڪيف ۾ ٻڏي ويو.
    بيکاري ء کي بر ۾ ، ويو ڪيف چڙهي،
    ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
    ڪا جا انگ اڙي،جو ڇٽا ڦٽ ڇڙي پيا.​
    بيکاريء کان مومل جي سونهن جون خبرون ٻڌي چئن ئي دوستن عمرڪوٽ ورڻ بدران مومل جي ڪاڪ محل جو سفر سانباهيو.
    چڙهيا چارئي يار، سوچا شڪاري،
    فڪر سان ڦٽي ڪئي، سوڍي سوپاري،
    ويا ڪاهيندا ڪاڪ ڏي،جت مومل موچاري،
    موٽئا نه ماري، ڪونئر لتاڙي ڪاڪ جا.
    قصو مختصر ته اهي نيٺ پنهنجو پنڌ پڄائي،مومل جي محل تائين پهتا پر مومل تائين پهچڻ ڪا راند نه هئي سو سوڍي جا سڀ ساٿي مومل سان ملڻ جي آس ۾ اڳتي ته هليا پر جادوئي کرمٽ ۽ کٽراڳ سندن اهڙيون ته متيون منجھايون جو همت هاري ناڪام ٿي ويٺا جڏهن ته سوڍو جيڪو نهايت سياڻو هو سو سڀ لنگھه لنگھي وڃي پار پيو ۽ مومل سان ملاقي ٿيو.
    آيو مير مينڌرو،سوڍو ايء صحي،
    لڊولڻيا لطيف چئي، آيو ڪاڪ ڪهي،
    ويڙا ڏک لهي،مومل گڏيو مينڌرو.
    راڻو مومل کان موڪل گھري جڏهن عمرڪوٽ موٽيو ته حاڪم همير مٿس مپمل ماڻن جي ساڙ وچان سڙيو ويٺو هو تنهن کيس قيد ڪري ڇڏيو.بعد ۾ پنهنجي زال يعني سوڍي جي ڀيڻ جي منٿن ايلازن تي کيس ان شرط تي آزاد ڪيو ته راڻو وري ڀلجي به مومل ڏانهن نه ويندو.هڪڙي رات جڏهن راڻي کي مومل جي مجاز گھڻو ستايو ته هن وجهه وٺي،هڪ ڀلي گھوڙي تي سوار ٿيندي وڃي مومل جي ماڙيء تي پهتو پر سومل جيڪا سومل جي دل وندرائن خاطر مردانو ويس ڪري مومل جي ڀر ۾ ستل هئي،انهيء منظر راڻي کي اهڙو ته گھايل ڪيو جو هو پنهنجو لڪڻ مومل جي ڀر ۾ نشانيء طور رکي بنان ڪڇڻ پڇڻ جي واپس پوئين پير روانو ٿيو.مومل کي جا جاڳ ٿي ته ڏسي ته راڻي جو لڪڻ ته موجود آهي پر شايد سوڍو اڻ ڄاڻائيء ۾ مٿس شڪ ڪري رسي واپس هليو ويو آهي .
    راڻو ڪا رات ويو، ڳجھي ڳالهه ڪري،
    سوڍي ريء سرتيون ، هڏ نه ساهه سري،
    وڃي مان وري آئون آسائتي آهيان.
    پر مومل جون اهي سڀ آسون اجايون هيون،راڻو واپس ورڻ لاء ته ويو ئي نه هو.آخر مومل روئندي،رڙندي ۽ پڪاريندي اچي عمرڪوٽ مان نڪتي.هن ڪئين منٿون ۽ آزيون نيازيون ڪيون پر راڻي ڄڻ ته هن لاء پنهنجي دل جا دروازا ئي بند ڪري ڇڏيا هئا.آخر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي مومل پنهنجي لاء باهه جو وڏو آڙاهه تيار ڪرايو ۽ ان ۾ سڙي سوڍي سان پنهنجي سچائيء جو ثبوت ڏنائين.هوڏانهن سوڍي کي جڏهن ان ڪيس جي ڪل پيئي ته هن به پاڻ کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. انسان جيڪو ڌڻي صاحب جوڳو لائو آهي سو ڌڻي صاحب پاڻ به انسان سان انيڪ الفت رکي ٿو.اصل ۾ اهو هڪ اونهو راز آهي جو طالب مطلوب ۽ مطلوب خود طالب آهي.ڪائنات ڪيڏي به ڪشادي هجي ۽ انسان ان جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻ لڪائي ڇڏي پر ڌڻيء جي دوربين کان تيز نظر کيس ڳولهي اونداهين مان ڪڍي روشنيء ۾ آڻي ٿي. جيئن مالڪ انسان کي ماء جي پيٽ جي اونداهين مان ڪڍي روشنيء ۾ آڻي ٿو.
    مومل مان مراد اهو انسان آهي جيڪو پنهنجي مالڪ حقيقيء کان منهن موڙي پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري جيئن مومل جادوئي ناٽڪ ڪري پنهنجو پاڻ پوشيدو رکي پنهنجن عاشقن کان نٽائڻ ٿي چاهيو.اهڙيء طرح انسان به پنهنجي چوڌاريء حرص ۽ هوس جون ديوارون اڏي،دنيائي ساز سامان جا ڪاڪ محل جوڙي ۽ خواهشن جا کرمٽ جوڙي پنهنجو پاڻ کي پنهنجي اصل ڌڻيء کان محروم رکڻ ۾ مصروف رهي ٿو.پر اهي ور وڪڙ،اهي چالاڪيون ۽ حرفتون،اهي پردا ۽ پوشاڪون انسان کي خدا جي نظر کان لڪائي نٿيون سگھن.جتي ٻيوهر واٽهڙو واٽون منجھي پوي ۽ جتي ٻي هر نظر خطا کائي وڃي اتي بصير جي بصيرت هرگز دوکو نٿي کائي.
    آيو ڪاهي ڪاڪ تي سوڍو پاڻ سڄاڻ،
    لکن سين لطيف چئي، راڻي ڪئي رهاڻ،
    پرين پرچيو پاڻ، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
    توڙي جو مومل جي کرمٽي کيڏن ڪيترن ئي دانائن جون متيون منجھايون پر سوڍو اصل ۾ سڄاڻ هو جيڪو پنهنجي سرت سان ڪاڪ محل پهچي مومل ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ سندس نظر
    دوکو نه کاڌو.
    ڪئي جادو هئا جنبير، مومل جي ماڙيء ۾،
    راڻن کي رولڻ جا،ڪئين ڦنڌ هلايا ڦير،
    جڏهن سوڍو چڙهيو شير،تڏهن گھاء ڪيائين گجر سين.
    پر سوڍي واري اها سرت،سمجھه ۽ ساڃاهه،دانش ۽ دانائي،ڏاهپ ۽ ڏانء انسان اندر پاڻهي پيدا نٿو ٿئي،ان لاء ڪنهن ڪامل مرشد ۽ روحاني رهبر جي نظر عنايت گھربل هوندي آهي.
    ڪرها! ڪارڻ ڪاهه، توکي ڌڻين ڌاريو
    ساري ڏيج سيد چئي، لڊاڻي تان لاهه،
    مقابلو مومل سين ٿيندو سنجھه صباح،
    سوڍي جي صلاح، ڪونئر چرندين ڪاڪ جا.
    ڪرهي يا اٺ کي ڌڻين مسافريء جي مقصد لاء ڌاريو آهي ننڊون يا آرام ڪرڻ لاء نه! ڪرهي مان مراد آهي انساني جسم،ڪاهه مان مراد آهي روحاني سفر جڏهن ته ڌڻين مان مراد آهي انسان جو روح جيڪو انساني جسم تي سوار ٿي آخرت جو سفر مڪمل ڪري ٿو.پر لطيف سرڪار رمائين ٿا ته لڊاڻي جي ٽڪريء تان سنڀالي وکون کڻجانء جو متان ترڪي پوين.ڪاڪ هيء دنيا ۽ لڊاڻي مان مراد آخرت جڏهن ته انهن ٻنهي جهانن جي وچ ۾ جيڪو سنڌو آهي تنهن کي سهڻي لطيف لڊاڻي جي ٽڪريء سان مشابهت ڏني آهي.جنهن کي اسان سڪرات چوندا آهيون.مطلب موت جي وقت انسان کي محتاط رهڻ گھرجي جو ٿڙي ۽ ٿاٻڙي پنهنجي ايمان جي دولت ئي نه وڃائي ويهي! مومل سان مقالي جو مطل آهي ته صح يا سانجھيء تنهنجي موت جي صورت ۾ محبوب حقيقيء سان ملاقات ٿيڻ واري آهي.ان ڪري سڄاڻ سوڍي يعني روح جي صلاح تي هل ته جيئن محبوب جي مشاههدي جي باغ ۾ گل ڦل چري سگھين.اهي ڪاپڙي جيڪي ڪاڪ ڪڪوريا يعني محبوب جي درٻار ۾ حاضريء جي لائق بڻيا انهن جون ڪهڙيون نشانيون آهن؟
    جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لالي،
    ڪڙي ڪيف خمارئا،مئي پي موالي،
    وتن وصالي، لڊوڻئا لوڌي ٿيا.
    اهي ڪاپڙي جن کي ڪاڪ جي ڪيف ڀرين ڪنوارين پنهنجي نينهن جي رنگ ۾ رنگي ريٽو ڪري ڇڏيو تن تان عشق جي لالاڻ وارو الستي رنگ لهڻ جو ناهي.انهن عارفن طرف اشارو آهي جن محبوب حقيقيء جي محبت ۾ رنگجي پنهنجي مٿان عشق جو ابدي رنگ چاڙهي ڇڏيو جيئن ڪلام پاڪ ۾ فرمايو ويو ته “ اهڙو ئي آهي خدا جو رنگ،۽ رنگ چڙهائڻ ۾ خدا کان وڌيڪ ٻيو ڪير ڀلو ٿي سگھي ٿو؟“
    (روزاني جيجل 14 مئي 2018ع)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو