هيو پانڌ جنهين سان پيار جو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    اصغر علي جمالي / دادو

    هيو پانڌ جنهين سان پيار جو


    ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنجه
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجه اچي ڀون بهار جي
    {{ شاھ عبدالطيف ڀٽائي }}

    اسان کي اهڙا انمول انسان زندگي ۾ ملندا آهي جيڪي اسان کي رهڻي ڪهڻي اُٿڻ وهيڻ زندگي ۾ ملندڙ ڏکن کي ڪهڙي نموني برداشت ڪجي ڪئين انهن کي حل ڪجي جا سبق ۽ درس ڏئي ويندا آهن اهڙا زندگي ۾ ملندڙ انمول ماڻهون تمام گهٽ هوندا آهن اهڙو ئي منهنجي زندگي ۾ مون کي ملندڙ شخص جنهن مون کي زندگي گذارڻ جا ڍنگ سکاريا اوڙي پاڙي سان حسن سلوڪ جا درس ڏنا انهن ۾ چاچا گلاب گل محمد سومرو به هڪ هئا جنهن جا مون عاجز حقير و فقير جي مٿان اڻ گڻيا ٿورا آهن چاچا گل محمد گلاب سومرو مون کي پنهنجي ٻچن وانگر سمجهندو هو چاچا جي گهر جي ساهمون منهنجو دوڪان هوندو هو جنهن ته چاچا روزانه صبح شام اچي وهندو هو جڏهن مان صبح جو دوڪان کوليندو هيم چاچا به گهران ٻاهر ايندا هئا ۽ مزاق مزاق ۾ چوندا هئا ,,اصغر گهر دي ڪيتلي به چانه پئون پر ٻاڙ نهي لهندي جسين هوٽل دي مکين والي لوٻيل چانه نهي پيندئون مزا نهي آندا ,, مان به کلي چوندو هيم ,,,چاچا تو سان سهي پئي اکيندوء واقعي هوٽل دي چانه ڪئون سواء مزا نهن آندان,, ائين پوء چانه گهرائندا هئاسين چاچا گلاب ۽ مان چانه گڏجي پيندا هئاسين چاچا مون کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندو هو هڪ دفعي چاچا گلاب وارن جي گهر جي رشتي جون ڪئي ڳالهيون هلي رهيون هيون چاچا گلاب ۽ چاچا جو پٽ عبدالرشيد ٻئي پاڻ ۾ منهنجي دوڪان تي ان مسئلي تي ڳالهائي رهيا ته مان دوڪان تان نڪري ٻاهر وڃي وهي رهيم اها ڳاله به چاچا گلاب محسوس به ڪئي ته اسان جي پرسنل ڳالهين جي ڪري اصغر ٻاهر نڪري ويو آ سو چاچا ڳاله محسوس ڪندي ئي مون کي سڏ ڪري پنهنجي ڀر ۾ وهاريو ان وقت وري عبدالرشيد ٿورو خاموش ٿي ويو ته چاچا گلاب چيس بابا توهان ڳالهايو هي به ائين سمجه هي منهنجو پنهنجو ٻچو آهي توهان پنهنجي ڳاله جاري رکو ايتري حد تائين چاچا جي مون سان محبت هوندي هئي, چاچا گلاب کي نوڪري کان وٺي ويندي ريٽائرمينٽي تائين چاچو جيڪا پگهار يا پينش کڻندو هو ٻاهران ئي هن جا مخصوص پنهنجي بردري جا غريبن ماڻهو جا گهر هوندا هئا جن کي راشن وٺي ڏئي پوء گهر ايندو هو ڪڏهن ڪڏهن ٻاهران ئي تازي مليل پگهار جا پئسا غريبن ۾ ورهائي ايندو هو ئي ٻاهران دوڪان تي ايندو هو پر وهيندو نه هو چوندو هو گهران ٿي اچان ٿو ٿوري دير کان پوء جڏهن واپس ايندو هو , چانه جا پئسا ڏيندي ٻڌائندو هو ,,,,, اصغر اڄ پگهار چاتم وچاري غريب هين اسان دي برادري دي ڪجه سو سڀ انهن لاء راشن گهن انهن دي گهر پهچايم سو چانه دي لاء گهرون اي پئسي ڪنهن پوڙهي دي پوتي ڪئون ڇوڙايان چانه گهراء ته پيون,,,,,, اهي شام جا پل اهي شام جون رونقون جڏهن استاد انور ٿهيم درزي ,چاچا ابراهيم چنا موچي , غلام عمراڻي حجم , چاچا گلاب گڏ ٿي وهيندا هئاسين پوء کل مزاق راء بازار جي گهٽي ۾ ٽهڪن جي ئي گونج هوندي هئي انهن ۾ سائين مرحوم عبدالنبي ملڪاڻي جڏهن ايندو هو ته محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا هئا اهي يادون اهي سعتون وسرن ئي نٿيون چاچا گلاب جي ڪمي مان پنهنجي اندر ۾ ائين محسوس ڪندو آهيان جئين ڪو مسافر ريگستان ۾ وڃي اڪيلو ڦاسندو آهي جنهن کي پاڻي کان وٺي ويندي ڇانوء جي وڏي ڳولا هوندي آهي ان مسافر جئيان اڄ به مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته چاچا گلاب جي ظاهر حياتي جي وڃڻ کان پوء منهنجي اندر جي دنيا ڪنهن نه ڪنهن ريگستان ۾ وڃي پئي آهي ڄڻ ڪنهن سائي کان مان محروم ٿي ويو آهيان ,چاچا گلاب گل محمد سومرو نهايت ئي سادي طبيت جا مالڪ هئا سندن جو اٿڻ وهيڻ کائڻ پيڻ ۾ به سادگائي ئي هوندي هئي نهايت ئي برداشت ۽ صبر تحمل وارو انسان هو پنهنجي دوستن کي پنهنجي ميلڪت سمجهندو هو ۽ پنهنجي اولاد کي پنهنجي دوستاڻي ماحول ۾ دوست سمجهندو هو , چاچو هڪ دفعي جئين ئي گهر کان ٻاهر آيو سندس چهري تي تمام گهڻي اُداسي هئي چاچا کان اداسي جو جڏهن سبب پچوسين چاچا گلاب گل محمد تمام اُداس لهجي ۾ ٻڌايو ڪو دور هوندو مان ۽ منهنجي گهر واري گوڙ ۽ ماني کائي گذارو ڪندا هئاسين اڄ رب پاڪ جو شُڪر آهي اولاد جوان آهي سڀ گڏجي ماني کائڻ لاء ويٺاسين ڪيترائي طعام دسترخان تي هئا ان ڳالهين کي اڄ ياد ڪندي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا, چاچا جي زندگي ۾ تمام گهڻا ڏکيا ڏينهن به آيا پر پاڻ هميشه بُردباري ۽ وڏي فراخ دلي سان ان کي منهن ڏيندا هئا,, پاڙي ۾ هڪ درزي هوندو هو جنهن جو نالو عباس سرهيو هو ان پنهنجي ڪنهن شاگرد کي ڪنهن گراهڪ جا ڪپڙا استري لاء ڏنا ان وقت چاچا جو به ڌوٻڪو دوڪان هوندو هو شام جي وقت اهو درزي چاچا وٽ آيو ۽ استري وارن ڪپڙن جي گهور ڪئي چاچا چيو بابا توهان جا ڪپڙا استري لاء مون کي ناهن مليا پر ان درزي جو ضد منهنجا ڪپڙا توهان وٽ آهن پوء ته اهو درزي آپي مان نڪري ويو چاچو ان جون ڳالهيون وڏي صبر ۽ تحمل سان ٻڌندو رهيو درزي به صفا آپي کان ٻاهر هيو چاچا چيس بابا توهان جا ڪپڙا مون کي ناهين مليا باقي تنهنجو ضد اجايو آ ڀلا تون پنهنجي شاگرد کان پڇ ان متان ڪنهن ٻئي کي ڪپڙا ڏنا هجن پر دزري هوش کان ٻاهر هو سو چاچا چيس انهن ڪپڙن جي گهڻي قيمت آ مان ٿو تو کي ڏيان پر هو چوي مون کي ڪپڙا کپن سو گهڻي ڀهس کان پوء هليو ويو جڏهن ٻئي ڏينهن تي ان کي پنهنجي شاگرد ڪنهن ٻئي هنڌان ڪپڙا استري ڪرائي آڻي ڏنا ته پوء اهو درزي ڏاڍو شرميندو ٿيو ۽ چاچا کي وتي پيو ڳوليندو ڪنهن ٻڌايس ته چاچا سول اسپتال ۾ ڌوٻي گهاٽ تي ڪم ڪندو آهي اهو درزي سائيڪل ڪاهي چاچا کي وڃي سول اسپتال ۾ پيرين پئي معافي گهري چاچا چيو ان کي بابا منهنجي دل ۾ ڪابه ڳاله ناهي ائين چئي ان کي معاف ڪري ڇڏيائون , اهڙا ڪيترائي واقعا آهن جيڪي اسان جي اکين آڳيان چاچا سان ٿيا پر اسان ڏٺو چاچ گلاب هميشه صبر جو دامن نه ڇڏيو, ۽ اسان کي به ان جي تلقين ڪندا رهندا هئا اوڙي پاڙي جا ۽ پنهنجي برادري جا جيڪي به مسئلا ٿيندا هئا اهي سڀ پنهنجا پنهنجا مسئلا چاچا گلاب وٽ کڻي ايندا هئا ان کان ئي پنهنجا فيصلا ڪرائيندا هئا اهو ئي سبب هوندو جو هو چاچا گلاب کي صادق و امين سمجهي گڏ وهي ڳالهيون ڪندا هئا ,هڪ دفعي موٽر سائيڪل نوجوان ڇوڪرا هئا ۽ رڪشا وارو به نوجوان ڇوڪرو هو ۽ رڪشا ۾ عورت سواري به هئي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل جو نارملي ٽڪر ٿيو جنهن ۾ موٽر سائيڪل جو اينڊيڪيٽر ڀڃي پيو رڪشا وارو ۽ موٽر سائيڪل وارو پاڻ ۾ صفا هٿين پيجي ويا اها سڄي ماجرا چاچي پي ڏٺي اصل ۾ اڳاله ايڏي وڏي به ڪانه هئي پر انهن نوجوانن پئي ڌانڌريسي ڪئي سو چاچا انهن نوجوانن ڏي ويو انهن کان پڇيو توهان جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي گهڻو گوڙ نه ڪيو , انهن چيو انهن جيترو ٻڌايو اترا پيئسا چاچا پنهنجي کيسي مان انهن کي ڏنا پوء مسئلو حل ٿيو , يعني چاچا گلاب پاڻ کي نقصان ڏئي به ٻئي جي عزت جو خيال ڪندو هو , ڪنهن وڏي مسئلي ٿيڻ کان اڳ ۾ چاچا پنهنجي حساب سان ان کي ائين حل ڪندو هو جئين ڄڻ ڪي ڪجه ٿيو ئي نه هو , عصر کان وٺي مغرب تائين پاڙي جي ٻارڙن کي قرآن پاڪ پڙاهيندو به هو اهو به چاچي جو اخرت کي سينگارڻ جو وڏو عمل هو ,منهنجو اسلام سان شريعت سان ٽچ رهڻ چاچا کي ڏاڍو پسند هوندو هو ۽ مون کي هميشه چوندو هو ,,,, اصغر تون هل مدرسي چ مين تيڪون داخلا گهنڏ ڏيوان تو يار گهٽ ڪون گهٽ عربي سک پڙھ ,,,مان چوندو هيومانس چاچا ,, ڏيک مين ڪيڏا وڏا ٿي ڱيان هڻ مين پڙهان يا ٻچنا دي روزي ڪران ,,,,چاچا چوندو هيو,,,, اصغر تون ميڏا ٻچانئين مين تيڪون ٻڌايندم مين شادي ڪتي اهيئ ان ڪون پڇي مين مدرسي چ عربي پڙهيا هيم بابا تون به مدرسي چ پڙھ ٻيا نه جيڪو تيڪون ڪلاڪ ڏون ڪلاڪ فرصت ملي مدرسي ويندا ڪر,,,,,,,

    چاچو هميشه مون کي ائين پڙهڻ لائ زور ڀريندو رهندو هو پر مان ٻروچ ماڻهو تڪبر جا ماريا هون سو نه پڙهيم ۽ اڄ مون کي پاڻ کي ان جو وڏو افسوس به آهي ته اي ڪاش مان عربي پڙهان ها ته ڀلو هو, چاچا گلاب مون کي ادبي شوق جي خاطر ڪتاب پڙهڻ لاء به ڏيندو به هو اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ لاء به زور ڀريندو به هو ۽ چاچا کان مون گهڻو ڪجه سکيو عمل ڪيم ۽ پنهنجي هلندڙ زندگي ۾ ان مان فائدو به ورتو اڄ به منهنجي گهر ۾ هڪ ننڍڙ لائبرير موجود آهي جنهن ۾ چاچا جا ڏنل ڪتاب اڄ به مون وٽ موجود آهن , چاچا گلاب هڪ سخي ۽ دل عزيز عدل ۽ حلم وارو انسان اسان ۾ موجود ناهي پر ان جون يادون ان جو ڳالهيون ان جون محبتون ان جا قول ان جا احسان اسان ڪڏهن به نٿا لاهي سگهون نه ئي وساري سڳهون خاص ڪري ان جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو قرآن پاڪ جو سرائيڪي ترجمو اسان لاء هڪ وڏو تحفو آهي ان جي محنت ان جي جستجو اسان لاء قابلء رڪش هڪ عزمت ڀهريو پيار آھي جيڪو اسان ڪڏهن به نه ٿا وساري سڳهون,,
    منهنجي رب پاڪ کان دعا آهي يا الله پنهنجي پياري حبيب روءف رحيم جي واسطي پنهنجي نيڪن ۽ صالحن ٻانهن جي وسطي اسان جي محسن چاچا گلاب گل محمد سومري جي قبر جنت جي باغن مان هڪ باغ ڪر يا الله چاچا گل محمد کي جنت الفردوس عطا ڪري ۽ پوئرن کي صبر تحمل سان نواز انهن ۾ خلوص محبت ۽ پاڻ ۾ ٻڌي وارو ڪر آمين يا رب العالمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو