1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

کربين روپين جا هڙپ ٿيل قرض!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    427
    ورتل پسنديدگيون:
    595
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    چيف جسٽس ميان ثاقب نثار قرض معاف ڪرائڻ واري ڪيس جي سماعت دوران هڪ هفتي اندر قرض معاف ڪرائيندڙن جي سمري ٺاهي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سياسي بنيادن تي معاف ڪيل قرض واپس ڪرائينداسين.جيڪر قرض واپس نه ٿيا ته مقروضن جا صنعتي يونٽ ضبط ڪيا ويندا.خميس تي سپريم ڪورٽ ۾ قرض معاف ڪرائڻ وري ڪيس جي شنوائي ٿي جنهن ۾ درخواست گذار چيو آهي ته نوازشريف، محترمه بينظير ڀٽو،يوسف رضا گيلاني ۽ چوڌري برادران به قرض معاف ڪرايا.چيف جسٽس چيو ته 54 ارب روپين جا قرض معاف ڪرايا ويا. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 223 قرض معاف ڪرائڻ جا ڪيس شڪي آهن.سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل جسٽس رٽائيرڊ جمشيد علي جي اڳواڻيء ۾ ڪميشن هزارن پنن تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

    اسٽيٽ بينڪ 1971ع کان 2009ع جي عرصي ۾ 281 ارب روپيا قرض معاف ڪرائڻ جو سپريم ڪورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو،پر ڪميشن رڳو 740 مختلف ڪيسن جو جائزو ورتو پر ڪنهن هڪ ڪيس ۾ به سياسي بنيادن تي قرض معاف ڪرڻ جو ثبوت نه ملي سگھيو.رپورٽ مطابق بينڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن بااثر ماڻهن ۽ سياستدانن متعلق معلومات لڪائي ڇڏي. رپورٽ مطابق بينڪرز سياستدانن کان ڊڄن ٿا .رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 1971ع کان 1991ع تائين ٻه ارب سورهن ڪروڙ روپين جا قرض ورتا ويا ۽ ان ئي عرصي ۾ ٻه ارب اٺٽيهه ڪروڙ روپين جا قرض معاف ڪرايا ويا.جڏهن ته 1992ع کان 2009ع تائين 84 ارب 62 ڪروڙن جا قرض معاف ڪرايا ويا.بينڪن ۽ مالياتي ادارن قرض معاف ڪرڻ لاء رڳو ڪاروباري سبب بيان ڪيا جڏهن ته سياسي ۽ ٻين بنيادن تي قرض معاف ڪرائڻ جي ڪا ڳالهه نه ڪئي ويئي.قرض معاف ڪرائيندڙ ملزمن ڪاغذن تي فنگر پرنٽ به نه ڇڏيا.ڪميشن قرض معاف ڪرائڻ جي وڌيڪ 222 ڪيسن تي ڪاروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.انهن ڪيسن ۾ به ان ڦرلٽ جي رقم 35 ارب روپيا ٿئي ٿي جيڪا معاف ڪئي ويئي.

    پاڪستان جي وڏن سياسي گھراڻن ۽ ڪاروباري ادارن جي بينڪن مان قرض وٺي اهي معاف ڪرائڻ جي ڪهاڻي اٽڪل ٽن ڏهاڪن تي پکڙيل آهي.جنرل ضياء جي اقتدار واري دور کان سياسي مصلحتن ۽ وفادارين کي سامهون رکندي خاص ماڻهن،ڪاروباري ادارن ۽ بااثر گھراڻن کي قرض ڏيئي معاف ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيوجيڪو اڄ تائين جاري آهي.جنرل مشرف جي دور ۾ به نوازشن جو اهو سلسلو پوري آب ۽ تاب سان جاري رهيو ۽ ان تحت 1999ع کان2008ع جي وچين عرصي ۾ 125 ارب روپين جا ڪاروباري قرض معاف ڪيا ويا جن ۾ سياستدان، صنعتڪار،جرنل، صحافي ۽ وڏا ميڊيا گروپ به شامل هئا.قرضن جي وڏي انگ جو تعلق 1980ع کان 1990ع جي ڏهاڪي دوران رهيو ۽ هزارين ڪيس عدالتن ۾ سماعت هيٺ هئڻ سبب قرضن جو وياج وڌندو ويو.جنهن سبب بينڪون خانگائڻ وقت به ڪافي مسئلا پيدا ٿيا.ڪيترائي قرض ناقابل وصولي قرار ڏنا ويا ۽ اسٽيٽ بينڪ پاڪستان هڪ خصوصي حڪمنامي ذريعي قومي بينڪن کي ڏهن سالن کان پراڻا قرض معاف ڪرڻ يا انهن جي صفائي جلد کان جلد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

    پاڪستان ۾ نهايت ئي غربت جي سطح کان هيٺ زندگي گذارڻ وارن جي هڪ وڏي اڪثريت رهي ٿي جن لاء هڪ ويلي جي ماني حاصل ڪرڻ ڪنهن سخت امتحان کان گھٽ ناهي.ان ملڪ ۾ ڌڙا ڌڙ هڪ خاص مراعات يافتا طبقي کي قرض ڏيڻ ۽ معاف ڪرڻ هڪ معمول بڻيل آهي.قرض معاف ڪرڻ لاء وقت به وقت حڪومتن طرفان اهڙيون پاليسيون ۽ قانون سازيون اچن ٿيون جن جو بنيادي مقصد ئي اهي قرض ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان معاف ڪرڻ هوندو آهي.هن ملڪ ۾ مالي طور تي ڊيفالٽ ڪرڻ ان طاقتور طبقي لاء ڪو مسئلو ئي ناهي جو انهن کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ لاء ڪنهن نه قانون جي گنگا وهڻ شروع ٿيو وڃي.البت ڪو عام غريب ماڻهو ڪو هزارن جو بجليء جو بل وقت تي ادا نه ڪري ته سندس بجلي ڪٽي سندس معصوم ٻچن کي گرميء ۾ تڙپڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو.قرضن جي انهيء پرفريب ڌنڌي ۾ خود حڪومتون،بينڪن ۽ مالياتي ادارن جا ڪارندا ۽ ٻيون مافيائون ملوث هونديون آهن جنهن ڪري جيڪي ڪجھه پردي پويان ٿي رهيو هوندو آهي اهو سامهون اچڻ رڳو مشڪل نه پر اٽڪل ناممڪن هوندو آهي.غربت جي چڪيء ۾ ڏينهن رات پيسجندڙ عوام جو پئسو اهڙي “قانوني ” طريقي سان اميرن، وزيرن،مشيرن،سيٺين ۽ صنعتڪارن جي ڳوٿرين ۾ پهچي ٿو جو انهن کي ذرو به شرمساري نٿي ٿئي.

    رپورٽ موجب 1971ع کان 1991ع تائين 2 ڏهائي 3 ارب روپيا،1991ع کان 2009ع تائين 84 ڏهائي 6 ارب روپيا جڏهن ته 2009ع کان 2005ع تائين345 ڏهائي 4 ارب روپيامعاف ڪرايا ويا.

    جڏهن وفاقي حڪومت سينيٽ ۾ قرض معاف ڪرائيندڙن جي لسٽ پيش ڪئي ته معلوم ٿيو ته گذريل 25 سالن دوران 988 کان مٿي ڪمپنين ۽ شخصيتن 4 کرب،30 ارب ۽ 6 ڪروڙ روپين جا قرض معاف ڪرائي هڙپ ڪري ڇڏيا.ظلم ته اهو جو انهن مان 19 ڪمپنيون يا شخصيتون اهڙيون آهن جن مان هرهڪ جو معاف ڪرايل قرض هڪ ارب روپين کان گھٽ ڪونهي! ڪروڙن جي ڳالهه ناهي، اربن جون رانديون آهن.ديده دليريء جي انتها ته ڏسو جو انهن کان اڄ تائين ڪنهن به نه پڇيو ته اهو پئسو هن ملڪ جي غريب عوام جو هو يا اوهان جي ابن ڏاڏن جو؟ اها قهر واري صورتحال شايد اسان جي گڏيل قومي لاڙي ۽ سوچ کي ظاهر ڪرڻ لاء ڪافي آهي ته اسان جي اشرافيا جي اکين جو خواب.ذهن جي سوچ ۽ دل جي تمنا فقط ۽ فقط سندن پنهنجو ذاتي مفاد ئي رهيو آهي ۽ انهن جي پاڻ ۾ مليل اها مڪار“ منڊلي” مختلف مڪارين سان ملڪي معيشت جون پاڙون اڏوهيء جيان کوکليون ڪرڻ ۾ هروقت سرگرم نظر اچي ٿي.ڳڻتيء جي ڳالهه اها جو قرض معاف ڪندڙن توڙي ڪرائيندڙن ۾ وڏو انگ اسان جي سياستدانن جو آهي جيڪي جمهوريت جي نالي تي اسان تي خانداني آمريت مسلط ڪري،نوڪرشاهي ۽ ڪجهه ڪاروبارين جي“ ناني ڳوٺڙي” سان اسان جي رت ست ۽ پگهر جي ڪمائي نهايت ئي “ مهذب ” طريقي سان ڦري لٽي،هڙپ ڪري وڃن ٿا ۽ اوگرائي وڃي سمنڊ پار ڏين ٿا.پر انهن جو ڀاڳ ايڏو ته ڀلو آهي جو عوام کان ٻن ويلن جي ماني کسي ڪري به انهيء ئي عوام کان ووٽ وٺي وري عوام جي سرن تي سوار ٿي وڃن. اربين روپين جي هضم ڪيل قرضن جي لسٽ ڏسي ٻئي هث مٿي تي اچي ٿا وڃن ته هڪ اهڙو ملڪ جيڪو هر سال پنهنجن ضرورتن لاء “ڪين جو ڪنو ” کڻي عالمي ادارن جي نظر ڪرم جو منتظر رهي ٿو ۽ ڏکين شرطن تي انهن عالمي ڪاسائين کان قرض حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو،اهو ئي ملڪ پنهنجن ڪجهه معزز “محتاجن” ۾ ڪهڙي نه سخا ۽ فياضيء سان اربين روپيا خيرات طور ورهائي ڇڏي ٿو. هونئن ته اسان جون بينڪون نهايت ئي “محتاط ۽ ذميدار ” آهن جو عام طور تي چند هزار روپين جو قرض معاف ڪرڻ جي “ بد ديانتي ” نٿا ڪن بلڪه جيڪي ماڻهو قسطن تي گاڏيون وٺن ٿا اهي جيڪر هڪ ٻه قسطون وقت تي نه ڏين ته بينڪن جا داداگير انهن جي ٻارن کي گاڏين مان لاهي انهن تي قبضو ڪيو وٺن.ٻئي طرف هن دريا جهڙي دريادليء تي انهن کي داد ڏيو جو اربين نه پر کربين روپيا قرض کائي ويندڙ آخر تائين سندن اکين جا تارا بڻيل رهن ٿا ۽ هو انهن کي بچائڻ لاء “ ٻه جسم ۽ هڪ جان ” واري عملي صورت بڻجيو وڃن.شايد ملڪ ۾ آئين جو ڪتاب صرف پڙهڻ ۽ حوالا ڏيڻ لاء موجود آهي باقي ان جو نفاذ هيستائين صرف انهن معاملن ۾ ٿيندي ڏٺو ويو آهي جيڪي معاملا ان اشرافيا جي مفادن ۾ هجن.بس خدا رحم ڪري هن ديس تي جتي زندگيء جون بنيادي سهوليتون حاصل ڪرڻ لاء به ماڻهوء جو ڏاڍو هئڻ يا وري ڏاڍن جي ڇانو ۾ رهڻ ضروري آهي ۽ هن ديس ۾“ ڏاڍو ” اهو آهي جيڪو آئين ۽ قانون جا بکيا اڍيڙي ڇڏي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو