موت کي ۽ حيات کي روڪي : اختر درگاهي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,681
    ورتل پسنديدگيون:
    27,149
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    اختر درگاهي

    موت کي ۽ حيات کي روڪي
    اچ ملون ڪائنات کي روڪي

    ڏانءُ اھڙو ڪٿان کڻي آئين
    جنھن ڇڏيو منھنجي ڏات کي روڪي

    صبح ٿيندو تہ ھوءَ ھلي ويندي
    ڪير آھي جو رات کي روڪي

    ھڪڙو محبوب ويھاري من ۾
    مون ڇڏيو خواھشات کي روڪي

    عشق انسان ساڻ ٿيندو آ
    عشق ٿو ذات پات کي روڪي

    باک جھڙي پرينءَ اڳيان شاعر
    ڇڏ انھي فاعلات کي روڪي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو