پي پي پنھنجو منشور تبديل ڪري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حاڪم علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2018۔

  1. حاڪم علي چانڊيو

    حاڪم علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2018
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    پاڪستان ۾ چونڊون ٿيڻ واريون آھن ۽ سياستدان عوام جي درن تي وڃي ووٽ گهرڻ لاءِ تياري ۾ ھوندا سنڌ ۾ ڏھ سال طويل عرصو اقتداري مزو ماڻيندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جيڪا ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آھي ۽ ھن پارٽيءَ کي چئني صوبن جي زنجير بہ چيو ويندو آھي 2013 واري اليڪشن ۾ اھا زنجير عوام پنھنجي ووٽ جي طاقت سان ٽوڙي ڇڏي باقي وڃي زنجير جون ڪجهہ ڪڙيون بچيون جيڪي سنڌ تائين محدود آھن ھاڻي جيئن جيئن چونڊون ويجهي اينديون ٿيون وڃن تيئن تيئن ان زنجير جون ٻيون ڪڙيون بہ الوداع جي تياري ۾ آھن ۽ پيپلزپارٽيءَ جو زوال ريڊ سگنل ڏئي رھيو آھي سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ڏھن سالن جي ڪارڪردگي جي پت وائکي ڪرڻ لاءِ ميڊيا جون رپورٽون ئي ڪافي آھن ماضيءَ جي ورقن کي اٿلائبو تہ گهڻو ڪجهہ سامهون اچي ويندو جيڪو پيپلزپارٽيءَ لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو پيپلزپارٽيءَ جو منشور آھي اٽو لٽو ۽ اجهو مان پ پ سرڪار کان ھڪ سوال ٿو ڪريان تہ انھن پنھنجي منشور جي ڪيتري پاسداري ڪئي آھي؟ پ پ سرڪار ڪنھن کي اجهو ٺھرائي ڏنو آھي؟ ڪنھن کي اٽو ڏنو آھي؟ يا وري ڪنھن کي لٽو ڏنو آھي؟ پ پ سرڪار سنڌ ۾ ڪم ضرور ڪيا آھن پر منشور جي ابتڙ ڪيا آھن ڪراچيءَ ۾ آبادگارن ڪمند جي اگهہ لاءِ ۽ پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ بلاول ھائوس آڏو احتجاج ڪيو تہ انھن آبادگارن کي سرد سياري ۾ واٽر ڪينن سان ونھجاريو ويو ان کان ڪجهہ ڏينھن بعد ۾ وري استادن بہ بلاول ھائوس آڏو احتجاج ڪيو ۽ استادن تي لٺن ۽ ڏنڊن جو وسڪارو لائي انھن تي تشدد ڪري انھن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيا ويا ۽ انھن ۾ ليڊي ٽيچرز تي پڻ تشدد ڪري رڍن ۽ ٻڪرين جيان پوليس موبائيلن ۾ اڇليو ويو ۽ ھي اھي ئي استاد آھن جن وٽ پوليس پڙھي ڪلارڪ پڙھيا ننڍا وڏا آفيسر وزير مشير ۽ ٻيا حڪمران پڙھيا سڀ کان وڏي ڳالھ تہ اھي ئي استاد جيڪي سياستدانن کي چونڊن ۾ کٽرائيندا آھن اليڪشن جي ڪئمپن تي انھن جون ئي ڊيوٽيون لڳايون وينديون آھن مطلب تہ آبادگارن ۽ استادن جا ڪپڙا ڦاڙڻ مان اھا ڳالھ ثابت ٿئي ٿي تہ منشور ابتو ھلي رھيو آھي سنڌ ۾ جڏهن مھا ٻوڏ آئي ھئي تہ سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ شھر ٻوڏ سبب تباھ ٿي ويا ھئا تڏهن ٻوڏ متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل ھئا ۽ پي پي جي منشور کي ياد ڪري رھيا ھئا تہ پيپلزپارٽيءَ طرفان اٽو لٽو ۽ اجهو ملندو پر ٻوڏ متاثرن جي اھا اڳڪٿي غلط ثابت ٿئي ان کان پوءِ سنڌ ۾ برسات جيڪا تباھي مچائي ان ۾ ڪيترن ئي مسڪين ۽ غريبن جا اجها ڊھي پٽ ٿي ويا ۽ برسات متاثرن جون اکيون بہ پيپلزپارٽيءَ جي اوسيئڙي ۾ ھيون تہ اسان کي اٽو لٽو ۽ اجهو ملندو پر انھن کي بہ سواءِ مايوسيءَ جي ڪجهہ بہ نصيب نہ ٿيو سنڌ ۾ ٿورڙي ئي عرصي ۾ سوين گهر باھ لڳڻ سبب سڙي خاڪ ٿي ويا آھن جنھن سبب باھ جا متاثر ماروئڙا نٽھڻ اس ۾ کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن ۽ اھو ئي وقت آھي پيپلزپارٽيءَ کي منشور جي پاسداري ڪرڻ جو ڇو تہ ھينئر باھ متاثرين جو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آھي باھ متاثرن وٽ ھن وقت نہ اٽو اٿن نہ لٽو اٿن ۽ نہ ئي اجهو اٿن اگر پيپلزپارٽي انھن باھ متاثرين کي اٽو لٽو ۽ اجهو نٿي ڏئي سگهي تہ پوءِ پنھنجو منشور تبديل ڪري ڇڏي ان منشور جو ڪھڙو فائدو جيڪو عوام کي رليف نہ ڏئي سگهي؟ سنڌ ۾ ڪافي ڏينھن کان باھ جا واقعا ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رھيا آھن ڪٿي ڳوٺن جا ڳوٺ اک ڇنڀ ۾ باھ جي لپيٽ ۾ اچي ويا تہ ڪٿي ان باھ ۾ معصوم ٻارڙا سندن والدينن اڳيان سڙندا رھيا ڪٿي وري پيءُ پنھنجي ٻچن کي باھ مان ڪڍڻ دوران ٻچن سان گڏ سڙي ڪوئلو ٿي ويا پر انھن متاثرن وٽ ڪو بہ حڪومتي وزير لڙي نہ آيو نہ ئي ڪنھن باھ جي واقعن جو نوٽس ورتو سنڌ ۾ ميونسپل انتظاميا بي لغام ٿي وئي آھي باھ لڳڻ جي خبر ملڻ تي فائر برگيڊ گاڏين جا ڊرائيور چون ٿا تہ چيئرمين کان اجازت وٺڻي پوندي ھاڻي جيسيتائين ڊرائيور چيئرمين کي فون ڪري تيسيتائين ڀلي ماڻهو زنده سڙندا رھن ھي پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت آھي جنھن جو نالو
    " پيپلزپارٽي " آھي مطلب عوام جي پارٽي ڪير ٿو چوي تہ پي پي عوام جي پارٽي آھي پي پي تہ وڏيرن ۽ ڀوتارن جي پارٽي آھي ڇا ڪو اھڙو ايم پي اي، ايم اين اي يا وزير مشير جيڪو غريب ھجي جنھن وٽ زمين، بنگلو، بئنڪ بئلنس، يا پراڊو نہ ھجي اگر اھي سڀ ڳالھيون پي پي جي ڪنھن بہ وزير مشير يا ايم اپي اي ايم اين اي ۾ آھن تہ پوءِ چئي سگهجي ٿو تہ پي پي عوام جي پارٽي آھي نہ تہ پي پي ڪالھ ڀٽي جي دور ۾ بہ وڏيرن جي پارٽي ھئي ۽ اڄ بہ ڀوتارن جي پارٽي آھي پي پي مان سنڌ جي عوام کي ڪو بہ فائدو نہ ملي سگهيو آھي غريب عوام بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي بيروزگار نوجوان خودڪشيون ڪري رھيا آھن ميرٽ جي لتاڙ جاري ۽ ساري آھي حقن تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن انصاف ڳوليو ئي نٿو لڀي سرعام قتل عام جاري آھي بجلي جو بحران پاڻي جو بحران دوائن جو بحران انصاف جو بحران ۽ تعليم جو بحران سنڌ ۾ چوٽ چڙھيل آھي تنھن ھوندي بہ پي پي جا حڪمران ڊاڙون ھڻڻ ۾ پورا آھن تہ سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇايل آھن اھي ڄار تہ ضرور آھن پر ترقي جا نہ مسئلن جا ڄار وڇايل آھن اگر سنڌ جي تعليم کاتي تي روشني وجهنداسين تہ تعليم کاتي کي ئي تعليم ڏيڻ جي ضرورت آھي سنڌ جي اسڪولن ۾ معياري تعليم نہ رھي آھي سنڌ ۾ ھن وقت ھزارين اسڪول مختلف مسئلن سبب بند پيل آھن سنڌ جي تعليم کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي ھر سال تعليم جي سڌاري لاءِ اربين رپين جي بجيٽ رکي وڃي ٿي پر تنھن ھوندي بہ سنڌ ۾ ٻارڙن کي وڻن ھيٺان پڙھندي ڏٺو ويو آھي سنڌ ۾ اسڪولن جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ ۽ ٻار زخمي ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي سنڌ جي ٻھراڙي طبقي ۾ تعليم نہ ھئڻ برابر آھي جنھن سبب سنڌ جي ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي ڪٿي اسڪول آھي تہ استاد ڪونهي ڪٿي استاد آھي تہ اسڪول ڪونهي ڪٿي وري وڏيرا اسڪولن کي اوطاقن ۾ تبديل ڪري ويٺل آھن ڪٿي ڪمدار بڻيل ماستر جيڪي وڏيرن کي خوش رکڻ لاءِ اسڪول ئي نٿا کولين يا ڳوٺ ۾ شل نہ ڪنھن جو قضيو ٿئي ماستر کي چوندا وڄاءِ گهنٽي موڪل ڪر ڦلاڻي جي ڪُراڙي گذاري وئي آ تڏو وڇائينداسين يا وري ڳوٺ ۾ ڪنھن جي ڪا شادي وغيره تي بہ اسڪول خالي ڪرايا ويندا آھن ڇا اسڪول ان لاءِ تعمير ڪرايا ويندا آھن تہ انھن ۾ تڏو وڇائي افسوس ڪجي يا شمايانہ ھڻي ڀت ڪجي؟ پي پي گهرجي تہ پنھنجن ايم پي اي يا ايم اين ايز کي الڳ اوطاقون تعمير ڪرائي ڏئي جيڪڏهن اسپتالن ڏي نظر ڪنداسين تہ سنڌ ۾ صحت کاتي جي ڇا ڳالھ ڪجي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي گذريل ڏھن سالن کان وٺي سنڌ جو سرڪاري اسپتالن جي حالت ڳڻتي جوڳي رھي آھي اگر ڪو مريض سرڪاري اسپتال ۾ علاج لاءِ وڃي ٿو تہ ان کي ھمدرديءَ سان ڏس ڏئي حيدرآباد، نوابشاھ يا ڪراچي علاج لاءِ وڃڻ جو مشورو ڏنو وڃي ٿو سرڪاري اسپتالون صحت گهر مان ريفر گهر ۾ تبديل ٿيل آھن ھن وقت بہ ڪيترين ئي اسپتالن ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين موجود ڪونهي نانگ ڪکڻ جي ويڪسين موجود ڪونهي ھر سال اربين رپيا بجيٽ صحت کاتي لاءِ رکي وڃي ٿي اھا بجيٽ آخر ڪٿي خرچ ٿئي ٿي جو ٻارنهن ئي مھينا اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ برقرار رھي ٿي ان کان علاوه سنڌ ۾ ڪجهہ اسپتالون اھڙيون بہ آھن جيڪي سنڌ سرڪار نٿي سنڀالي سگهي ۽ اھي وري اين جي اوز جي مختلف ادارن کي ڏنل آھن سنڌ جا حڪمران پنھنجي علاج لاءِ لنڊن يا دبئي ويندا آھن ڇو تہ اھي پنھنجي اسپتالن جي حالتن کان واقف آھن اگر بيروزگاري جي ڳالھ ڪجي تہ ڏھ سال لڳاتار ڊگهو عرصو اقتدار جا مزا ماڻيندڙ سنڌ مان بيروزگاري جو خاتمو بہ نہ آڻي سگهيا سنڌ ۾ بيروزگاري عروج تي آھي پڙھيل ڊگري يافتہ نوجوان ڇولا کپائڻ تي مجبور آھن ڪيترائي نوجوان ڊگريون ھوندي بہ ھوٽلن تي بيرا ٿي ڪمائي رھيا آھن ۽ ان کان علاوه معصوم ٻار جن جيڪي پڙھڻ جي عمر ۾ جبري پورھيو ڪري رھيا آھن جن جي ھٿن ۾ ڪتاب ھجڻ گهرجن انھن جي ھٿ ۾ پيٽ گذر جو سامان ڏسي سنڌ جي تباھي جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو اگر ڪنھن بہ کاتي ۾ نوڪريءَ جون پنجاھ جايون خالي ھونديون تہ ان لاءِ ڏھ ھزار درخواستون گهرايون وينديون ۽ ان کان پوءِ انٽرويو ۽ ٽيسٽون وٺڻ بعد سفارش يا پئسن تي نوڪريون ملن ٿيون مطلب تہ ميرٽ جو جنازو نڪري چڪو آھي گذريل ڏھن سالن ۾ پ پ سرڪار ڪنھن غريب کي نوڪري ڏني؟ ڪنھن غريب کي حق مليو؟ سنڌ جي حالت ايتري خراب ٿي وئي آھي جو بيروزگاري کان تنگ ٿي ماڻهو خودڪشيون ڪري رھيا آھن مھانگائي عروج تي آھي ھڪ مھانگائي ٻيو بيروزگاري سبب ماڻهو ذھني مريض ٿي چڪا آھن سنڌ ۾ رشوت جي بازار گرم ڪئي وئي آھي جائز ڪم بہ رشوت کان سواءِ نہ ٿو ٿئي ماڻهن ۾ ڏينھون ڏينھن غربت وڌندي پئي وڃي اھا غربت ايتري تہ وڌي وئي آھي جو ماڻهن وٽ " ڪفن " لاءِ بہ پئسا ناھن مرڻ کان پوءِ فوتي جا وارٽ جهوليون جهلي ڪفن جي پسئن لاءِ چندو ڪري رھيا آھن پ پ سرڪار کي گهرجي تہ پنھنجو منشور تبديل ڪري يا پنھنجي منشور جي پاسداري ڪري پر پاسداري ڪرڻ پ پ جي وس جي ڳالھ ناھي ڇو تہ پ پ سنڌ ۾ ڪک پن چٽ ڪري ڇڏيو ھر ادارو تباھ ٿيل نظر اچي ٿو بيروزگاري ناچ ڪري رھي آھي پڙھيل لکيل نوجوان مزدوري ڪرڻ ۽ ڇولا کپائڻ تي تي مجبور آھن نوجوان پنھنجون معياري ڊگريون ھٿن ۾ کڻي ايم پي اي، ايم اين اي، سرڪاري، خانگي ادارن، فيڪٽرين ۽ ڪمپنين ۾ نوڪريءَ لاءِ رلندا وتن ٿا پر انھن کي سواءِ آسرن ڌڪن ٿاٻن جي ڪجهہ بہ نصيب نہ ٿو ٿئي ميرٽ جي لتاڙ عروج تي آھي سنڌ جي عوام کي ھن خط ذريعي ننڍڙي گذارش ٿو ڪريان تہ ھن ڀيري پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪندا سنڌ جي تقدير خاطر غريب عوام خاطر ۽ بيروزگار نوجوانن خاطر ۽ انھن غريبن خاطر جيڪي ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آھن ۽ انھن ماڻهن خاطر جيڪي ڪفن جي پئسن لاءِ خيرات گهرڻ تي مجبور آھن انھن ماڻهن ۽ سنڌ جي قسمت بدلائڻ خاطر پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو سنڌ ۾ سڀ کان وڏو آزار بجليءَ جو آھي ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ چوويھ ڪلاڪن مان ارڙهن ڪلاڪ بجلي بند ڪئي ٿي وڃي باقي ڇھ ڪلاڪ ھلندڙ بجلي کي مختلف ٽائمز جي جهٽڪن سان کولي وڃي ٿي سنڌ ۾ ڪجهہ اھڙا ڳوٺ بہ آھن جتي بجليءَ جو نالو ئي ڪونهي ۽ انھن ڳوٺن مان پ پ ووٽ کڻندي اچي ٿي ھن وقت بہ سنڌ جي شھرن ۾ چار کان پنج ڪلاڪ جو ڊگهو شيڊول ھلائي لوڊشيڊنگ ڪري بيروزگاري ۽ معاشي بدحاليءَ کي ھٿي وٺرائي پئي وڃي اڄڪلهہ سڄو ڪاروبار بجليءَ تي هلي رهيو آهي درزين جو ڪم بہ بجليءَ جو ڊکڻن جو ڪم بہ بجليءَ جو ويلڊنگ جو ڪم بہ بجليءَ جو اليڪٽرڪ مسترين جو ڪم بہ بجليءَ جو مطلب تہ سڄو ڪاروبار بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي ڪري تمام گھڻو متاثر ٿي رهيو آهي جنھن سبب معاشي بدحالي وڌي رھي آھي پاڻي فراهم نہ ٿيڻ ڪري زرعي فصل تباهہ ٿيڻ لڳا آهن، ۽ اڪثر علائقن جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، جنهن سبب آبادگار طبقو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي گذريل ڏھن سالن ۾ کان وٺي آبادگارن سان ويساھ گهاتيون عروج تي رھيون آھن شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي پھچي ئي نٿو ڇو جو منڍ واريون زمينون سياسي ڀوتارن يا بااثر ماڻهن جون آھن جيڪي پڇڙي وارين زمينن جي حصي جو پاڻي پنھنجي زمينن ڏانھن وھائي ڇڏين ٿا اھو پاڻي جو مسئلو ھڪ طرف تہ وري پيئڻ جو پاڻي بہ اڻلڀ ٿي ويو آھي پ پ سرڪار جيڪا سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رھي آھي ان کان ڪير پڇي تہ سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران ڇو آھي جو سنڌ جي مختلف شھرن جا رھواسي پيئڻ جو پاڻي بہ پئسن تي خريد ڪري رھيا آھن پ پ جو منشور آھي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان پر روٽي ڪپڙا ۽ مڪان تہ پري جي ڳالھ آھي پر پيئڻ جو پاڻي بہ نٿو ملي آخر پ پ سرڪار سنڌ جا اھي مسئلا ڪڏهن حل ڪندي؟ اوھان وٽ اگر ڪير بہ ووٽ وٺڻ لاءِ اچي تہ ان کان پڇاڻو ڪيو تہ پورا پنج سال ڪٿي ھوندا آھيو؟ ۽ پنھنجي تڪ جي عوام کي ڪنھن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ويندا آھيو ڪمند پوک تہ اگهہ ناھي ڪڻڪ پوک تہ بارداڻو ڪونهي اسڪولن ۾ تعليم ناھي ماستر ناھن اسپتالن ۾ دوائون ناھن ڊاڪٽر ناھن زراعت لاءِ پاڻي ناھي پيئڻ لاءِ پاڻي ناھي پ پ جا حڪمران آخر عوام کي ڪھڙي گناھ جي سزا پيا ڏين؟ سنڌ کي اگر انھن ڪرپٽ حڪمرانن کان بچائڻو آھي تہ ھي وقت آھي پنھنجي ووٽ جي صحيح استعمال جو پنھنجو ووٽ صحيح ماڻهوءَ کي ڏيو تہ جيئن مستقبل ۾ پڇتائڻو نہ پوي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو