(1895ع ___ 1976ع ) مولوي ميان ثناءُ الله ولد اله بخش فقير کوهارو ويٺل سهڙا ڍورائي تعلقه ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو تخلص ثنائي 9- صفر 1313 ہ بمطابق پهرين آگسٽ 1895ع ڌاري ڄائو . تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين . پاڻ مولانه تاج محمد امروٽي جا مريد هئا ۽ خلافت مليس . عشق جون مهميزون برداشت ڪيائين. سندس شاعري مجاز، مزاحيه ، مولود، نظم ، ۽ مداحون خطبا وغيره منظوم ڪيائين . سندس ڪلام تمام ڇپجي ظاهر ٿيو سن 1339ع ھ 1918ع کان وٺي يا اڃا به ڪجھ اڳ ڪلام چوڻ شروع ڪيائين . ڪلام وزن بحر جي قالب ۾ بند ڪيل آھي. سندس ڪافيون هزار کان به مٿي چيل آھن . پاڻ 26 ڊسمبر 1976 ع تي رحلت ڪيائين. ڪلام عشق گهر پنهنجو ڇڏائي ، ٿو رلائي دربدر بادشاهن کي ڀلائي . ٿو پنائي دربدر . هير لئه حيران ٿي ڪيو تخت کي رانجهن ترڪه شاه زادو شوق مئون مرلي وڄائي در بدر نازنينن نامدارن کي نمائي نينهن ٿو. جهوپڙيون ڪانن ڪکن جون ٿو اڏائي دربدر . عشق عابد ٿو ڀلائي سڻ قصو صنعان جو . دين دنيا نام نيڪي ٿو وڃائي دربدر. اي ”ثنائي“ عشق وارا ڪين خواري ڀئي ڊڄن . ٿو نچائي عشق هي ڀولو بنائي دربدر.