سنڌي بلاگنگ ۾ هڪ نئين خوبصورت ٽيمپليٽ جو اظافو

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ محمد راشد شر طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2018۔

  1. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اسان وٽ بلاگ لکڻ جو رجحان تمام گھٽ آهي. جيڪو ٿورو گھڻو اڳ ۾ هيو اهو به آهستي آهستي گھٽبو پيو وڃي. ماڻهن جو گھڻو ڌيان سوشل ميڊيا جي ويبسائيٽن ڏانهن آهي، اهي پنهنجو گھڻو وقت سوشل ميڊيا جي ويبسائيٽن تي وقف ڪن ٿا. پنهنجون تحريرون فيسبوڪ تي ونڊين ٿا ۽ ٻين جي تحريرن تي پنهنجا خيال ونڊين ٿا جيڪو اڄڪلهه جي ماڻهن جو فيسبڪ تي اهم مشغلو رهي ٿو.
    ياد رکو ته فيسبڪ بحث مباحثن لاءِ ناهي. فيسبڪ سماجي رابطن جي لاءِ هڪ ويبسائيٽ آهي.
    جيڪڏهن توهان هڪٻئي جي خيالن تي بلاگ يا فورم تي بحث مباحثا ڪندؤ ته ان عمل سان ٽيڪنالاجي ۾ ٻوليءَ جي ترقي کي هٿي ملندي. ٻولي جو ڊيٽابيس وڌندو..
    خير.... فيصلو اوهان جي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن فيسبڪ جي تحريرن کي بلاگ تي رکندؤ ته وڌيڪ بهتر رهندو.
    ته پوءِ دير ڇا جي...
    اڄ ئي قلم کڻو ۽ بلاگ لاءِ لکڻ شروع ڪريو ۽ پنهنجي بلاگ کي ڪنهن به پنهنجي پسند جي مطابق خوبصورت سنڌي ٻولي ۾ ٽرانسليٽيد بلاگر ٽيمپليٽ سان سجايو.

    سمورين ڳالهين کي نظر ۾ رکي آئون اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪندس خوبصورت ريسپانسو بلاگر ٽيمپليٽ.
    هي ٽيمپليٽ اصل ۾ e-learn ٽيمپليٽ جو سنڌي ترجمو آهي. ٽيمپليٽ کي تمام جلد رليز ڪيو ويندو بس ٿورو انتظار.
    ٽيمپليٽ جي حوالي سان تفصيل ۾ رليز ڪرڻ وقت ئي لکبو في الحال ايترو ئي.

    ٽيمپليٽ جو عارضي ڏيک

    ياد رهي ته هن ٽيمپليٽ ۾ ٽيمپليٽ جا کوڙ حصا شامل ناهن ٿيل. ٽيمپليٽ کي مڪمل ڪري سمورين خوبين سان اوهان جي خدمت ۾ تمام جلد پيش ڪيو ويندو.
    جيستائين آئون ٽيمپليٽ کي آخري شڪل ڏيان تيستائين توهان بلاگ لکڻ جي تياري ڪري وٺو.
    پنهنجي قيمتي راءِ کان آگاهه ڪرڻ هرگز نه وسارجو.
    اوهان جي مثبت موٽ جو انتظار رهندو.

    خدا حافظ


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
    عبيد ٿھيم، ذيشان رشيد ۽ عاشق سولنگي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واھ واھ ... راشد اوھان جي محنت وڻي.
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو