تنهنجون يادون ۽ اڪيلائي …!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    عاشق نظاماڻي صاحب جي مٺڙي آواز ۾ جڏهن هي گانو ٻڌندو آهيان تہ سڄو سارو ڌيان، سڄي سمجھ، سڄو عقل، سڄو فهم توڙي دانش هڪ پاسي ٿي ڪري الائي ڪٿي گم ٿي ويندو آهي، ذهن منجھ اُڪريل تنهنجي يادن جا سهڻا توڙي خوبصورت عڪس چٽا ٿي ڪري منهنجي سڄي ڏاهپ کي يرغمال بڻائي مون کي اداسين جي پاڇن اڳيان اچي ڪري ويهاري ٿا ڇڏين

    آءُ دنيا سان گڏ هلڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، پنهنجي پاڻ کي مختلف اٽڪلن سان مصروف رکي رهيو آهيان، اجائي توڙي ننڍڙي نوعيت جي ڪمن ڪارن ۾ بہ پاڻ اڙايا پيو، ان سڀ ڪجھ ڪرڻ جي باوجود بہ هن گاني جي هلڻ شرط، آءُ سڄو سارو پنڊ پهڻ ٿي وڃان ٿو، تنهنجي يادن جي گهڙين کي مون تي هاوي ٿيڻ جو ٺاهوڪو موقعو ملي وڃي ٿو، تنهن ٽائيم آءُ صفا زيرو بڻجي ويندو آهيان، منهنجي ڪائي اوقات باقي نٿي رهي، آءُ پنهنجي پاڻ کي تنهن ٽائيم کوکلو محسوس ڪرڻ لڳندو آهيان

    دنيا جي مرضي آهي، اُهي ڀلي منهنجي ڪيفيتن توڙي جذباتن جو مذاق اڏائن، کين ڀلي منهنجيون ڳالهيون ڪنهن ديواني جي خواب جهڙيون لڳنديون هجن، پر حقيقت اِها ئي آهي، جيڪا مون تون سان بيان ڪئي آهي، آءُ ڪنهن بہ قيمت تي تو کي پاڻ کان بي خبر رهڻ نہ ڏيندس، منهنجو هر پل، هر گهڙي، هر سيڪنڊ تنهنجي ئي سوچن ۾ گذري ٿو، آءُ سڄو سارو پاڻ کان بي نياز ۽ بي خبر ٿي ويو آهيان

    ڪمال تہ اِهو آهي جو هن گاني جا ٻول منهنجي جسم جي هر هڪ انگ انگ مان سُرندي وانگر واڄٽ ڪري وڄڻ لڳندا آهن، منهنجو سڄو وجود بانسري بڻجي ڪري پنهنجي اندران مختلف سُرن کي جنم ڏيندي رهندي آهي، منهنجو من ڪوئل جي ڪنهن لات وانگر تنهنجي تات ۾ آهي - اي ڪاش جي تون اِهو سڄو ڪجھ سمجهي سگهي ها تہ ائين ڇو آهي…!!!
     
    عاشق سولنگي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو