1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ڏينهن ۽ رات جا راز ۽ رمزون.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    425
    ورتل پسنديدگيون:
    594
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    روح جو جسم سان اهو ئي تعلق آهي جيڪو رات جو ڏينهن سان.رات ۽ ڏينهن جو هڪ ٻئي ۾بدلجڻ تبديليء جي نشاني آهي پر سڪون جي ڳولا ڪندڙ لاء ان ۾ سڪون ڪونهي.شاعريء جي دنيا ۾ جيڪر تبديليء کي سڪون ملي به وڃي ته به انسان کي تبديليء ۾ سڪون نٿو ملي.رات چنڊ سان ڳنڍيل جڏهن ته ڏينهن سج جي اڀرڻ جو اعلان آهي.ڏينهن گذر سفر جي مشقتن ۽ محنتن جو داستان آهي ۽ رات روح جي سوز۽ساز سان ڀريل مست نغمو.ڏينهن جسم آهي ۽ رات روح!ڏينهن عقل جي استعمال سان حرڪت ۾ اچڻ جي توانائي حاصل ڪري ٿو ۽ رات روح جي حرڪت سان آرام پائي ٿي.ڏينهن جون مشغوليون رات ۾ ۽ رات جون مشعوليون ڏينهن جو اختيار ڪيون وڃن ته زندگي غير متوازن بڻجي وڃي ٿي.جيڪو ذرو جنهن مقرر جڳهه تي موجود آهي سو سج آهي.قرآن ڪريم جي ازلي اصول مطابق؛ “ نه سج جي اها مجال جو چنڊ کي پڪڙي سگھي ۽ نه ئي چنڊ کي اهڙي طاقت جوسج جي جڳهه وٺي سگھي.” انسان جسم ۽ روح ٻنهي جو گڏيل مرڪب آهي.جسم روح جي سواري آهي ۽ روح نفس جي سواري! اصل ۾ انسان مان مراد انسان جونفس آهي.نفس رڳو “ اماره “ نه پر نفس “ لوامه“ ،ملهمه “ ۽ “ مطمئنه “ به هوندو آهي.جنهن نفس کان پاسو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي سو “نفس اماره ” آهي، جنهن نفس جو خداوند ڪريم قسم کنيو آهي سو “نفس لوامه” آهي،جنهن نفس تي لڪيل حقيقيتون کوليون وڃن ٿيون سو “نفس ملهمه” آهي ۽ جنهن نفس سان خداوند ڪريم جي ذات بابرڪات دلنشين انداز ۾ پاڻ مخاطب ٿئي ٿي سو پڪ سان “نفس مطمئنه ” آهي. جسم ۽ روح جوڙڻ واري ئي ڏينهن ۽ رات به بڻايا آهن. ڪون مڪان جي خالق رات روح جي غذا،سينگار ۽ نگرانيء لاء نازل ڪئي ۽ ڏينهن جسم ۽ ان جي پرورش لاء مقرر ڪيو.رات کي تسڪين ۽ مزي جو سبب ٻڌايو ويو.سمجھڻ گھرجي ته تسڪين يا مزي جو تعلق روح سان آهي جسم سان ڪونهي.رات جي خيمي ۾ پناهه وٺندڙ کي گھرجي ته هو دل کي چنڊ طرف متوجه رکي.چنڊ ڪهڙو به هجي اهو روح جي سمنڊ تي پنهنجو اثر رکي ٿو.سمنڊ ۾ اٿندڙ ۽ لهندڙ لهرن جو سمورو دارومدار چنڊ جي روشنيء تي آهي.ڏينهن جو روشني هوندي آهي ۽ رات جو نور! روشني بصارت يعني نظر کي جھڪو ڪيو ڇڏي جڏهن ته نور بصيرت يعني دانائيء کي وڌائي ٿو. حقيقي مومن جو ته شان ئي اهو آهي جو هو ڏسي ئي خدا جي نور سان ٿو انهيء ڪري سندس فراست يعني دانائِيء کان ڊڄڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي.“فراست ” سياست جي ڪتاب جي ڪا شيء ناهي جو سياست جي هر وار جو ٽوڙ موجود هوندو آهي پر فراست سڌو آسمان کان وار ڪري ٿي ۽ سمورين چالاڪين جي چيلهه ڀڃي وجھي ٿي.

    جنهن جي رات روشن ناهي ان جو ڏينهن به اونداهون آهي.رات جو جاڳڻ وارا جيڪر ڏينهن جو سمهيل ڏٺا وڃن ته سمجھڻ گھرجي ته رات جو روح جي صحيح پرورش نه ٿي سگھي.روح جي صحيح پرورش نه ٿي سگھي ته جسم به وساڻل بڻجي وڃن ٿا.چهري جي چمڪ روح جي چمڪ جي خبر ڏئي ٿي.صبح ساجھر چهرو اهو راز کوليو ڇڏي ته رات ڪيئن گذري آهي.رات جاڳي گپون هڻڻ يا عيش عشرت ڪرڻ کي شب بيداري يا رات جي جاڳ نٿو چئجي بلڪه شب بيداري ته ٻانهي جو پنهنجي مالڪ سان سرگوشيون ڪرڻ ۽ سوچ ويچار جي اعتڪاف جو نالو آهي. رات جي جاڳ سان جيڪر اسر جون آهون شامل نه هجن ته پوء اها رات جي جاڳ نه پر عيش پرستي آهي. رات جي وقت نور بدران روشنين طرف ڌيان ڏيڻ وارو پنهن جي لاء ڏينهن جو سمان به اونداهون ڪريو ڇڏي.جن ۾ نور ۽ روشنيء جي فرق سمجھڻ جي صلاحيت آهي ،رات انهن لاء عالم بالا يعني مٿئين جهان ۾ پهچڻ جو هڪ رستو آهي.رات بدن لاء نه پر روح لاء قرار جي جاء آهي.روح کي لطافت يعني شفافيت طرف رستو نه ملي ته بي چين رهي ٿو،روح جي طاقت ئي لطافت آهي.ڪثافت ۽ اڻ شفافيت انهيء کي ڏٻرو ڪري ڇڏي ٿي.ان فرق کي صرف اهي ئي سمجھن ٿا جيڪي نور ۽ روشنيء ۾ فرق ڪرڻ ڄاڻن ٿا.روشني ۽ نور ٻه الڳ حقيقتون آهن.جن کي روشني وڻي ٿي انهن لاء نور اونداهي آهي.ظاهر آهي ته ظاهر پرست اک کي نور ۾ اونداهي نظر اچي ٿي،اها نور کي ڪيئن ٿي ڏسي سگھي!ڪعبي جي چادر جو رنگ ڪارو آهي،ليليٰ به ڪاري. قيس شاعر جي زبان مان چورايو ته جنهن مس سان قرآن ڪريم جا اکر لکيا وڃن ٿا اها به ڪاري آهي.نور جو رنگ ڏسڻ لاء گھٽ ۾ گھٽ اها اک هئڻ گھرجي جيڪا قيس وٽ هئي.ڪيترين ئي سچائين کي سمجھڻ لاء ڄاڻڻ ضروري آهي پر ڪيترين ئي حقيقتن کي ڄاڻڻ لاء پهرين انهن کي اڻ ڏٺو مڃڻ ضروري آهي. جيڪو طبيب کي طبيب ئي نه مڃي ته اهو طب جي الف بي ڪيئن سکي سگھندو؟اهو ڪيئن ڄاڻي سگھندو ته بدن جي علمجي باب ۾ طبيب ان کي ڇا سيکارڻ گھري ٿو؟ طبيب کان سواء طب ٻيو ڇا آهي سواء وهمن ۽ قياس آرائيء جي!جيڪو مڃڻ کان انڪاري هوندو ان جو ڄاڻڻ به ڪسو ۽ ناقص هوندو ڇو ته هو جيڪي ڪجھه ڄاڻي ٿو اهو سڀ سندس ذهن جو خيالي بت آهي.اهڙي ماڻهوء کي چئبو آهي پنهنجي عقل جو اسير ۽ پنهنجي ئي فهم جي سرڪس جو جھولو جھلندڙ،پنهن جي ئي طيء ڪيل منطق جا ڪرتب ڏيکاريندڙ. هو ان ظاهري ڪلام جي اندر لڪيل مٿانهون فهم ڪيئن سمجھي سگھندو جنهن جو مرڪز انساني عقل ناهي!اسان جي پنجن حواسن جو علم ايتروئي محدود هوندو آهي جيترو محدود اسان جا حواس آهن. سائنسي اوزار توڙي جو اسان جي پنجن حواسن جي صلاحيت جي رينج ضرور وڌائين ٿا پر انهن اوزارن جي صلاحيت جي به ڪا نه ڪا حد مقرر آهي. ڪجهه ماڻهو سمجھن ٿا ته غائب ۽ حاضر ۾ فرق صرف ڄاڻڻ ۽ نه ڄاڻڻ جي فرق وارو آهي.هڪڙو شخص ڪنهن حقيقت کان واقف آهي ٻيو واقف ناهي ته پهرئين شخص لاء اها حقيقت حاضر جڏهن ته ٻئي لاء غيب قرار پائيندي.پر ايئن هرگز ناهي غيب ۽ حاضر جو علم نسبتي ناهي يعني انهن ۾ نسبت ڄاڻڻ ۽ نه ڄاڻڻ جي نه پر مڃڻ ۽ نه مڃڻ جي آهي.غيب جي دنيا اها آهي جتي نه ته انسانن جي حواسن جي ڪا پهچ آهي ۽ نه ئي انساني عقل،فهم ۽ دانش جي رسائي.جنت،دوزخ، ميزان پلصراط ۽ ٻيون اهڙيون سڀ شيون غيب سان تعلق رکن ٿيون انهن کي ڄاڻڻ لاء اسان کي مڃڻ واري مرحلي مان گذرڻو پوي ٿو.ٻي صورت ۾ اسان مذهبن جي عالمي ڀيٽ وارن مرحلن ۾ منجهي ڪري رهجي وينداسين.حقيقت ۾ “يومنون بالغيب “ جو مطلب رسول خدا خاتم النبيين ﷺ تي ايمان آڻڻ آهي جيستائين رسول خدا ﷺ تي ايمان نه هوندو تيستائين ﷲ ۽ يوم آخرت تي ايمان جي دعويٰ فقط دوکو آهي.غيب کان سواء ٻيو هر علم مادي سان تعلق رکي ٿو.توانائيء جا ڪرشما ۽ زماني واقعن کان واقفيت به پنهنجي اصل ۾ مادي ڄاڻ آهي.توانائي مادي کان جدا ناهي ۽ زمان مڪان کان الڳ ناهي.اهي ٻئي حقيقتون هڪ ٻئي سان گڏ وچڙ ٿيل آهن.هڪ کي جدا ڪبو ته ٻي بي معنيٰ بڻجي ويندي.مادي علم ذريعي مادي کي قابوء ۾ ته آڻي سگھجي ٿو پر انسان پنهنجي نفس جي قابوء ۾ رهي ٿو.جنهن ڪري پنهنجي وجود کان مٿانهين حقيقتن جا راز حاصل ڪري نٿو سگھي.نفس جي قابوء مان ٻاهر نڪرڻ کي ئي نفس جو تزڪيو (پاڪائي) چئبو آهي ۽ اهائي “نجات ۽ نرواڻ” آهي.

    مطلب اهو ٿيو ته جهڙيء طرح جسم ظاهر آهي ۽ روح باطن،اهڙيء طرح ڏينهن ظاهر آهي ۽ رات باطن! باطن جو عرفان نه هجي ته ظاهر ڪوڙو ٿي وڃي ٿو.پوء سڄي ڪهاڻي ئي اجائي ٿي وڃي ٿي.روح جو منڪر پنهنجي جسم سان به انصاف ڪري نٿو سگھي .رات جيڪر روحانيت کي هٿ نه ڪري سگھي ته پوء ڏينهن پنهنجي سموري عقل جي روشنيء ۾ به مادي سان انصاف نه ڪري سگھندو ڇوته باطن ئي ظاهر تي حڪومت ڪري ٿو.

    رات جا راز عجيب آهن،جيڪر رات جو انسان کي نفس جي حڪومت کان نجات ملي وڃي ته رات روحاني سير جو ذريعو بڻجي وڃي ٿي،عظيم علمن کان واقف ڪرائي ٿي ۽ هن ڪائنات جي روح سان هم ڪلام ڪرڻ جو شرف بخشي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو