1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

اکڙين کان اکين تائين جو سفر …!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    125
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺري ميرواه جي جي هڪ ننڊڙي ڳوٺ جو رهاڪو آهيان
    رات جو چڱو پھر گذري چڪو آهي، اجهو ڀر واري مسجد مان ”اٿو مسلمانو روزا رکو“ واري صدا بلند ٿيڻ تي آهي، ان مسجد مان بلند ٿيندڙ ان صدا کي ٻڌندي اڄ تقريبن مون کي پندرھون ڏينهن گذري چڪو آهي پر ان جي باوجود آءُ سندس ان گذارش تي ڪڏهن اٿيو ناهيان، مون ڪڏهن سندس ان صدا جي موٽ ۾ کيس لبيڪ ناهي چيو، ڇو تہ ان آواز جي بلند ٿيڻ تائين آءُ توکي ئي سوچيندو رهندو آهيان پر جڏهن اهو آواز بلند ٿيڻ لڳندو آهي تہ تڏهن منهنجي سوچڻ واري تسلسل کي اهو آواز ٽوڙي وجهندو آهي آءُ ڪنهن بہ قيمت تي توکي پنهنجي سوچن کان پري رکڻ نٿو چاهيان…!!!

    منهنجا نيڻ پوري رات ستارن جي سجاوٽ ۾ توکي تلاش ڪندا رهندا آهن، ڪنهن مھل چنڊ جي چانڊوڪي ۾ تنهنجي هڪ جهلڪ ڏسڻ خاطر ڪي ئي ساعتون سُن ٿي وينديون آهن تہ وري ڪنهن مھل ڪائنات جي ارد گرد نظرن کي ڦهلائي ڪري تنهنجي جانچ پڙتال ۾ لڳي وينديون آهن، منهنجون اکڙيون خواب ڏسڻ کان عاري ٿي ويون آهن کين اِها پڪ ڪي ڏينهن پهريان کان ئي ٿي چڪي هئي تہ بند اکين جا خواب اڪثر ساڀيان کان خالي ثابت ٿيندا آهن ۽ وري کليل اکين سان خواب ڏسڻ جي اجازت کين ڪين آهي، ڇو تہ هي زمانو ازل کان مصنوعيت ڏي مائل آهي ۽ کين حقيقي فراق، وصال توڙي حاصل جي خبر ئي ڪانہ آهي…!!!

    تنهن جي باوجود بہ اکين کي تلاش آهي انهن اکين جي، جن اکين هنن اکين جي سڪون کي پاڻ سان گڏ ڪنهن اڻ ڏٺي پار ڏي موڪلي ڇڏيو هو، شايد ڪنهن اهڙي پار ڏي جتي نيڻن جا سوداگر گهڻا هئا، جتي دل لڳي توڙي اندر جي احساسن جو ڪو مناسب مُلھ نہ هو، تنهن هوندي بہ ڇا ڪجي، اکڙين اچي من اندر مانڌاڻ مچائي جو مون کي هڪ صوفي جي ڪلام جا ڪجھ بند ياد اچڻ لڳا، جنهن جا ٻول هيا تہ” اکڙين کي ڪيان مان ڇا، جو ڪَلوُر ڪري آيون، محبوب ڏسي من کي مجبور ڪري آيون“، منهنجو من بہ واقعي ئي مجبور ٿي ڪري تنهنجي اکڙين کي تلاشي رهيون هيون…!!!


    آءُ رات جي پھر کان بي نياز ٿي ڪري تون کي پنهنجي سوچن ۾ ڳولي رهيو هيس، سوچيندي سوچيندي آخر منهنجي سوچڻ واري سگھ بہ جواب ڏئي وئي، مٿان آسمان جا ستارا مون تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، منهنجي کٽ جي سيراندي جي پاسي کان هڪ اُلُو اچي ڪري ويٺو، سندس موجودگي مون کي پنهنجي پاڻ کان نادان ثابت ڪرڻ ۾ مصروف عمل هئي، آءُ سندس موجودگي کي غير موجودگي ڀائيندي وري بہ تو کي سوچڻ لڳس، آسمان طرف نهارڻ لڳس، ڪائنات جي وجود بابت پنهنجي پاڻ کان سوال جواب ڪرڻ لڳس…!!!


    مون کي ڪائنات جو هر هڪ رخ، هر هڪ جوهر، هر هڪ منظر خوبصورت کان خوبصورت محسوس ٿيڻ لڳو، پر کن پل ۾ وري سڄي حُسناڪي مون کان موڪلائي توڏي پيرين پنڌ ڪرڻ لڳي، آءُ جسماني طور پنهنجي بستري تي سُن ٿي ڪري پيو هيس پر ان جي باوجود منهنجون سوچون ڊورن ڪئميرا بڻجي ڪري تو کي تلاشي رهيون هيون، منهنجي نيڻن جي بيقراري جو اصل سبب تنهنجا ترشيلا ڀورا نيڻ آهن جن ۾ کٽ جبل جيترا وڏا خواب پروان چڙهي رهيا آهن…!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو