ڳالهيون سمجهه ۾ نٿيون ويهن!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    *خبرون خير. سابق وزيراعظم عباسي صاحب ويندي ويندي لوڊ شيدنگ جو جن ته بوتل ۾ بند نه ڪري سگھيو پر آخري ڏينهن تي “عوامي ڀلائي ” جا ٻه وڏا ڪم ڪري ويو.هڪ ته سابق پرڌان منتريء جي پروٽوڪول ۽ ٻين رعايتن ۾ خاطر خواهه اضافو ۽ ٻيو مختلف بينڪن کان ڳري وياج تي قرضن جون ڳٺڙيون،باقي اڳتي لاء عوام ڄاڻي ۽ عوام جو ڪم.جڏهن هن جي دل جو وزيراعظم ئي ميان صاحب آهي ته پوء ڀلا هو ميان صاحب جي لاء ايترو به نه ڪري؟ پر هڪڙي ڳالهه جيڪا شايد عباسي صاحب کي وسري ويئي سا اها ته اهي جيڪي به شاهه خرچيون سندس پياري نااهل وزيراعظم تي ٿينديون سي عوام جي قومي خزاني مان ٿينديون .محبت جي ته تقاضا اها هئي ته ڪجهه پنهنجي کيسي به چهڪ ڏئي ها.

    * مائي ريحام اڪ پن ڪارا ڪري ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو آهي.چون ٿا ته ڪتاب ۾ جيڪي سچيون يا ڪوڙيون ڪهاڻيون بيان ڪيون وييون آهن تن کي ڪو شريف ماڻهو پڙهي نٿو سگھي . هتان وري ڪپتان جو توپ شڪن دستو ميدان ۾ لهي پيو آهي جن به جوابن ۾ وسان نه گھٽايو آهي. ان سڄي اڻ وڻندڙ قصي ۾ سمجهه ۾ صرف اهو نٿو اچي ته مسلم ليگ نون وارن جاسوسن کي ڪتاب جي اچڻ کان پورا ٻه سال پهرين ان ڪتاب ۾ جيڪي رنگ برنگي گل ڊزائين ٿيل آهن تن جو پتو ڪيئن پئجي ويو؟شايد اسان جي سياست جي ترقي يافتا شڪل اها ئي آهي.

    ان ڪتاب ۾ ته خبر ناهي ڇا ڇا هوندو پر تازو مائي ريحام خان انڊيا جي هڪ ميڊيا چينل کي جيڪو انٽرويو ڏنو آهي تنهن ۾ هن عورتن جي باري ۾ جيڪي ان وڻڻندڙ خيال ظاهر ڪيا آهن،خدا ڏي پناهه!

    * اليڪشن وارن نامزدگي فارمن متعلق لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي بعد سياست جي ايوانن ۾ پيدا ٿيل قيامت جي منظر مان هڪڙي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ويئي ته پراڻن فارمن ۾ موجود پابنديون ڪنهن به سياسي پارٽيء کي قبول نه هيون يا ٻين لفظن ۾ انهيء سان “جمهوري “ نمائندن جي “انساني آزادي“ متاثر ٿي رهي هئي.ڳالهه ته فارم کي سادو بنائڻ جي ٿي رهي هئي پر معاملو ايترو سادو نه هو.مال ملڪيت ۽ ڪمائيء جو ذريعو ٻڌائڻ جي ڀلا ڪهڙي ضرورت؟عوام جي اڳواڻن تي جيڪر قرض يا يوٽيلٽي بل رهيل آهن ته ڪهڙي قيامت اچي ويئي؟کين ڪنهن ڪرمنل ڪيس ۾ سزا آئي يا ناهي آئي،ان سان ڀلا اليڪشن ڪميشن جو ڪهڙو واسطو؟فيصلو ڇا آيو سمورين سياسي اڳواڻن ڪورس جي انداز ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سازش جي قوالي ڳائڻ شروع ڪري ڏني.ميڊيا تي به واويلا ٿيڻ لڳي ته چونڊون هر حالت ۾ وقت تي ٿيڻ گھرجن باقي رهيو سوال اهو ته چونڊون شفاف به ٿيڻ گھرجن يا نه ته ان ايجنڊا کي 2023 جي چونڊن ۾ ڏٺو ويندو.سمجهه ۾ اهو نه آيو ته جيڪر اهي سياسي رانديگر پندرهن ڏينهن يا مهينو پوء اچي پنهنجون طلسماتي ڪرسيون سنڀالين ها ته پاڪستاني عوام مٿان ڪهڙي وڄ ڪري پوي ها!نيٺ سپريم ڪورٽ نامزدگي فارم مقرر وقت تي جمع ڪرائڻ جي اجازت ڏني ته همراهه خوشيء وچان ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳا پر هاء ڙي قسمت! جنهن اصل مصيبت کان بچڻ لاء انهن سڀني گڏجي ( بشمول تحريڪ انصاف) اهي پاپڙ ويليا هئا اها مصيبت اڃا به وڌيڪ سنگينيء سان سندن ڳچيء ۾ پئجي ويئي آهي سا ايئن ته هاڻي سپريم ڪورٽ جي حڪمن مطابق کين پراڻي فارم وارو سمورو تفصيل حلفيه دستاويز جي صورت ۾ اميدوارن کي اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائڻو پوندو.“ويئي نڪ ٽنبائڻ،ڪن به ڪپائي آئي.”

    * خبر مطابق واپڊا چيئرمين ڪالا باغ ڊيم جي باري ۾ سنڌ جي خدشن کي جائز قرار ڏيئي ڇڏيو آهي.پنجاب ۾ ته ڊيم جي نالي تي جيڪا سياست ٿئي ٿي سا زور شور سان ٿئي پيئي پر سنڌ جي ساوڪ ۾ ويٺل ڪجهه ڏينڀو به ان خطرناڪ مهم ۾ شامل نظر اچن ٿا.وڇن يا ڏينڀن کي سوين سالن تائين به جيڪر پوپٽن سان گڏ پالجي تڏهن به انهن جي ڏنگڻ واري فطرت تبديل ٿيڻي ناهي.هي ڪهڙي قسم جي نرجي مخلوق آهن جيڪي کائين پيئن سنڌ جو ۽ سنڌجي خلاف ئي ڪات ڪهاڙاکڻيو وتن.انهن کي ڌرتي ماء جي قدر،قيمت ،عظمت،دک ۽ درد جو ڪهڙو احساس جيڪي مال ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاء پنهنجيء ئي جنم ڀوميء کي خيرباد چئي آيا هجن. اهي به اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي گھڻو گند پکيڙي رهيا آهن،خبر ناهي هن وقت انهن بي ضميرن جي ڏوري ڪير ڇڪي رهيو آهي.انهن جي دلين جي ڪابوريٽر ۾ ته ڪچرو سدائين رهندو ٿو اچي پر هاڻي سندن دماغن ۾ به خبر ناهي ڪهڙو خلل پيو آهي جو اهڙن معاملن کي ڇيڙي ملڪ ۾ خانه جنگي ڪرائڻ گھرن ٿا.ڪي “محب وطن” ان حساس معاملي ۾ عدالتن کي گهلي ملڪ کي خوشحال بنائڻ گھرن ٿا جو هنن جي نزديڪ پنجاب ئي “پورو ملڪ” آهي.پنجاب بديانتي ۽ ڏاڍ مڙسي ڪري سنڌ جو پاڻي چورائي سنڌ جون زمينون سڪائي ڇڏي ته مٿس حب الوطني ء جو تاج سجايو وڃي ۽ جيڪر سنڌ ان ناانصافيء ۽ آئيندي جي جائز خدشن سبب ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري ته انهيء جي ڳچيء ۾ بغاوت ۽ غداريء جو ڳٽ وڌو وڃي.واهه جو انصاف آهي!

    * نون ليگ اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب لاء نامزد ڪيل وڏي وزير حسن عسڪري رضويء جي خلاف پٽڪو ۽ واويلا شروع ڪري ڏني آهي.اهو تماشو به صرف پاڪستان ۾ ڏٺوسين جو اليڪشن ڪرائڻ لاء جڙندڙ “ غيرجانبدار” نگران حڪومتون جڙنديون انهن ئي سياسي پارٽين جي حڪم سان جن کي اليڪشن وڙهڻي آهي.جيئن ته انهن پارٽين جي مفاهمت سبب سندن حڪومتن جي جاگيرن جون حدون ورهايون پييون آهن ان ڪري هر پارٽيء کي سندس حڪومتي جاگير ۾ غيرجانبدار نه پر“پنهنجو” نمائندو کپي جيڪو کين آرام سان اليڪشن کٽائي سگھي.اهڙين فضول قسم جي نگران حڪومتن مان فائدو ڪهڙو؟ بهرحال سمورن نگران حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير وارو فيصلو ڪم جو آهي ۽ اهو هرصورت ۾ برقرار ئي رهندو. توڙي جو روڄ راڙو ڪندڙ پنهنجا مٿا ڀت سان ڇونه هڻن.

    * سنڌ جي نگران وڏي وزير جنهن کان سنڌ جي سياسي شهزورن جي مداخلت سبب صوبائي ڪابينا ئي مس مس جڙي راس ٿي آهي تنهن سمورين سياسي پارٽين کي يقين ڏياريو آهي ته هو اهڙي ته “شفافيت” سان ڪم ڪندو جو سڀ ڌريون خوش ٿي سندس ساراهه ڪرڻ لڳنديون.اها ڳالهه به سمجهه ۾ نه ويٺي ته آخر وٽس ڪهڙي گدڙ سنگھي آهي جو سڀ جا سڀ منجھانئس خوش ٿي ويندا.ٿورو ڳالهه کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ جيڪر سمجھه ۾ اچي وڃي ته اسان کي به ضرور سمجھائجو. اسان کي هيستائين جيڪي ٿورو گھڻو ڊول ۾ ويٺو آهي سو اهو ته “ ناني وڌڻ واري ۽ ڏوهٽ کائڻ وارا“

    * مسٽر ڏونگھي ٻٽي ڀيرا مٿي تي ڌڪ هڻي اها خبر ڏني آهي ته ڪي پي ڪي لاء مقرر ڪيل نگران وڏو وزير جلد ئي سيٽ ڇڏي گھر جو رستو اختيار ڪري سگھي ٿو .ڪاوڙ ۾ نه پر ان سبب جو کيس سرڪاري نوڪريء تان رٽائر ٿئي اڃا ٻن سالن جو عرصو نه ٿيو آهي.اها ڳالهه به سمجھه ۾ نه ويٺي ته جيڪر ان غريب کي گھر ئي موڪلڻو هو ته پوء کيس ان ڪرسيء جو خواب ئي ڇو ڏيکاريو ويو؟ ٿي سگھي ٿو ايئن نه به ٿئي جو مسٽر ڏونگھي جي هر ڳاهه تي اعتبار ڪري نٿو سگھجي.
     
  2. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    پاڪستاني عوام جي مٿان خبر ناهي ڪهڙو ڏمر آ جو عوامي ڀلائي جو ته ڪو ليڊر ئي نظر نٿو اچي ,
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو