سنڌ جو ڏاهو اديب ڊاڪٽر پروفيسر انور فگار هڪڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2018۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG]ابرهيم لاشاري (وارهه

    ) سنڌ جو ڏاهو اديب ڊاڪٽر پروفيسر انور فگار هڪڙو

    سونهاري سنڌ جو اڳوڻو شهر شڪارپور پنهنجي ڌرتي جو اهو علائقو آهي جنهن سنڌي ادب ۾ وڏن وڏن اديبن ،شاعرن محققن کي هر دور ۾ جنم ڏئي پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪرائڻ ۾ ڪڏهن ۾ڪا ڪمي محسوس ناهي ڪرائي انهن اديبن پنهنجي فن ڪردار سان اهڙو ته نالو ڪمايو آهي جو سندس نالو سڄي جڳ ۾ اڄ ڏينهن تائين مشهور آهي اهڙن ناليوارن اديبن منجهان .

    نوجوان اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر انورفگار هڪڙي جو اصل نالو محمدانورپٽ محمد صديق هڪڙو آهي.اڄ کان ستونجهاهه سال (57) اڳ هن پهرين –اپريل ڇنڇر ڏينهن سال1961ع تي شڪارپور ۾ اکيون کوليون، پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي -تعليم- شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ.

    ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پهريائين پرائمري استاد ٿيو، پڙهائڻ جي دوران بي ايڊ ڪيائين ۽ هاءِ اسڪول جو استاد بڻيو.

    ان دوران به محنت سان پڙهندو رهيو ۽ پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ داخلا ورتائين (رجسٽريشن ڪرايائين) سندس پي ايڇ ڊي جي مقالي جو عنوان شڪارپور شهر جي سنڌي ادب ۾ حصو 1873 کان 1970ع تائين هو.

    ان مقالي جو رهبر مرحوم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هو. ميمڻ صاحب 11 فيبروري 1996ع تي وفات ڪري ويو.

    ان کان پوءِ ڊاڪٽر فگار جو ٻيو رهنماءُ ڊاڪٽر مرحوم تنوير عباسي مقرر ٿيو، جنهن جي رهنمائي ۾ مقالو (ٿيسز) مڪمل ڪري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين ۽ ساڳئي سال سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو.

    ايم. اي (سنڌي ادب ) ۽( پي. ايڇ. ڊي ) جي اعلي سند شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊيءَ جو موضوع ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“ هو. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سنڌي شعبي ۾ اُستاد طور فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. -انور- فگار هڪڙي، سنڌي جديد شاعريءَ جي اهم ناليواري شاعر کيئلداس ”فاني“ جي شاعري وڏي -تحقيق- بعد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنائين، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران 1995ع ۾ ڇپجي پڌرو ڪرايو آهي.انکان سواءِ انور- فگار هڪڙي، ڊاڪٽر عمر -بن- محمد دائودپوٽي جي ٻوليءَ ۽ ادب بابت ترتيب ڏنل مضمونن جو هڪ مجموعو (سون برابر سڳڙا ) سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 1997ع ۾ ڇپايو آهي ،انورفگار هڪڙي، شيخ اياز-جي ڪهاڻين کي (جي -تند- برابر توريان) جي عنوان سان ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ -اياز- جي سوانح ۽ شاعريءَ بابت سندس تحقيقي ڪتاب ”-جنم- جي جيت اياز'(جنم -جنم- جي جيت اياز-)1999ع ۾ گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.محترم انورفگار هڪڙي جا علمي، ادبي ۽ تحقيقي مضمون وقت به وقت سنڌ جي ادبي ۽ علمي رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هن وقت به هو ڪيترن موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن تہ هن وقت هو سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ چيئرمين طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي

    ڊاڪٽر انور فگار لاءِ محروم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ”محمد انور فگار هڪڙو جو شڪارپور جي لاءِ پيار مثالي آهي. هو شڪارپور ائين گهمائيندو آهي ڄڻ شهر ٺهرايل ئي سندس هجي.

    هرهڪ گهٽي ۽ گهر، ان وٽ گهڻي اهميت رکن ٿا. محمد انور فگار هڪڙو جڏهن ماڻهن جو ذڪر ڪري ٿو ته هرهڪ جي اهميت، قابليت، اصليت، شخصيت ۽ قومي خدمت جو نقشو سامهون آڻي ٿو.“ ڊاڪٽر انور فگار جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن مان ڪجهه خاص ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا.

    سمنڊ سمايو بوند ۾، (کيئل داس خاني جو ڪلام)

    سون برابر سڳڙا (عمر بن محمد دائود پوٽي جا مضمون)

    جنم جنم جيت، اياز

    پٽ جون ڳنڍيون ريشم جا ويڙها، ڊاڪٽر عبدالقيوم طراز جو ڪلام

    شڪارپور جي صحافتي تاريخ

    سنڌ جي شهرن جي تاريخ

    ادب، سماج ۽ زندگي

    سامي ساگر بوند ۾

    جي تند برابر نوريان (شيخ اياز جون ڪهاڻيون)

    سنڌي ٻولي بابت مضمون شيخ اياز ايڪ جائزه (اردو ڪتاب)

    ڊاڪٽر انور فگارشڪارپور ليکڪ يادگار ڪاميٽي جو ميمبر، مهراڻ پبلشر جو پڻ ميمبر رهيو آهي. هن وقت ڊسٽرڪٽ هسٽوريڪل سوسائٽي جو صدر ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو سيڪريٽري پڻ آهي ۽ هن وقت پاڻ سنڌي شعبي جو چيئرمين آهي.

    ڊاڪٽر انور فگار نهايت ئي ڀلوڙ محقق ۽ تنقيد نگار آهي. سندس ڪيترائي مضمون، مقالا اشاعتي مخزن رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.سندس جي قلم جي نب منجهان سنڌي ادب جي خدمت نظر اچي پئي هي برجستو محقق ،اديب اڄ ڏينهن تائين ادبي خدمتن ڪندي ٿڪو ناهي ڊاڪٽر انور هڪڙو صاحب وقت به وقت ٿيندڙ علمي ،ادبي ڪانفرنس ۽ سيمينارن ۾ بهرو وٺندو رهندو آهي هن وقت مادري ملت سنڌ يونيورسٽي منجهه ڪيترن ئي شاگردن جي ايم فل ، پي ايڇ ڊي جي گائيڊ (رهنماءَ ) طور مدد ڪندو رهي ٿو منهنجي پياري دوست شفيق الرحمن ڇٽو جيڪو هن وقت سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ پڙهندي مونکي ٻڌايو ته ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب جهڙو محسن استاد ۽ اسڪار مون اڄ ڏينهن تائين ناهي ڏٺو جيڪو هر وقت سنڌي شعبي کي سنڌ يونيورسٽي جي ٻين شعبن کان وڌيڪ بهتر بڻائڻ واري جستجو واري عمل سان لاڳيتو فڪر مند نظر ايندو رهيو آهي سندس سنڌي ٻولي ۽ ٻين ادبي خوبين جي ڇا ڳالهه ڪجي ،سنڌ جي هن ڀلوڙ اديب ، محقق پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب اڄ پهرين اپريل 2018ع تي 57 سالگره جو ڪيڪ پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ادبي دوستن سان گڏجي ڪاٽيندو ۽ سالگره ملهائيندو سندس کي ادبي حلقي جا سمورا ساٿي جنم ڏڻ تي مبارڪون چوندا منهنجي هن پروفسير اديب ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب لاءِ دعا آهي ته هو سنڌي ادب کي پنهنجي ڏات سان هميشه نوازيندو رهي .ڏس پتو:

    پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري. سي او لاشاري هائوس

     
    فقير محمد سنڌي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو