اسان سڀ اميد سان آهيون.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سدائين اهو ٻڌندا ٿا اچون ته دنيا اميد جي سهاري قائم ۽ انسان اميد سهاري زندهه آهي ۽ حضرت انسان بار بار جي ناڪامين ۽ مايوسين باوجود اڄ به انهي اميد سان جي رهيو آهي ته شايد اڄ نه ته ايندڙ سڀاڻي هن جون سڀ اميدون پوريون ٿين،سندس خواهشن جي تڪميل ٿي وڃي ۽ سندس سهڻا سپنا ساڀيان ٿي وڃن.خواهشون ته هر انسان سان ايتريون اڻ ڳڻپ ۽ بي شمار لڳل آهن جو اردوء جي عظيم شاعر مرزا غالب جي لفظن ۾ ته

    “ هزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي،

    بهت نڪلي ميري ارمان ليڪن ڦر ڀي ڪم نڪلي.”

    سو انهن هزارين اميدن ۽ خواهشن جي خوابن ۾ جيئندي ئي انسان جو ساه نڪري وڃي ٿو.ڇا امير ڇا غريب،ڇا محمود ڇا اياز،سڀ جا سڀ اميدن جي ان ٻيڙيء ۾ چڙهيل نظر اچن ٿا.اميد جيڪا چور کي به تسلي ڏئي ٿي ته ڀاڳئي کي به حوصلو،اميد جيڪا هڪ ئي وقت ظالم جو به ساٿ ڏئي ٿي ته مظلوم سان سان به سنگت نڀاهي ٿي.اميد هڪ اهڙي عورت آهي جيڪا اڪثر مايوسين ۽ نااميدين جا ٻار ڄڻيندي آهي.تنهن هوندي به اسان سڀ اميد سان آهيون ته ايندڙ اليڪشن اسان جي دکن جو درمان ۽ سڪون جو سامان بڻبي. اسان مان هرڪو اميد سان آهي ته انهن چونڊن جي نتيجي ۾ اسان جا بند پيل بخت کلي پوندا ۽ قسمتن کي لڳ ڪٽ لهي ويندا،تقديرن جي تاريڪي اجالن ۾ بدلبي،دردن سان ڀريل موسم خزان جو خاتمو ٿيندو ۽ بديل رت بهارن جا نت نوان رنگ کڻي نروار ٿيندي.

    اليڪشن ۾ بيٺل اميدوار اميد سان آهن ته اهي نه رڳو اهو کيل کٽي مخالفن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيندااليڪشن تي لڳايل سمورو سرمايو سود سميت واپس وٺندا.اهي انهيء اميد سان به آهن ته سندن سياسي مرشدن جي نظر ڪرم سان کين ڪا نه ڪا سڻڀي وزيري يا مشيري به ملي ويندي جنهن ذريعي اهي پنهنجن سرڪاري لينڊڪروزرن تي سائي پليٽ سان گڏ پاڪستان جو قومي جھنڊو ڦڙڪائي نه رڳو شاهي پگھارون،روزمره جا ٽي اي ڊي اي، تيل پيٽرول ۽ دفترن ۽ بنگلن جا خرچ پکا به عوامي خزاني مان وصول ڪندا پر هاذا من فضل ربي واري برڪت ڀرئي خزاني مان به فيضياب ٿي سگھندا.سرگرم سياسي ورڪراميد سان آهن ته اهي سجندڙ اليڪشني ميلن ۾ خوب ڊانسون ڪندا،جھمريون ۽ ٺمريون هڻندا،نت نوان نعرا ايجاد ڪندا،گارين ۽ الزامن جا نوان انداز آڻيندا،چاپلوسين جون چاشنيون چکائيندا ۽ جڏهن سندن اميدوار مخالف کي ملهه ماري ميدان کٽي ايندا ته کين سندن وفائن جو سلو کين توري توري ادا ڪندا.

    پيپلز پارٽي اميد سان آهي ته شهيدن جي نالي ۽ بلاول جي برڪت سان هو هن ڀيري به نه رڳو سنڌ فتح ڪندا پر عظيم مفاهمت ۽سياسي جادوگريء ذريعي مرڪز ۾ به مخلوط حڪومت قائم ڪري وٺندا.نواز ليگ اميد سان آهي ته مظلوميت ۽ پنجابي ڪارڊ جي مدد سان اهي نه رڳو اليڪشن واپس کٽي ايندا پر ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ڪري آئين ۾ اهڙيون ترميمون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا جن ذريعي عدالتن ۽ ظاقتور ڌرين کي پنهنجن حدن ۾ رهڻ تي مجبور ڪندا،نيب کي ختم ڪندا ۽ ميان صاحب جي نااهليء وارو فيصلو واپس ڪري کيس وري چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزير اعظم بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.پي ٽي آئي اميد سان آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ تبديليء جي اهڙي سونامي ايندي جيڪا ٻين سڀني پارٽين کي پنهنجي ريلي ۾ وهائي ويندي.ڪي پي ڪي سان گڏوگڏ پنجاب توڙي مرڪز ۾ به اهي حڪومت جوڙيندا ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪپتان ملڪ جو وزير اعظم بڻبو پوء ملڪ جي تقدير بدلجي ويندي.ڪرپٽ سياستدانن کي سزائون ملنديون،ملڪ ۾ کير ۽ ماکيء جون نهرون وهڻ شروع ٿي وينديون ۽ هر طرف ميرٽ ئي ميرٽ نظر ايندي.متحده مجلس عمل به اميد سان آهي ته اها ڪي پي ڪي ۾ اڪيلي جڏهن ته بلوچستان ۾ گڏيل حڪومت بنائڻ ۾ سوڀارا ٿيندا ۽ مولانا وڏو مفاهمت جي راند ڪري مرڪزي حڪومت ۾ به سٺو فائدو حاصل ڪري وٺندو پوء هر طرف اسلام ئي اسلام نظر ايندو،شينهن ۽ ٻڪري هڪڙي ئي تڙ تان پاڻي پيئندا.

    عوام ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان ان اميد سان آهي ته سورهن ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ اٺ ڪلاڪ ٿي ويندي.ڪفن چورن مان جان آجي ٿيندي ڪي ٽوپي چور ايندا.اٽو ڀلي سستو نه ٿئي پر ان ۾ ڪاٺ جو ٻورو نه ملايو ويندو.سرڪاري اسپتالن ۾ نشي جون انجيڪشنون وافر مقدار ۾ مهيا ڪيون وينديون ته جيئن مريضن جو علاج نه ٿي سگھڻ جي صورت ۾ کين اهي سيون هڻي ڪجهه دير لاء سڪون سان سمهاري سگھجي.تعليم سڌري يا نه پر اسڪول ويندڙ سندن ٻارن کي رستي مان اغوا نه ڪيو ويندو.نوجوانن لاء جيئن ته نوڪريون موجود نه هونديون ان ڪري کين حڪومت طرفان ڇولن جا گاڏا لڳائي ڏنا ويندا.اوريج ۽ گرين وغيره کان پوء هاڻي ڪا بليڪ بس سروس به شروع ڪئي ويندي.عالمي مالياتي ادارن کان قرض پنڻ بدران سڌا سنوان عوام تي ٽيڪس هڻي پورت ڪئي ويندي.ڪرپٽ، بد ديانت ۽ ڏوهاري سياستدانن ۽ عملدارن تي رحم جي نظر ڪري کين سزا ڏيڻ بدران هي ملڪ ڇڏي کين پنهنجن اصل ملڪن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي.پيٽرول جي قيمتن ۾ ماهوار اضافو ڪرڻ بدران هر پندرهين ڏينهن اضافو ڪيو ويندو ته جيئن عوام جي کيسي تي ان جو گھٽ وزن پوي.هميشه جيان اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن مشيرن جي پگھارن ۾ ضرور شاندار اضافو ڪيو ويندو ته جيئن انهن غريبن کي ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻو نه پوي.اهڙن موذي مرضن جي جرثومن جي واڌ ويجھه لاء جوڳا اپاء ورتا ويندا جن جو علاج نه ٿي سگھي ته جيئن ملڪ ۾ وڌندڙ آباديء جي مسئلي کي ڪنٽرول ڪري سگھجي.

    پر مسٽر ڏونگھو ڪجهه عجيب اميد سان آهي ته اذيت جي رات گھڻي ڊگھي ٿي چڪي آهي انهيء جو صبح ٿيڻ وارو آهي.حڪمران طبقي جون سڀ مڪاريون ۽ چالاڪيون آخري هٿورڙيون هڻي رهيون آهن.انهن جي هاڻي ترت جان آجي ٿيڻ واري ناهي.قدرت جو ڏنڊو پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي.انهن ڏانهن اڇلايل جوتا ۽ منهن تي هاري ويندڙ مسن جي ڪاراڻ جي پويان عوامي غصي جو هڪ خاموش طوفان لڪيل آهي.ماڻهن انهن کان ڊڄڻ ڇڏي ڏنو آهي. اهي ڀلي اليڪشن کٽي به اچن پر اهي هاڻي پنهنجي مرضيء سان اهو سڀ ڪجهه ڪري نه سگھندا جيڪو اڳ ۾ ڪندا رهيا آهن.سندن اثاثا سندن خلاف جوڻيون هڻندا،تحقيقاتون ۽ جاچون انهن کي سک سان سمهڻ نه ڏينديون،حرام طريقي سان ڪمايل دولت لڪائڻ لاء انهن کي دنيا ۾ ڪٿي ڪا جڳهه نه ملندي.انهن جون سموريون تدبيرون ابتيون ٿي انهن جي ڳچيء ۾ پونديون جو اهي مڪافات عمل جي فطري هنٽر جي نشاني تي آهن ۽ تبديليء جي ان عمل سان اليڪشن وغيره جو ڪو تعلق آهي ئي ڪونه!

    هاڻي ڪنهن جون اميدون پوريون ٿيون ٿين خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو