“ڊيجا وو ” ۽ ڪجهه سائنسي مفروضا.

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اسان مان گھڻن کي “ ڊيجا وو“ (deja’ vu)جو تجربو ٿيندو رهندو آهي.اهو اصل ۾ هڪڙو ڌنڌلو احساس هوندو آهي ته اسان هن جڳهه تي پهرين به اچي چڪا آهيون يا فلاڻي شيء اسان پهريان به ڏسي چڪا آهيون.مثال؛ اسان ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ وياسين۽ اسان کي اوچتو محسوس ٿيو ته اسان سان جيڪي ڪجهه پيش اچي رهيو آهي اهو پهرين به ٿي چڪو آهي.اها اسان جي ياد ته ٿي نٿي سگھي جو اسان ان هوٽل ۾ پهريون ڀيرو ويا آهيون ۽ اسان جنهن ڊش جو آرڊر ڏنو آهي اهو به اسان پهريون دفعو ڏنو آهي ته پوء آخر اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟

    “ڊيجا وو” جي ڪا اڪيلي وضاحت ممڪن ناهي،ان قسم جو تجربو عام طور تي اوچتو ٿيندو آهي ۽ انهيء جو وقفو تمام تورڙو هوندو آهي جنهن ڪري سائنسدانن لاء ان تجربي کي ريڪارڊ ڪرڻ ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ناممڪن هوندي آهي.سائنسدان سڄو سڄو ڏيهن ليبارٽريء ۾ ويهي ان تجربي ۽ ڪيفيت جو انتظار ڪري نٿا سگھن،ايئن ڪرڻ ۾ ممڪن آهي ته سال لڳي وڃن. ان جون ڪي جسماني علامتون نه هونديون آهن.ماڻهو انهيء کي فقط هڪڙو احساس ئي ٻڌائين ٿا.ڇوته ان جا سائنسي ثبوت موجود ناهن هوندا ان ڪري انهيء ڪري ان تي ڪيترين ئي قياس آرائين جا گھوڙا ڊوڙايا ويا آهن.

    “اميل بوراڪ” نالي سائنسدان سڀني کان اڳ اسان کي “ڊيجاوو” جي ترڪيب کان واقف ڪرايو.اصل ۾ “ڊيجا وو” فرانسي زبان جو هڪ لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي “پهريان کان ڏٺل”.هن وقت تائين ان جي حق ۾ چاليهه کان وڌيڪ مفروضا پيش ٿي چڪا آهن.نيورو سائنس،دماغ جي تصور جي ٽيڪنالاجي ۽ سائيڪالاجيء ۾ ترقيء سبب هاڻي ڪيترن ئي مفروضن کي رد ڪري ڇڏيو ويو آهي.اچو ته ان ريسٽورانٽ جو مثال استعمال ڪندي انهن ٽن مفروضن تي سوچ ويچار ڪيون جيڪي هن وقت نهايت ئي اهم ۽ قابل اعتبار سمجھيا وڃن ٿا.

    پهرئين مفروضي کي “ڊبل ڪراسنگ” چيو وڃي ٿوفرض ڪيو ته ريسٽورانٽ ۾ ويٽر جي هٿن مان ڪا ٽري ڪري پوي ٿي.انهيء نظاري جي باري ۾ جڏهن معلومات توهان جي ڪنن تائين پهچي ٿي ته دماغ جا مختلف حصا ان معلومات جي پراسيس ڪن ٿا.اوهان ويٽر جون ٻانهون ڏسو ٿا،ان جو مدد لاء پڪارڻ يا ٿانو ڪرڻ جو آواز ٻڌو ٿا ۽ کاڌي جي خوشبوء سنگھو ٿا.اها سموري معلومات سيڪنڊ جي هزارهين حصي ۾ دماغ جي مختلف رستن تان گذري ٿي جنهن کي دماغ پراسيس ڪري انهيء جون ڪڙيون پاڻ ۾ جوڙي شعور کي هڪ مڪمل ۽ باترتيب تجربو فراهم ڪري ٿو.عام طور تي دماغ مختلف حسن کي جوڙي انهن کي مربوط لمحن ۾ سمائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. پر ڪڏهن ڪڏهن دماغ جي ڪنهن هڪڙي رستي کان گذرندڙ معلومات جي رفتار سست ٿي وڃي ٿي جنهن ڪري شعور ۾ اها معلومات ان سان لاڳاپيل باقي ٻي معلومات جي ڀيٽ ۾دير سان پهچندي آهي جنهن ڪري دماغ انهيء کي غلطيء سان هڪ الڳ واقعو سمجھڻ لڳندو آهي.جڏهن اها رهيل معلومات ٻين رستن کان پهتل معلومات کان پوء شعورتائين پهچندي آهي ته شعور ۾ اهو احساس پيدا ٿيندو آهي ته اها معلومات دماغ ۾ پهرين به موجود هئي.

    ٻيو مفروضو انهيء کي حال جي غلطيء بجاء ماضيء جو مونجھارو قرار ڏئي ٿو.انهيء کي “هولوگرام ٿيوري” چيو وڃي ٿو.انهيء کي بيان ڪرڻ لاء اسان ميز تي پيل ميزپوش جو مثال وٺون ٿا.جڏهن اوهان ان ڪپڙي تي جڙيل ڊزائين ڏسو ٿا ته انهيء ڊزائين سان ملندڙ جلندڙ خاڪو ياد جي صورت ۾ اوهان جي دماغ ۾ جاڳي پوي ٿو.اهو مفروضو ان جو سبب اهو ٻڌائي ٿو ته دماغ ۾ يادون هولوگرام جي صورت ۾ هونديون آهن.هولوگرام جي هڪڙي ننڍڙي حصي ۾ به پوري تصوير ڏسي سگھجي ٿي.ٿي سگھي ٿو ته اوهان جي دماغ ميزپوش سان اوهان جي ڏاڏي امان جي گھر سان جڙيل ڪنهن پراڻي ياد سان ناتو قائم ڪري ورتو هجي.البت ياد جو ڪنيڪشن ڪمزور آهي ان ڪري اهو ته توهان کي ياد اچي پيو ته اها ڊزائين مون اڳ ۾ ڪٿي ڏٺي آهي پر شايد اهو ياد نه اچي ته اها ڊزائين اوهان ڪٿي ڏٺي آهي. ٻين لفظن ۾ اوهان جي دماغ هڪڙي پراڻي يادگيري ڳولهي ڪڍي آهي پر انهيء يادگيريء جو تعلق ڪهڙي هنڌ،شخص يا واقعي سان آهي اهو سڀ ڪجهه اوهان جي شعور ۾ واپس نٿو اچي.انهيء مان اوهان کي ايترو ته محسوس ٿئي ٿو ته اها ڊزائين ڄاتل سڃاتل آهي پر اهو ياد نٿو اچي ته ڇو؟ اهڙيء طرح اوهان کي اهو احساس ٿئي ٿو ته اوهان ان ريسٽورانٽ ۾ پهريون ڀيرو آيا آهيو پر اتي لڳل وال ڪلاڪ يا ڪجهه تصويرون اوهان جون پهرين به ڏٺل آهن.

    آخري مفروضو “اڻ پورو ڌيان” آهي .ان مفروضي مطابق “ڊيجا وو” ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اسان جو دماغ هڪڙو واقعو ڏسي رهيو هوندو آهي پر سندس ڌيان ڪنهن خاص شيء تي رهڻ ڪري هٽي ويندو آهي.جڏهن ڌيان واپس ان واقعي طرف اينيدو آهي ته اسان کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اسان پهرين به هتي اچي چڪا آهيون.مثال؛ ريسٽورانٽ ۾ جتي ڪجهه دير اڳ اوهان جو ڌيان ويٽر ۽ ميز پوش طرف هو هاڻي وچ ۾ اهو ڌيان اتان هٽي سامهون لڳل وال ڪلاڪ تي هليو ويو ۽ ٿوري دير کان پوء واپس ويٽر ۽ ميز پوش تي اچي ويو ڇو ته جنهن وقت اوهان جو ڌيان ڪلاڪ ڏانهن هو ان وقت اهو ويٽر ۽ ميزپوش تي نه هو.توڙي جو اوهان جو دماغ اوهان جي بصري نظام(Optic System) کان وصول ٿيندڙ سمورن سگنلز جي پروسيسنگ ڪري رهيو هو پر اها پروسيسنگ شعوري نه هئي.جڏهن اوهان وال ڪلاڪ تان ڌيان هٽايو ٿا ته اوچتواوهان کي احساس ٿئي ٿو ته اوهان اهو ئي منظر پهرين به ڏسي چڪا آهيو ۽ اهو سچ به آهي ته اجھو اجھو اوهان اهو منظر ڏٺو هو پر ان تي ڌيان نه ڏنو هو.

    اهي ٽيئي مفروضا “ڊيجا وو” جي عام خاصيتن جي وضاحت ڪن ٿا پر انهن مان ڪوبه مفروضو حتمي ۽ يقيني هئڻ جي دعويٰ نٿو ڪري.جيستائين سائنسدان ان معاملي جي بهتر توجيهه ۽ تشريح نٿا ڪن ان وقت تائين اسان “ڊيجا وو” تي پاڻ ئي تجربا ڪري سگھون ٿا ۽ انهيء جون مختلف تاويلون ۽ تشريحون پيش ڪري سگھون ٿا.هونئن به “ڊيجا وو“ جا گھڻي قدر قصا ماڻهن جي زبانن مان ئي ٻڌڻ لاء ملن ٿا ۽ انهن ۾ هڪڙو وڌيڪ قصو اسان جو به شامل ٿي سگھي ٿو.جيڪر آئنده اوهان کي “ڊيجا وو” جو ڪو تجربو ٿئي ته ڪجهه گھڙيون ترسي ان جي باري ۾ سوچجو ضرور! ڇا اوهان جو ڌيان هٽيل هو؟ ڇا اوهان ڪا پهرين ڏٺل شيء ڏٺي؟ڇا اوهان کي پنهنجو دماغ سست رفتاريء جو شڪار لڳي ٿو؟ يا اها اڃا به ڪا ٻي شيء آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو