شهيد جمهوريت بينظير ڀٽو

'بينظير ڀٽو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    شهيد جمهوريت، محترمہ بينظير ڀٽو '

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي نياڻي. بينظير ڀٽو جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا.
    ملڪ جي وزيراعظم طور حڪومت ڪئي
    2 ڊسمبر 1988ع-6آگسٽ 1990ع
    19 آڪٽوبر 1993 – 5 نومبر 1996ع
    17 فيبروري 1997 – 12 آڪٽوبر 1999
    پاڪستان پيپلز پارٽي جي چیئرپرسن جو
    عهدو سنڀاليو.
    مادر علمي
    هارورڊ يونيورسٽي
    ليڊي مارگيٽ هال، آڪسفورڊ
    St Catherine's College, Oxford
    پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو، جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين سان هو. جڏهن ته سندس ماءُ بيگم نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي اصفهان شهر سان آهي.بينظير سندن وڏور ڌيءَ هئي. هي پاڻ ۾ چار ڀائر ڀيڻون هئا، جن مان هاڻي صرف هڪ ڀيڻ صنم ڀٽو حيات آهي.
    بينظير ڀٽو کي ابتدائي تعليم لاءِ ڪراچيءَ جي مسز جيننگ جي نرسري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هن 1958ع ۾ ڪراچيءَ جي مشهور اسڪول ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري (Convent of Jesus and Mary) ۾ داخلا ورتي.
    1967ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد پئجي چڪو هو، جنهن جو چيئرمئن ڀٽو صاحب بڻيو ۽ بينظير صرف چوڏهن سالن جي عمر ۾ ان جي بنيادي پنجن ميمبرن ۾ شامل هئي.محترمہ 1986 ۾ جڏهن هوءَ لاهور واپس پهتي ته لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. سندس اهڙي شايان شان واپسيءَ کان پوءِ 1987 ۾ سندس شادي آصف علي زرداريءَ سان ٿي. جنهن مان کيس 3ٻار، بلاول، بختاور ۽ آصفه آهي.
    20 سيپٽمبر 1995ع تي بينظير جي پنهنجي حڪومت ۾ سازش ڪري سندس موڀي ڀاءُ ميرمرتضيٰ ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو. هوءَ جهڙوڪر ٽُٽي پئي. اڃا صدمي ۾ هئي ته 5 نومبر تي کانئس حڪومت به کسي وئي. قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙي سندس سرڪار کي برطرف ڪيو ويو. 1996ع جي ان زوال ۾ جن ٽن ماڻهن جو هٿ هو، اهي ٽئي سندس آندل يا مقرر ڪيل هئا، جن ۾ صدر فاروق لغاري، جنرل جهانگير ڪرامت ۽ جسٽس سيد سجاد علي شاهه شامل هئا.
    18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. سندس استقبال لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. سندس قافلو جڏهن ڪارساز وٽ پهتو ته ٻه زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 179 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
    27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جلسي تان واپسيءَ مهل عوام جي زبردست محبتن ۽ نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هن جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ مان منهن ڪڍيو ته هڪ ڀيرو وري مٿس گوليون وسايون ويون ۽ -بم- ڦاڙيا ويا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿي وئي. اهو نه صرف سنڌ جو، پر پاڪستان جو انتهائي وڏو نقصان آهي، جنهن جو پورائو شايد ڪڏهن به نه ٿي سگهي.​
     
    هادي حسن شاھ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. هادي حسن شاھ

    هادي حسن شاھ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 آڪٽوبر 2018
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    تعليم جاري
    ماڳ:
    ڳوٺ سينهوئي سيد حاجي طاهر شاھ
    شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سنڌي قوم جي وڏي عزت ھئي غريبن ۽ يتيمن جو سھارو ھئي شھيد راڻي جي قرباني اسان ڪڏھن به وساري نٿا سگھون سلام شھيد راڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو