لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    لوڪ فنڪاره ۽ ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي :
    فقير محمد سنڌي
    ناليواري لوڪ گلوڪارا مائي ڀاڳي سنڌي ۽ مارواڙي لوڪ گيتن جي ڪوئل طور مشهور فنڪارا جو جنم وھنيل فقير ۽ مائي خديجه عرف ڪسي ٻائيءَ جي گھر ۾، ڏيپلي ۾ 1920ع ڌاري ٿيو . اصل نالو ڀاڳ ڀري هئس مائي ڀاڳي پنھنجي ماءُ سـان گـڏ ٻاراڻـي وھـيءَ ۾ ئي ڍاٽڪي، مـارواڙي ۽ سنڌي لوڪ گيت ۽ سھرا ڳائڻ شروع ڪيائين مائي ڀاڳي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کان راڳ جي باقاعدي تربيت ورتي مائي ڀاڳي پنهنجي والد، استاد محمد جمن ۽ استاد حسين فقير کان متاثر هئي.
    مائي ڀاڳي کي ڀاڳ ڀري ( خوش نصيب) جو نالو به ڏنو ويو۔ هن گهٽ عمري کان ئي پنهنجي والدين سان گڏ آواز سان آواز ملائي۔ هوُءَ پنهنجي والدين سان گڏ شادين مرادين ۾ پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪندي رهي۔ مائي ڀاڳي نالو 1968ع ۾ اُن وقت منظرِعام تي آيو، جڏهن ڀالوا (ماروي جو ڳوٺ) ۾ منعقد ٿيندڙ جشنِ ماروي جي هڪ تقريب ۾ هِن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو۔ اُنهيءَ سال شيخ غلام حسين کيسں ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن تي ڳائڻ لاءِ سڏايو، جڏهن ته کيس پي ٽي ويءَ تي محترم عبدالڪريم بلوچ پڻ متعارف ڪرايو۔ شيخ غلام حسين بين الاقوامي شُهرت يافته لوڪ فنڪارا ، عابدہ پروين جو مُڙس هيو۔ سورنهن سال جي عمر ۾ مائي ڀاڳي جي شادي، هوٿي فقير سان ٿي وئي جيڪو ٿرپارڪر جي شهر اسلام ڪوٽ جو ممتاز لوڪ فنڪار هيو۔
    مائي ڀاڳي ٿر جي هڪ ٻئي مشهور گلوڪار استاد مراد فقير سان گڏ مختلف ٻولين ۾ ڪلام ڳايا جِن ۾ سرائيڪي، مارواڙي، سنڌي ۽ برصغير جون ٻيون ٻوليون شامل آهن ۔ ان کان بعد ان جي شُهرت پاڪستان بلندين تي پهتي، پنهنجي ملڪ کان سواءِ دنيا جي ٻين علائقن تائين وڃي پهتي۔ ان جي وجہ شهرت جو ڪلام بڻيو اهو کڙي نيم ڪي نيچي هون تو هيڪلي، هيو، هي ڪلام انهن ماڻهن به پسند ڪيو جيڪي زبان کان ناواقف هيا۔ سندس ڳايل لوڪ گيت آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان پڻ اڄ تائين نشر ٿيندا رھن ٿا. پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس قدرداني ڪندي، کيس 60 ايڪڙ زمين انعام طور ڏني هئي پر ھن غريب عورت جي اھا زمين غريبيءَ جي نذر ٿي وئي ۽ سندس حالت ”آڻين ۽ چاڙھين، ڏٿ ڏھاڙي سومرا“ واري ساڳي رھي.
    مارواڙي، ڍاٽڪي، گجراتي، هندي، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ هزارين لوڪ گيت ڳايا.سندس ڳايل لوڪ گيتن مان جيڪي ڏاڍا مشهور ٿيا، تن ۾، ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نور، منھنجون تو پڄايون، سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي، مٽيون ڀرينديس من سين، دليون ڀريندس دل سين، کڙي نيم ڪي نيچي، هون تو هيڪلي، ايئي چرملي رو بلالي سين پيار، تارن مان ترندي اچي، لوڙهن مان لڙهندي اچي، او دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري، مونکي جوڳي هڻي ڏي ڍارو، منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو، وغيره شامل آهن.
    ان کانسواءِ ھن شاهه لطيف، ڀڳت ڪبير، منٺار فقير، حمل فقير ۽ ٻين صوفي شاعرن کي به ڳايو آھي.
    حڪومت پاڪستان موسيقي جي ميدان ۾ سندس شاندار خدمتن جي صِلي ۾ مائي ڀاڳي جي خدمتن جي قدر جي طور تي کيس 1981ع تي صدارتي تمغو براءِ حسن ڪارڪردگي عطا ڪيو۔ اهڙيءَ طرح ريڊيو پاڪستان کان شاهہ عبدالطيف ڀٽائي ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ۽ سچل سرمست ايوارڊ، مارئي ايوارڊ، -ٿر- ڪوئل ايوارڊ، کان سواءِ درجنين اعزاز ۽ انعام پنهنجي نالي ڪيا.
    مائي ڀاڳي پڇاڙيءَ واري عمر جو ڳچ حصو اڌ رنگ جي بيماريءَ ۾ گذاريو ۽ 65 سالن جي ڄمار ۾ 7 جولاءِ، 1986ع تي نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيشن لڳ ٿرپارڪر ضلعو، سنڌ، هوءَ مھراڻي جي مير راضي شاھ گھوٽ جي تاريخي قبرستان ۾ آرامي آهي . جتي سندس نالي سان ”مائي ڀاڳي ڪالوني“ موجود آهي.
    سندس اولاد مان سندس پٽ ڪالو فقير، ڌيءَ مائي سوني ۽ پوٽو برڪت فقير پڻ اڄڪلھ لوڪ گيت ڳائين ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو