پاپ سنگر مائيڪل جيڪسن

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    پاپ سنگر جو بادشاھ مائيڪل جيڪسن: فقير محمد سنڌي

    مائيڪل جيڪسن 1958ع ۾ آمريڪي شهر گيري ۾ پيدا ٿيو ۽ 5 سالن جي عمر ۾ ئي ميوزڪ جي دنيا ۾ قدم رکيو هن پنهنجي فني ڪيريئر جو آغاز 1964ع ۾ پنهنجن ڀائرن جي پاپ گروپ جيڪسن فائيو کان ڪيو جنهن جو پهريون ميوزڪ البم “آءِ وانٽ يو بيڪ” هيو جنهن سموري دنيا ۾ اهڙي ڌوم مچائي ته سڀني کي پنهنجو ديوانو بڻايو، مائيڪل جيڪسن پنهنجي پهرين سولر البم آف دي وال ذريعي پاپ موسيقي جي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ ٺاهي، 1982ع ۾ ان جي هڪ ٻئي البم ٿرلر اهڙي ڌوم مچائي ته هر هڪ جي زبان تي مائيڪل مائيڪل هيو جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيل البم به قرار ڏنو ويو، مائيڪل جيڪسن جي آواز سان ان جي انوکي ڊانس اسٽائلز به عالمگير مقبوليت حاصل ڪئي جنهن جو مون واڪ نالي ڊانس اسٽال ان جي سڃاڻپ بڻجي ويو، ٿرلر، بيٽ اٽ، بيڊ، ڊينجرس ۽ بلي جينز جهڙا بلاڪ بسٽر ميوزڪ البم ڏيندڙ مائيڪل هڪ حمد الله ٽو ٿئينڪس گو به رڪارڊ ڪرايو جنهن سان ان جي اسلام قبول ڪرڻ جي افواهن جنم ورتو، ڪنگ آف پاپ مائيڪل جيڪسن ڪجهه سال پهريان دنيا کان رخصت ٿيو جڏهن ته پنهنجن گانن جي صورت ۾ هو اڄ به پنهنجن چاهيندڙن جي دلين ۾ جيئرو آهي.پاپ موسيقي جي تاريخ ۾ ايلوِس پريسلي کانپوءِ مائيڪل جيڪسن ئي اهو نالو آهي، جنهن موسيقي جي دنيا ۾ عالمي شهرت ماڻي. هن ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجو نالو
    مشهور ڪري ورتو هو، هن جي جسماني ٽيڪنڪ جديد ڊانس جي ڪلچر ۾ هڪ انقلاب آندو. گنيز ورلڊ ريڪارڊ ۾ مائيڪل جيڪسن کي تاريخ جو ڪامياب ترين Entertainer قرار ڏنو ويو آهي. اڄ تائين هن جي مختلف البمس جون 75 ڪروڙ کان مٿي ڪاپيون وڪامجي چڪيون آهن. هن جي ميوزڪ البم ”ٿرل“ ڪاميابي جا رڪارڊ ٽوڙيا. هن جا 16 البم اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن.
    مائيڪل جيڪسن 21 آڪٽوبر 2008ع ۾ عالم دين جي سامهون مسلمان ٿيو. هن جو پهريون البم 1960ع ۾ آيو، سندس ٻئي البم (Thriller) جون هن وقت تائين 10 ڪروڙ ڪاپيون وڪامجي چڪيون آهن، جيڪو عالمي سطح تي هڪ رڪارڊ آهي. ڏينهون ڏينهن سندس وڌندڙ مقبوليت کي ڏسي، مخالفن هن جي خلاف سازشون شروع ڪري ڏنيون. 1993ع ۾ مائيڪل جيڪسن تي هڪ ٻار سان زيادتي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، جيڪو ڪيس هن تي 5 سال هلندو رهيو.
    مائيڪل 2 شاديون ڪيون، هڪ ايلوِس پريسلي جي ڌيءَ ليزا ميري پريسلي سان، جڏهن ته ٻي شادي ڊيبورن جيني روو سان ڪئي. 25 جون 2009ع تي پاپ سنگر مائيڪل جيڪسن دل جي تڪليف سبب موڪلاڻي ڪري ويو.... ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو