ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ليکڪ عيسي ميمڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڪالم نگار، پبلشر, ڪهاڻيڪار ۽ليکڪ عيسي ميمڻ.
    فقير محمد سنڌي
    هر انسان جي زندگي به ته هڪ ڪهاڻي مثل آهي، سماجي قدرن جي حقيقت پسندي، تاريخي ماڳن ۽شخصيتن جو اثر هر انسان جي زندگيءَ ۾ شامل آهي ،انهي سڄي ماحول کي سماج کي ڪيئن ٿو ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو، انهيءَ سماج کي عيسي ميمڻ سمجهي مخصوص انداز سان جوڙيو آهي. انهيءَ جوڙيل سماج ۾ عيسي ميمڻ 9جولاء 1985ع تي ڳوٺ کوهاري تعلقي ڏوڪري ۾ الله ڏنو ميمڻ جي گهر جنم ورتو. عيسي ميمڻ زندگيءَ جا ٽي سال ڳوٺ کوهاري ۾ گذاريا، 1988ع کان 2008ع تائين ڏوڪري ۾ گذاري ۽ لاڙڪاڻي کي به زندگيءَ جا پل ارپي رهيو آهي. ليکڪ جي زندگي معاشري ۾ مخصوص نفسياتي ڪيفيت مان گذري ٿي جنهن تي قلم کڻي لکڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. روزگار جي معاملي ۾ فرد پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏاڍي جفاڪشي ڪري ٿو، عيسي ميمڻ به زندگيءَ کي پنهنجي محنت سان سنواريندي،1992ع کان 1997ع تائين ڇولا وڪرو ڪري هن سماج ۾ رهڻ جو دڳ ڳوليندو رهيو. سندس مسلسل زندگي جو مشغلو مزدوري ڪندي نظر اچي ٿو، 1999ع ۾ ڪارن صاف ڪرڻ يا وري 2000ع کان مانڊي هلائي ۽ ريڙهي هلائي. هن قسم جي سوانح نگاري ۾ حقيقتن سان گڏوگڏ دلچسپ واقعا به شامل هوندا آهن. معلومات سان گڏ گڏوگڏ علمي ۽ ادبي رنگ به هوندو آهي. عيسي ميمڻ ايتري مشڪل زندگي ۾ تعليم کي به جاري رکيو. پرائمري 1995ع مڪمل ڪيائين، مئٽرڪ 2000ع ۾، انٽر 2002ع ۾، بي اي 2004ع ۾، ايم اي 2006ع ۾، ايل ايل بي 2007ع ۾ ۽ايم فل سنڌي ادب 2018ع مشغولي عمل آهي. عيسي ميمڻ جو روح مسلسل محنت سان ڪم ڪرڻ کي اولين ترجيع ڏئي رهيو آهي، ادبي کيتر ۾ 1998ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري سان لاڳاپيل رهيو، 2012ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو سرگرم عمل رهيو، انهي دوران يعني 2012ع کان سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جو باني بڻيو. سماجي وابستگي ۾ 1997ع ۾ ايڪٽو اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن ڏوڪري جو ميمبر 2008ع تائين، 2005ع کان مهين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ جو باني ميمبر، 2003ع کان ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏوڪري جو باني ميمبر خدمتون سرانجام ڏنيون. 2004ع کان 2005ع تائين ماڊل اسڪول ڏوڪري ۾ ٽيچنگ ڪيائين، 2005ع کان 2007ع تائين بقا گرامر اسڪول لاڙڪاڻو ۾ درس تدريس طور عملي ڪم سر انجام ڏنو. 2007ع کان 2008ع تائين نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ ۾ فيلڊ ڪو آرڊينٽر طور ڪم ڪيو. 2008ع کان 2009ع تائين پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ ٽيچنگ سان وابستا رهيو. 2009ع کان 2010ع تائين سي ايس ايس ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ٽيچنگ جا فرائض سرانجام ڏنا۽ اهڙي طرح زندگي جي مسلسل محنت 23جنوري 2010ع تي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ jst طور تي نوڪري ملي ويس.
    عيسي ميمڻ زندگيءَ جي ڏينهن ۾ 22ڊسمبر 1999ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ بک هڙتال ڪندي گرفتاري لاڪ اپ ۾ رهڻ بعد آزاد ٿيو۽ اهڙي طرح 10جون 2001ع ۾ پاڻي لاءِ احتجاج ڪندي موري مان گرفتاري 2 ڏينهن موري لاڪ اپ ۾ رهڻ کان پوءِ 8جولاء تائين سينٽرل جيل سکر ۾ رهيو.
    سنڌ جو خوبصورت شهر لاڙڪاڻو، جيڪو سرسبز، شاداب، شاهوڪار، ادبي ۽سياسي تحريڪن جو مرڪز، هري دلگير لاڙڪاڻي لاءِ لکيو آهي ته:منهنجي لاءِ روح جي فرحت ۽ قلب لاءِ ڪشتو آهي، انهي لاءِ لاڙڪاڻي جي عام مروج پهاڪي کي شاعري جو روپ ڏنو آهي.
    لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو، مڪان معشوڪاڻو،
    ماحول شاعراڻو، هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.
    عيسي ميمڻ به انهيءَ لاڙڪاڻي جي هوائن جي ادائن کي پسند ڪري ٿو، جنهن جي ڪري هر سرگرم عمل آه
    عيسي ميمڻ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور، ماهوار سنگت سما چار، کي به ڪجھ پل ارپيا آهن، اهڙي ريت جوائنٽ ايڊيٽر طور 2007ع کان سلسليوار سمبارا مئگزين سان به نڀاء رکندو پيو اچي ۽اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ماهوار سارنگ، ڪراچي لاءِ به ادب ۾ محبت ۽ لڳاء جو ثبوت آ
    شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي گنج ۾ سر کاهوڙي جو بيت ٿو ياد اچي ته :
    مون سين ڏٺا ماء، جنين ڏٺو پرينء کي،
    رهي اچجي راتڙي، تن جنگن سنديء جاء،
    تنين جي ساڃاء ، ترهو ٿيندو تار ۾.
    هر وقت متحرڪ رهندڙ عيسي ميمڻ زندگيءَ جي پلن کي اڃا سجهايو ڪندي ڪافي ڪتاب سونهن جي مالها وانگر پوهي پيش ڪيا آهن، جنهن ۾:
    سياست، تاريخ ۽ڪردار (ڪالم ۽مضمون) 2012ع،
    پرھ جو پيغمبر (ترتيب) 2013ع (جي ايم سيد جون تقريرون)، مهين جو باغي (ترتيب) 2012ع،سماج ۽ ادب جو سفر، سرور منگي (ترتيب) 2015ع،س ا س ڏوڪري ۽لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ 2017ع ۽ سنيھا سپرين جا (خط) 2018ع جيڪي شامل آهن.
    عيسي ميمڻ پنهنجي ادب لاءِ مختصر ڪهاڻيون به لکيون آهن، عيسي ميمڻ جي هڪ مختصر ڪهاڻي. خسرو
    تون منهنجي مڇ جي وار وانگر آهين، مان جڏهن چاهيان ۽ جاڏي چاهيان توکي ورائي سگهان ٿو ڇا ڪاڻ ته نڪاح ڪرڻ کان پوءِ قانوني توڙي مذهبي سڀ حق مون کي ملي ويا آهن، واجد هڪ ساهي پنهنجي گهرواري کي چئي ڇڏيو. هن جي گھر واري هلڪي مسڪراهٽ ۾ هن کي چيو ته، تون خسرو آهين، خسري جا سڀ قانوني ۽مذهبي حق وقت کان اڳي ڇڻي ويا آهن. هن جي زال جي هنن اَگرن لفظن هن جي مردانگي واري سوچ تي دانگي ملي ڇڏي هئي ۽ هن جو ڪنڌ جهڪي ويو هو.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو