ڊراما نويس، ڪهاڻيڪار ۽ناول نگار علي بابا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڊراما نويس ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار علي بابا
    فقير محمد سنڌي
    سنڌ جي ناليواري ڊراما نويس ، ڪهاڻيڪار۽ ناول نگار علي بابا، 1940ع تي ڪوٽڙي ۾ جنم ورتو، علي بابا پهرين نوڪري ڪلارڪ طور ڪئي، 1965ع ۾ نوڪري ڇڏي لکڻ پڙهڻ واري شعبي ۾ پير رکيو. علي بابا ٽي وي ، اسٽيج ۽ ريڊيو لاءِ ڪيترائي شاهڪار ڊراما لکيا،جڏهن ته هن گيتن ڀريون ڪهاڻيون به لکيون. علي بابا جي مشهور ڊرامن ۾ دنگي منجهه دريا، هوشو شيدي، مومل راڻو، ٻاليشاهي، موکي متارا، رقص، حيات، ۽ ٻيا به شامل آهن. علي بابا پنهنجي قلم سان 300کان وڌيڪ ڪهاڻيون تخليق ڪيون سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1983ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ 18ڪهاڻيون شامل هيون. علي بابا جو ٻيو ڪتاب “ آيل ڙي اولاڻا ” 1984ع ۾ ڇپيو جڏهن ته سندس ٽيون ڪتاب 1994ع۾ ڇپيو . شاهڪار ناول “ موهن جو دڙو” کي ادبي حلقي ۾ تمام گهڻي ساراهه ۽ مڃتا ملي. علي بابا ٻارن لاءِ به هڪ ڪتاب “ سند باد جو سفرنامو “ لکيو.
    جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو.
    علي بابا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ 100 کان مٿي ڊراما لکيا. سندس ٽي وي ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياءُ“ کي ميونخ جرمنيءَ جي عالمي ميلي ۾ 79 ملڪن جي ڊرامن مان ٽيون نمبر بهترين ڊرامو قرار ڏيئي ”ايوارڊ“ سان نوازيو ويو، هي ڊرامو سنڌو درياءَ جي مهاڻن جي ڪهاڻيءَ تي مشتمل هوسندس مشهور ڊرامن ۾ ٻاليشاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات (اهو موهن دڙي جي ناچڻي ۽ زندگي بابت هو) وغيره شامل آهن.سنڌ جي هڪ عالم، تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ علي بابا کي ”سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ“ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. تاج جويو لکي ٿو ته منهنجيءَ نظر ۾ هو ”سنڌ جي روح جو پارکو“ ڪهاڻيڪار آهي. تاج کيس امر جليل ۽ نسيم کرل کان پوءِ ٽيون نمبر بهترين ڪهاڻيڪار مڃي ٿو. نبض شناس، وقت جي نازڪ رڳ تي هن جا هٿ رکيل رهن ٿا ۽ دائمي اثر ڇڏين ٿا. سندس ڪهاڻي ”ڪجلا تجلا ماڻهو“..... آمريڪن اسڪالر ليڊي سنڌ جا آرٽس ۽ ڪرافٽ ڏسڻ ٿي گهري. گائيڊ سڀ ڪجهه ڏيکاريندي سنڌ جي آرٽ ۽ ڪلچر کي ڄڻ پرٽي ڇڏي ٿو. مھين جي دڙي جي سڀيتا اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار علي بابا، 8 آ گسٽ 2016 سومر ڏهاڙي ڪهاڻي کيتر سان گڏ سڄي سنگت کي الوداع چئي هميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو، اهڙو سدابهار شخص سنڌي ڪهاڻي، ٻوليءَ ۽ادب کي ورلي ملندو.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو