سنڌ جو ناليوارو فنڪار، موسيقار، ليکڪ بيدل مسرور

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سنڌ جو ناليوارو فنڪار، موسيقار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، مترجم ۽ نقاد، بيدل مسرور
    فقير محمد سنڌي

    سنڌ جو ناليوارو شاعر، ادیب، محقق، ڪهاڻيڪار ۽موسيقار بيدل مسرور بدويءَ جو اصل نالو بيدل بخش مسرور آهي. بيدل مسرور 11 جولاءِ 1947ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو، تعليم. بيدل مسرور جي ادبي شروعات روزاني عبرت حيدرآباد جي پرچي ٻارن جي ٻاري کان ٿي، زندگيءَ جي پهرين ڪهاڻي، مان ڪير آهيان روزاني خادم وطن حيدرآباد ۾ 21 فيبروري تي ڇپي، بيدل مسرور جو پهريون شعر، سچل سرمست جي عقيدت ۾ لکيل نظم جيڪو ماهوار اديون ڪراچي ۾ ڇپيو. تعليم، ايم. اي سنڌيءَ ۾ ”شڪارپور جي لئبريرين ۾ رکيل ڪتابن جو ڪيٽلاگ عنوان“ سان مونوگراف لکيو، بيدل مسرور جو پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن سان واسطو رهيو ۽ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان سينيئر پروڊيوسر طور رٽائر ڪيو اٿس. هن ميوزڪ ۽ ڊرامن جي پروگرامن تي چار عدد گولڊ ميڊل ۽ پي ٽي وي اوارڊ حاصل ڪيا آهن. سنڌي موسيقيءَ کي جدت ڏيڻ ۾ هن جون تمام وڏيون خدمتون آهن. خاص ڪري شيخ اياز، امداد حسيني، استاد بخاريءَ ۽ ٻين وڏن شاعرن جي شاعريءَ کي هن نون سرن ۽ پنهنجي ڪمپوزيشن ۾ ڳائي سنڌ ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي. سندس تصنيفن ۾ راڻي، ناوليٽ: 1971ع، ڀوڳنا جو سفر ڪهاڻيون 1988ع چاهتن جي ٽِواٽي تي ۽ آءِ لو يو ٻه جاڙا ناول: 1999ع، سپنن جو سنسار، ترجمو: 2007ع ۽ بيدل نامو شامل آهن. سندس تاليف ڪيل ڪتابن ۾ ’ڪليات مسرور‘ ڀاڱو پهريون 2007ع، ’هير رانجهو‘ (فقير غلام علي مسرور جي مثنوي) شامل آهن. ان کانسواءِ هن جو هڪ ناول ”نظرين جو چڙياگهر ۽ هڪ ڀولو“ ماهوار ”پورب“ ڪراچيءَ ۾ جنوريءَ کان آڪٽوبر 1996ع تائين قسطوار ڇپيو هو. بيدل مسرور جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن شڪارپور جو باني، سنڌي ادبي سنگت، شاخ شڪارپور جي نئين دور جو باني، سنگت شاخ ڪراچيءَ جو ميمبر، سنگت سچل ڳوٺ جي باني ميمبرن مان رهيو آهي، هن شڪارپور مان گلشن سيريز جا پنج ٻاراڻا ڪتاب ۽ محل پبليڪيشن شڪارپور پاران 6 ڪهاڻين جا مجموعا ڇپائي پڌرا ڪيا، جن ۾ مشهور ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ جي ڪهاڻين جو مجموعو، ’ساگر جي لهرن تي‘ 1976ع به شامل آهي، بيدل مسرور مٿين ٻنهي ادارن جو باني رهيو آهي. بيدل مسرور سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽيءَ جو 5 سال چيئرمئن به رهيو آهي. سندس هيٺيان ڪتاب اڻ ڇپيل آهن. پل پوپٽ، پل جگنو، سوانحي ناول، ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا اسٽيج ٿيٽر،
    اڪ جو پن، شاعري، . چيني رهنما ليوشائوچيءَ جي ڪتاب How to be a good Communist جو ترجمو. بيدل مسرور جا سنڌي شاعريءَ، موسيقي، شخصيات ۽ ادبي ڪتابن تي تنقيد بابت تمام گهڻا مقالا، ڪالم ۽ مهاڳ، اخبارن ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. بيدل مسرور اهڙي زندگي جيڪڏهن ٻيھر مليس ته وري به ان کي ميلي وانگر گذارڻ جو خواھش مند آهي. هن جون ٻه شاديون آهن، ٻي شادي ٽيليويزن جي سنڌي ڊرامن جي مشهور اداڪار خاتون بينا سان ٿيل آهي . بيدل مسرور هن وقت سچل ڳوٺ، نزد پي. سي. ايس. آر لئبارٽريءَ ملير، ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. بيدل مسرور کي فن جي دنيا ۾ مڃتا ايوارڊ مليا آهن جنهن ۾، گريجوئيٽ ايسو سي ايشن (گولڊ ميڊل)، گل آرٽ پروموٽرس ڪراچي (گولڊ ميڊل) گل آرٽ اڪيڊمي ڪوئيٽيا (گولڊ ميڊل)، براهوي اڪيڊمي بلوچستان (گولڊ ميڊ)، پي ٽي وي ايوارڊ (ٽي عدد)، مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران موسيقيءَ جي مڃتا ۾ سرٽفڪيٽ ۽ شيلڊ پڻ شامل آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو