نوجوان شاعر ۽اديب راز شاهاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    نوجوان شاعر۽اديب راز شاهاڻي
    فقير محمد سنڌي راز شاهاڻي اصل نالو رب ڏنو پٽ سائين بخش شاهاڻي آهي. هن تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ 15 جولاءِ 1976ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ڪيائين. انٽر آرٽس ۽ بي. اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سنڌي) سچل سرمست آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان 2003ع ۾ ڪيائين. هن ادبي سفر جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. سندس شاعري ماهوار نئين نياپي، ٽماهي مهراڻ، ماهوار پورب، عبرت مئگزين وغيره ۾ ڇپجندي رهي. هي سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جو ميمبر رهيو. ڪجهه عرصو ريڊيو تي فيچر ۽ ڊراما لکيائين. 1998ع ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر ٿيو، پر ڪجهه وقت کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي حيدرآباد ۾ صحافت ڪيائين. روزاني تعميرسنڌ، هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ ۾ ڪجهه وقت ڪم ڪيائين. جولاءِ 2004ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ٿيو. آگسٽ 2006ع ۾ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ ايڊهاڪ تي سنڌيءَ جو ليڪچرر ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان کانپوءِ 2012ع ۾ پراونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايجوڪيشن (PITE) نوابشاهه ۾ آفيسر ٿـيو ۽ اتي ايـڊيـٽـر طور ڪم ڪري ٿو. هـن جـي ترتيب ڏنل ڪـتـابـن ۾: (1) بلوچ ۽ عشق، (2) لطيفي معلومات ۽ سهڻا قول (2003ع) شامل آهن.راز شاهاڻي جي من جي عڪاسي ڏاڍي گرمي جوشي سان گڏ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ لفظن جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي جنهن جي معني ته سولائي سان معلوم ٿئي ٿي، اهو آهي شاعريءَ جو حسن،جيئن راز شاهاڻي پنهنجي لفظن ۾آئيني جيئان صاف سٿرو نظر اچي ٿو.

    هوءَ جا درد نگر جي رهواسڻ
    جنهن جي سُونهن سويرن جهڙي،
    پنهنجي نرم گداز نظر سان،
    معصوميت مان،
    هر پل منهنجي خيالن جي،
    ڳڙکي کولي،
    پنهنجو درد ٻُڌائي ٿي
    ۽ مون کان ڪجهه لکرائي ٿي!

    هن جي رنج الم جو قصو،
    سانجهيءَ جيئن غمگين لڳي ٿو،
    شروع ڪجهه هن ريت ٿئي ٿو:
    هُوءَ جا پنهنجي بابي جي
    وڏور نياڻي،
    جنهن کي پنهنجي پيءُ پڙهائي،
    نخرن ساڻ نپايو هو،
    پر هُن کي پنهنجي مرضيءَ پويان،
    زوريءَ بدي ۾ پرڻايو هو-
    ڄڻ ڏيج ۾ درد ڳڻايو هو-

    هُن چَپ سان چُپ سجائي،
    پنهنجي هَڙ وڃائي هُئي
    گهر جي پَت رهائي هُئي

    هُن جي ڏولي هڪڙي ڏينهن،
    سُهراڻي پار هلي وئي،
    ٿي اباڻن کان ڌاري هلي وئي.
    نئون گهر نوان رشتا ها،
    ڪجهه سهنجا ها، ڪجهه اَهنجا ها،
    پر هُوءَ جا پنهنجي باباڻن جي،
    پياري، ساهه سيباڻي هُئي،
    گهر واري جي گهر ۾ ڄڻ
    ڪِني ۽ ڪسبياڻي هُئي
    ڇا جي لاءِ جو هُن کي،
    پهريون پُٽ نه پر، ڌيءَ ساماڻي هُئي-
    هُن جي جوڀن کي لوساٽ لڳي وئي،
    خوشين کي ڄڻ کاٽ لڳي ويو
    هُن جي چَپ جا گُل گلاب ڪومايا
    ڪنوارا، ڪومل خواب ڪومايا
    پوءِ هڪڙو اهڙو ڏينهن به آيو
    هُن کي هِن جي دائي،
    ڌيءَ جي پويان ڌيءَ ڄڻائي
    هُن جي رهيل خوشين کي ڄڻ
    تيلي ڏئي باهه لڳائي-
    هُن تي مڙسس مُنهن گهنُجايو
    سسڻس نئون پهه پچايو
    ڇوڪر جي ٻي شادي ٿيندي
    ڇوڪر جي ٻي شادي ٿي
    هن جي ڪمري ۾ ئي،
    ڪنوار جو بيڊ سجايو ويو
    هُن کي جيئري دفنايو ويو
    مُڙسس کي نئين ڪنوار ملي وئي
    هُن کي منهن تي گار ملي وئي-
    هُوءَ ٻار وٺي باباڻي آئي،
    هُن جي ننڍپڻ جي ڪمري کي،
    ڀاڄايُن ولاريو هو،
    هُن کي ائين لڳو ڄڻ
    بابي جو گهر ڌاريو هو-
    هُوءَ ڳاڙهي هُئي، نه ڪاري هُئي
    شاديءَ هوندي ڪنواري هُئي،
    معصوم صفا ويچاري هُئي
    رسمن جي پر ماري هئي.

    شاعريءَ اندر جي اڌمن جو اظهار آهي، شاعري قدرتي ڏات به آهي جنهن سان اندر جي ترجماني ٿئي ٿي. شاعري روحن جي خيالن جو اظهار ٿئي ٿي ته پوءِ شاعري هر جيو جي لمحن جي احساس جو حصو محسوس ٿئي ٿي.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو