نواز شريف کي “عوامي خدمت” جي سزا ملي رهي آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ان وقت حيرت ۽ تعجب وچان وات پٽيل ئي رهجيو وڃي جڏهن خود ميان نوازشريف، سندس چاهيندڙ ۽ ڪجهه صحافتي ۽ دانشور طبقي سان تعلق رکندڙ ڏاها اها دعوايٰ ڪرڻ لڳن ٿا ته ميان نوازشريف کي جيڪا به سزا ملي رهي آهي سا اسٽيلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ عوامي بالادستيء جو جھنڊو بلند ڪرڻ جي صلي ۾ ملي رهي آهي.اهو هڪ اهڙو کل جوڳو ۽ نامعقول موقف آهي جنهن جي ثبوت ۾ اڄ تائين ڪابه ناقابل ترديد شيء يا دليل سامهون نه اچي سگھيو آهي.هڪ ته اسان ماڻهن جو گڏيل مزاج ئي اهو رهيو آهي جو تاريخ کي اسان ترت ئي ڀلجي وڃون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايزائيندڙ ڪردار اسان لاء قومي هيرو بڻجيو وڃن ۽ ڪيترائي بهترين ڪردار اسان جي اجائي تنقيد ۽ تضحيق جو نشانو بڻجيو پون.چئي سگھجي ٿو ته وقت سان گڏوگڏ ماڻهن جون سوچون،نظريا ۽ ڪردار بدلجي سگھن ٿا.انسانن ۾ تبديلين،تعمير،سڌاري ۽ اصلاح جو عمل جاري رهي ٿو.اهو به چئي سگھجي ٿو ته وقت ۽ حالتون به ماڻهوء جي سوچن ۽ روين تي اثر انداز ٿين ٿيون.صحيح آهي پر انسان جون بدليل سوچون سندس بدليل روين ۽ ڪردار مان ضرور ظاهر ٿي رهنديون آهن.اهو ٿي نٿو سگھي ته دل ۾ ته نهٺائي،نياز ۽ نوڙت هجي ۽ روين ۾ اجايو غصو، آڪڙ، غرور ۽ تڪبر هجي.اندر ۾ ته ڏتڙيل انسانيت جو درد هجي ۽ روين ۾ عوامي اهنجن،آزارن ۽ مسئلن کان لاپرواهي هجي.من ۾ ته مصيبت ماريل ماڻهن لاء همدرديء جو جذبو هجي پر پنهنجو سمورو وقت ۽ ڌيان صرف پئسو گڏ ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏجي. پورن ٽيهن کان پنجٽيهن سالن جو عرصو اقتدار ۽ اختيار ۾ رهڻ باوجود به جيڪر اڄ به عام ماڻهو زندگيء جي بنيادي ضرورتن کان محروم آهي ته انهيء الميي جو ذميدار انهن حڪمرانن کي نه ٺهرائجي ته پوء ڪنهن کي پٽون پاراتا ڏجن؟ يا ته اهو چئجي ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه ڪرپشن نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن رهي آهي.پر جيڪر ايئن نٿو چئي سگھجي ته پوء ظاهر آهي ته غريب عوام جو پئسو وڏي بيدرديء سان ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي جنهن جي ذميداري انهن جي مٿان ئي عائد ٿئي ٿي جيڪي ملڪ تي واري واري سان حڪومت ڪندا رهيا آهن.انهن مان اتفاق سان جيڪر ڪو پڪڙ ۾ آيو آهي ته انهيء تي هرطرف اهڙي ته هاء گھوڙا متل آهي ڄڻ ته هن ويچاري ڪجهه ڪيو ئي ناهي! مٿان ستم اهو جو عوام سان ڪيل ايڏي ستم باوجود چيو اهو پيو وڃي ته کيس عوامي خدمت جي ڪيل ڏوهه جي سزا ملي آهي. اصولن ۽ نظرين جي جنگ آهي،آزادي ۽ جمهوريت جي لاء جدوجهد جي تاريخ آهي وغيره وغيره. جڏهن سوال ڪجي ٿو ته ڪهڙو نظريو؟ جواب اهوٿو اچي ته هٿ وٺي سياستدانن کي بدنام ڪيو پيو وڃي. ڦرلٽ ته ٻين به ڪئي آهي پوء احتساب رڳو سياستدانن جو ڇو؟ بيشڪ وزني سوال آهي پر ٻين مان مراد انهن وٽ عام طور تي جنرل ۽ جج هوندا آهن؟بلڪل انهن جو احتساب ٿيڻ گھربو هو ۽ هاڻي به ٿيڻ گھرجي پر سوال اهو ته اهو احتساب ڪندو ڪير؟ اهي سياستدان جن جي پنهنجي ڪردار تي وڏا سواليا نشان موجود آهن؟جيڪي اسيمبلي فلور تي هڪڙي ڳالهه،ٽي وي شو ۾ ٻي ڳالهه، قوم کي خطاب دوران ٽين ڳالهه،عدالتن ۾ چوٿين ڳالهه جڏهن ته عوامي جلسن ۾ اڃا به پنجين ڳالهه ڪن ٿا.عوام سندن ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪري؟ هن وقت ميان صاحب سان ماتم ۾ شريڪ ٿيڻ کان پهرين ٿورو تاريخ ڏانهن به ڏسڻ ضروري آهي.جڏهن 1985ع ۾ ملڪ جي هڪ اهم ۽ وڏي سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽيء وقت جي بدترين فوجي آمر طرفان اعلانيل فراڊي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو ان وقت ميان صاحب پاڻ ڪٿي بيٺل هو؟ڇا هو انهيء آمر جي ڇانو ۾ منعقد ٿيل عام چونڊن ذريعي ئي لاهور جي تخت تي نه ويٺو هو ۽ ويندي 88ع تائين انهيء ئي آمر جو ساٿ ڏيندي ان وقت جي چونڊيل جوڻيجو گورنمينٽ کي غير آئيني طور تي گھر ڀيڙو ڪرڻ ۾ سندس ساٿاري بنيل نه رهيو؟پوء جوڻيجي مرحوم سان هن جيڪي ڪجهه ڪيو اهو هڪ الڳ باب آهي.1988ع ۾ ئي جنرل ضياء الحق جي موت بعد هن سندس قبر تي بيهي سندس ئي مشن کي اڳتي وڌائڻ جو اعلان نه ڪيو هو؟1988ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿيل محترمه بي نظير ڀٽو جي حڪومت خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ موصوف جو ڪهڙو ڪردار رهيو؟محترمه شهيد ۽ بيگم نصرت ڀٽو خلاف هلايل نهايت ئي ڪريل اخلاقي مهم جو اڳواڻ ڪير هو؟ 1990ع جي چونڊن ۾ ڳجھهن ادارن جي مرضيء سان ٺهيل اسلامي جمهوري اتحاد ذريعي محترمه کي اقتدار کان پري رکڻ لاء ٿيندڙ هر سازش جو اصل مهرو ڪير هو؟ ڪنهن پاڻ پئسا ورتا ۽ پئسا وٺي ٻين سياسي پارٽين ۾ ورهايا؟1993ع ۾ محترمه ڀٽو جي آئيني ۽ قانوني حڪومت خلاف ڪنهن بغاوت جو علم بلند ڪيو؟1997ع جون چونڊون موصوف ڪنهن جي سهاري ۽ آشيرواد سان کٽيون؟ججن کي فون ڪرائي محترمه کي سزائون ڏيارڻ جي سفارش ڪنهن ڪئي؟ محترمه خلاف سوين ڪوڙا ڪيس ڪنهن قائم ڪيا ۽ کيس ايترو ته پريشان ڪيو جو هن کي آخرڪار پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪرڻي پيئي؟ بدنام زمانه سيف الرحمان ڪميشن طرفان اها ڪهڙي ڪريل حرڪت هئي جيڪا پنهنجي سياسي مخالفن خلاف ان نظرياتي اڳواڻ نه ڪئي هئي؟ چوڻ وارا چئي سگھن ٿا ته مشرف جي راتاهي کان پوء ميان صاحب نظرياتي بڻجي ويو.اڳتي هلو، ميمو گيٽ ۾ ڪير ڪارو ڪوٽ پائي انهن ئي عدالتن ۾ پهچي ويو جن کي اڄ ڪلهه هو گھٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي.پنهنجي پسند جي ججن جي بحاليء لاء ڪنهن ريلي ڪڍي هئي ۽ اها ريلي ڪنهن آمر جي خلاف هئي يا ڪنهن چونڊيل جمهوري حڪومت خلاف؟ وري اها ريلي ڪنهن جي حڪم تيّ ختم ڪئي ويئي؟ان وقت جي چونڊيل وزير اعظم جي چوڻ تي يا ٻئي ڪنهن جي چوڻ تي؟ جڏهن انهن ئي عدالتن ۾ ان وقت جو چونڊيل وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني گهلجي رهيو هو ان وقت ان انقلابي ۽ عوامي اڳواڻ جا ڇا خيال ۽ نظريا هئا؟ ڇا هن اهي لفظ نه چيا هئا ته گيلاني پهرين استعيفا ڏيئي گھر وڃي ۽ پوء جڏهن سندس بي گناهي ثابت ٿئي ته واپس اچي وزارت عظميٰ سنڀالي؟ان کان پوء 2013ع جون چونڊون هن ڪنهن جي مليل ڀڳت سان کٽيون؟جنرل مشرف جهڙي ڊڪٽيٽر جي ويجھن ساٿين کي وزارتون ۽ صلاحڪاريون ڪنهن ڏنيون؟سوال اهو به آهي ته پنهنجي اقتدار دوران جڏهن جنرل مشرف هٿيڪو پاڪستان ۾ هو ته پوء سندس خلاف ڪا قانوني ۽ آئيني ڪاروائي ڪرڻ بدران کيس ملڪ کان ٻاهر ڇو وڃڻ ڏنو ويو؟هن ان وقت اهو اصولي ۽ نظرياتي موقف ڇونه اختيار ڪيو؟ پنهنجي حڪومت بچائڻ لاء يا ڪنهن لڪيل ڊيل سبب؟ ڇا ماضيء ۾ سندس قابل اعتماد ساٿي رات جي اونداهين ۾ انهن گھٽين ۾ نه ڏٺا ويا جن گھٽين کان هاڻي هن کي وحشت ٿيڻ لڳي آهي.ڇا اڄ به سندس ڀاء ۽ پارٽيء جو صدر اهو اعلان نه ڪري رهيو آهي ته فوج سان ڊائلاگ ڪري پرڏيهي پاليسي،معيشت،ملڪي سلامتي ۽ ٻيا اهم ۽ بنيادي معاملا طيء ڪرڻ گھرجن؟آخري سوال اهو ته جيڪر عدالتن جا ماضيء جيان سڀ جا سڀ فيصلا نواز شريف جي حق ۾ اچن ها ته ڇا پوء به هو عدالتن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ايئن للڪاري ها؟جي انهن سڀني سوالن جو جواب ڏيڻ بدران، ڪو اهو چوڻ تي ئي سندرو ٻڌي بيٺل نطر اچي ٿو ته ميان نواز شريف کي عوامي خدمت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سزا ملي آهي ته اهڙي ڏاڍ مڙسيء کي ڇا ٿو ڪري سگھجي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو