پرين جي پيار جي پرچي…!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    برھ جي باھ ۾ پڃرندي ڪافي عرصو گذري چڪو هو، تہ وري اچانڪ پرين جي پيار جي پرچي موصول ٿي، پڙهي ڪري من جو سارو ماحول مھڪڻ بدران مايوس ٿيڻ لڳو…!

    سندس لکيل هڪ هڪ لفظ مون کي نراسائي ڏانهن ڌڪڻ لڳي آءُ سندس طرفان موصول ٿيل خط کي مڪمل پڙهي نہ سگهيس…!

    ھُو لکي ٿي تہ…!

    تہ آءُ حالاتن آڏو ايڏو مجبور ٿي وئي آهيان جو مون کي توڏانهن هي خط لکڻو پيو، هڪ ڳالھ جي پڪ رک تہ هاڻ حالتون ساڳيون ناهن رهيون، هاڻ رات جي پهر ۾ ستارن جي سجاوٽ ڪاوڙ توڙي چِڙ ڏياري ٿي، هاڻ الاءَ ڇو اکين مان پاڻي نڪرڻ بند ٿي ويو آهي، هاڻ تہ گلابن جي خوشبو بہ من کي نٿي مهڪائي، سڄو سارو ماحول اڻ وڻندڙ توڙي پنهنجي خلاف محسوس ٿيڻ لڳي ٿو…!

    نيڻن منجھ سمايل سڀ خواب ساڀيان ماڻڻ کان اڳ ئي چڪنا چور ٿي ڪري ڀسم ٿي ويا آهن، آءُ حالتن جي اڳيان ايڏو تہ ڪمزور ٿي وئي آهيان جو هاڻ پنهنجي پاڻ کي سنڀالي بہ نہ ٿي سگهان، سو سگهارو ئي ڪوئي ڪلياڻ ڪري پنهنجي پريت جي ريت کي برقرار رک نہ تہ پيار ڪرڻ وارن جي نظر ۾ پاڻ قيامت تائين گهنگار لکيا وينداسين…!

    اڃا وڌيڪ پڙهڻ جي همٿ پاڻ ۾ سمجهي نہ سگهيس ۽ خط کي بند ڪري اکين منجھ جاري ٿيندڙ لڙڪن ساڻ پرين کي سارڻ لڳس…!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو