ڪم کان ٽهندڙ مخلوق ۽ بهانن جي دنيا!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    چوندا آهن ته ڪم نه ڪرڻ جا سوين طريقا ۽ هزارين بهانا ٿين ٿا.جڏهن ڪنهن شخص دل ئي دل ۾ اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هجي ته ڪم ڪرڻو ناهي ته ڪنهن جو ڏاڏو به هن کان ڪم وٺي نٿو سگھي.البت سمجھائو خان عرف مسٽر موچڙي جي ڪرامت ڪجهه الڳ آهي جيڪو گھڻن هائي بلڊ پريشري طبيعتن کي نارمل،اڪثر جوشيلن کي نرم ۽ اجاين اتڪن کي نهايت ئي صابر شاڪر بڻايو وجھي.اسان جي سماج ۾ به ڪم کان ڀڄندڙ اهڙن ڪاهلن جي ماڪڙ لٿي پيئي آهي. جتي اڪثر ماڻهو ڪم کان ايئن ڀڄندا آهن جيئن شيطان ڀڄي نيڪيء کان پر جيڪر اهو مثال ڪنهن کي نه وڻي ته پوء ايئن جيئن ڪانء ڀڄي ڪمان کان! ڪانء تان ياد آيو ته چوندا آهن ته ڪانء کي اچي لڙ ۾ مزو سو ڪم کان ٽهندڙ انهن ٽوٽين کي اچي اجائي بڪ بڪ ۾ مزو.جتي ويٺا اتي جيڪر بنان فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي ۽ بنان ڪنهن وقفي يا شارٽ بريڪ جي ڪا شيء مسلسل هلندي، نچندي ۽ ٽپندي،لهرون ۽ ڇوليون هڻندي ۽ هر ڇوليء سان عقل جا عتيق ٻاهر ڦٽا ڪندي نظر ايندي ته اها آهي انهن جي هر وقت ڪان ڪان ڪندڙ زبان.مجال آهي انهن ٻٽيهن سفيد پوش چوڪيدارن جي جيڪي ان زبان کي ڪا زنجير پارائي سگھن بلڪه اهي ته پاڻ ان سان گڏجي هروقت ڊانس ڪندا رهندا آهن.ڪانء تان هڪڙي ٻي ڳالهه ياد آئي ته جھمپير جا ڪانو گھڻو مشهور يا ايئن چئجي ته بدنام آهن.ڪوبه ٽوٽي ماڻهو جڏهن ڪم نه ڪندو آهي ته چوندا آهن ته ”ميان! تون ته ڄڻ جھمپير جو ڪانء هجين.“ ان چوڻي پويان قصو هي آهي ته ڪنهن زماني ۾ جھمپير ۾ کجين جا گھڻا باغ هوندا هئا.موالي ڇا ڪندا هئا جو کجي ء جي ٿڙ کي چهڪ ڏيئي ان جي هيٺان دکي ٽنگي ڇڏيندا هئا جنهن ۾ “تاڙي“ جيڪو کجيء مان ڳڙندڙ نشي وارو رس آهي سو ڦڙو ڦڙو ٿي ان دکيء ۾ گڏ ٿيندو رهندو هو جنهن کي موالي حضرات موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪندا هئا.ڪانون کي لپو لڳي ويو ان سونهري موقعي مان فائدو کڻڻ جو سو اچي انهيء دکي مٿان وارا ڪري انهيء مئي جو مزو وٺندا هئا اهڙيء طرح خوشقسمتيء سان انهن موالي حضرات جي برڪت سان اهي ڪانو به تاڙيء جا موالي بڻجي ويا.هاڻي سٽيون،ڪٽيون يا کڻي سيخون هڻون پر اتي ئي مست ٿي مئن جيان پيا هوندا هئا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ اڏامڻ جي سگھه به ساري نه سگھندا هئا.ويچارا ڪيڏا نه مجبور هئا.پر سياڻن کي ڪير سزا ڏئي جو انهن ڪنهن ٽوٽي ۽ ڪاهل انسان تي جھمپير جو ڪانء نالو رکي ڇڏيو.

    ڪم ڪرڻ واري وٽ ته ڪم ڪرڻ جو هڪڙو جواز ئي کوڙ آهي ته جيڪر آئون ڪو ڪار نه ڪندس ته بيڪار ٿي ويندس پر نه ڪندڙن وٽ هزارين بهانا بلڪه انهن وٽ بهانن جي فيڪٽري هوندي آهي جنهن ۾ هر وقت ڪونه ڪو بهانو گھڙجي رهيو هوندو آهي.ڪم کان ڀڄڻ ئي جڏهن نصب العين بڻيو ته پوء بهانن،دليلن،جوازن،بحثن،عذرن،معزرتن۽نڪتن جو خزانو هروقت پاڻ وٽ حاضر نه رکجي ته ٻيو ڇا رکجي؟ڪم کان ڀڄڻ ايترو سولو ڪم به ناهي.الائي ڇا ڇا گھڙڻو،ڇاڇا ڳولهڻو ۽ ڇا ڇا ٺاهڻو ٿو پوي. ان معاملي ۾ ڪنهن مرض جو طبيعت کي وقفي وقفي سان لاحق ٿيڻ يا ڏاڏي ء يا نانيء جو با بار رضا الاهيء سان انتقال ٿي وڃڻ ڪو حيرت ۾ وجھندڙ معاملو نه هئڻ گھرجي. پيٽ ۾ وڪڙن جي فوج لهڻ، معدي شريف جو دستن وگھي معاملو منجھڻ يا معدي جو اوور فلو ٿي الٽو وهڻ به روزمرهه جو معمول هجي ٿو.جيڪر ٻيو ڪوبه بهانو وزن نه کائيندو هجي ته حادثو ته ڪنهن به وقت ٿي سگھي ٿو.لوڊشيڊنگ ته تاحيات رهي ٿي سو ان ۾ ڪهڙي گمان جي گنجائش ته همراهه اوندهه ۾ کليل گٽر ۾ ٽٻي هڻي ورتي جنهن ڪري سندس پير شريف کي رهنڊ اچي ويئي يا کيس اهڙي جڳهه تي چهنڊ آئي جنهن کي هو سرعام بيان ڪري نٿو سگھي.بهرحال اهو به هڪڙو زبردست فن آهي جيڪو هر ان شخص کي پالڻو پوي ٿو جيڪو ڪم کان ڀڄندو هجي.اڄ ڪلهه هن نڀاڳي موبائيل فون ته اڃا به ڪم آسان ڪري ڇڏيو آهي جو پاڻ سان پيش آيل ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي يا حادثي جو ثبوت ڏيڻ لاء پنهن جو پاڻ بنفس نفيس ڪنهن جي سامهون وڃي داستان ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ڪانهي،بس هر ڪوڙ لاء موبائيل سڳورو پنهنجي رضا خوشيء سان حاضر آهي. جنهن تي چوڻ وارو چوندو وڃي ته “ ڪهان تڪ سنوگي ڪهان تڪ سنائون“

    گرمي گھڻي هجي ته گيسٽرو ته ڪنهن به وقت ٿي سگھي ٿو ۽ جيڪر سردي هجي ته زڪام ۽ نزلو به نازل ٿي سگھي ٿو.اسان جي هن سماج ۾ ڪم جي اهڙن ٽوٽين کي رسرچ اسڪالرز جو درجو ڏيئي سگھجي ٿو جو اهي نه رڳو پاڻ ڪم نه ڪرڻ جا علمي ۽ تحقيقي سبب بيان ڪري ٻئي کي مطئمن ڪري وٺندا پر خير سان گھڻن ڪم ڪندڙن کي به سائنسي انداز سان پاڻ جهڙو چنڊو بنائي ڇڏيندا آهن .فصاحت ۽ بلاغت سان آزاد ۽ پرسڪون زندگيء جا فلسفا ٻڌائيندا ۽ زندگيء جي اصل حسن جا راز افشا ڪندا.ڪم کان نٽائڻ جو رجحان رڳو پاڪستان ۾ ئي ڪونهي پر اڪثر ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اهو مرض ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پکڙيل آهي.ڪم چوريء جو هڪڙو دلچسپ مثال اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ سامهون آيو آهي.گجرات ۾ ڪنهن ڊيم جي انجنيئر رميش چندر فيفر ڪم کان ڀڄڻ جو اهڙو نرالو طريقو چونڊيو آهي جنهن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.22 سيپٽيمبر 2017ع ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ بعد اڄ تائين موصوف رڳو 16 ڏينهن ڊيوٽيء تي حاضر ٿيو آهي.هن بالا آفيسرن جي نڪ ۾ دم ڪري رکيو آهي.کيس بار بار سبب ڄاڻايو نوٽيس موڪليا ويا پر رميش اهڙو سڌو ٿئي جهڙو ڪتي جو پڇ.آخر هن کي نوڪري ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ء وارو نوٽيس موڪليو ويو جنهن تي رميش ڪجهه ڌيان ڏيڻ جي تڪليف فرمائي سو ايئن جو هن ان نوٽيس جي جواب ۾ پنهنجي کاتي وارن کي هيٺيون جواب ڏياري موڪليوته

    “ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته دفتري معاملا سنڀالڻ جو ننڍڙو ڪم ڪريان يا پاڻ کي وڏن ڪمن لاء وقف ڪري ڇڏيان.منهن جي لياقت پنهنجي ان نوڪري يعني سپرينٽينڊنٽنگ انجنيئرجي پوسٽ کان مٿانهين آهي ۽ آئون ته هروقت قوم کي تباهيء کان بچائڻ جي طريقن تي سوچ ويچار ڪري رهيو آهيان.ڏڪار،سوڪهڙو،ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن کان قوم کي بچائڻ جي طريقن تي غور فڪر (مراقبي) ۾ منهنجو سمورو وقت گذرندو آهي ۽ آئون اڄ ڪلهه به انهيء ئي ڪرت ۾ مصروف آهيان . ”

    هاڻي اوهين سوچيندا ته اها ايڏي وڏي ذميداري رميش فيفر جي نازڪ ڪلهن تي ڪنهن آڻي وڌي آهي ته جواب اهو ته ڪنهن به ڪانه وڌي آهي بلڪه هن پنهنجي ڪم کان ڀڄڻ تي پڇاڻي جي نوٽيس جي جواب ۾ ان هن قسم جي ڳري ذميداري پنهنجن نازڪ ڪلهن تي پاڻ ئي وجھي ڇڏي آهي.قصو اتي ئي دنگ نٿو ڪري پر اڳتي هلي هو پنهنجي جواب ۾ لکي ٿو ته “ آئون ڀڳوان وشنو جو ڏهون اوتار آهيان ان ڪري منهنجو ڪم ئي ماڻهن جو ڀلو سوچڻ ۽ انسانن کي قدرتي تباهين کان بچائڻ آهي.جيستائين اها ذميداري منهنجن ڪلهن تي آهي آئون آفيس اچي پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ کان لاچار آهيان.“ هاڻي ڏيو منهن ! جيڪر ڪو ماڻهو ڪم کان نٽائڻ لاء وڏي واڪي پنهنجو پاڻ کي ڀڳوان وشنوء جو اوتار هئڻ جو اعلان ڪري ويهي ۽ پوري دنيا کي تباهيء کان بچائڻ لاء سندرو ٻڌي بيهي رهي ته توهان ۽ اسان ان جو ڇا ٿا بگاڙي سگھون.اڃا اڳتي هلو.هو وڌيڪ لکي ٿو ته “ آئون جگدمبي ماتا جو پوڄاري آهيان،منهنجي پوڄا پاٽ ۽ پرارٿنائن سان برساتون وسيون جنهن ڪري گجرات ڏڪار ۽ خشڪ ساليء کان محفوظ رهيو جڏهن ته “اينٽي گاڊ” برساتون روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي.“

    ڪم کان بچڻ ۽ ڀڄڻ جا هزار بهانا ٿين ٿا پر رميش فيفر ته بهانو گھڙڻ ۾ حد ڪري ڇڏي.ايئن سمجهو ته هن ٻين سمورن بهانن گھڙڻ وارن جا قلم ئي ٽوڙي ڇڏيا.رميش چندر جو اهو قصو ٻڌي اسان کي اهو ڊپ لڳو آهي ته جيڪر رميش فيفر جي نقش قدم تي هلندي اسان جي ملڪ ۾ به اسان جا حڪمران يا عملدار عوام جي ڀلائي جي سوچ ۾ ڪنهن مراقبي ۾ هليا ويا ۽ گيان ڌيان جي سماڌي سجائي وڌي ته پوء هن ملڪ جو خدا ئي حافظ آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو