نوجوان شاعر ۽ريڊيو ڪمپيئر حاجن بليدي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    نوجوان شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر حاجن بليدي.

    فقير محمد سنڌي

    حاجن بليدي اصل نالو الله ڏنو بليدي رئيس رسول بخش بليدي جي گهر پهرين اپريل 1981ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    تعليمي سفر ۾ بي اي سي ۽ ڊپلوما ايگريڪلچر ۾. ادبي دنيا ۾ لکڻ پڙهڻ جي شروعات 1998ع کان ڪيائين.
    شاعريءَ جي سفر ۾ حاجن بليدي کي سنڌ جي ڪافي فنڪارن ڳايو آهي، جنهن ۾ ممتاز لاشاري، غلام شبیر سمون، سڄڻ مائري، سيد ساگر شاهه، ڪومل عباسي، عبدالقيوم شيخ ۽ جاني رحمان شامل آهن.
    سنڌ مان نڪرندڙ ادبي رسالن ۾ حاجن بليدي جي شاعري به شايع ٿيندي رهي آهي. جنهن ۾ ماهوار مومل، ادب، سارنگ، انڊس ٽائيم، هالار، سنڌ دوست، پندرہ روز عبرت ۾ شامل ٿيندو رهيو آهي.
    حاجن بليدي، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو تي ڪمپيئرنگ جا فرائضِ به نڀائي رهيو آهي. ته پنهنجي گذر ماش لاءِ سنڌ پوليس ۾ ڊيوٽي به سرانجام ڏئي رهيو آهي. شاعريءَ جي صنفن ۾ نعت ۽ غزل جو خوبصورت ڪوي آهي.

    نعت
    زماني ۾ نه هم سر آ، محمد مير مدني جو،
    خدا عاشق سرا سرآ، محمد مير مدنيءَ جو
    لکان ڪيئن شان مرسل جو، مٿي آمان
    مرسل جو
    عقل کان شان اڪبر آ، محمد مير مدنيءَ جو
    صديقي اڪبر، عمر فاروق، غني عثمان علي حيدر،
    صحابي هرڪو دلبر ش، محمد مير مدنيءَ جو
    سڄي دنيا جهڪي آهي، مديني بي پڳي آهي،
    شفاعت جو اهو ڌر آ، محمد مير مدنيءَ جو.
    ڪري منهنجي سڄڻ سولي، جهلي آ جنهن اڳيان جهولي.
    زمانو سارو نوڪر آ، محمد مير مدنيءَ جو.
    مٺو حاجن بليدي جو، مقدر ڀي ڪندو روشن،
    مدينو جيئن منور آ، محمد مير مدنيءَ جو.

    غزل
    تنهنجي جذبن ۾ خوشبو ئي خوشبو،
    تنهنجي لفظن ۾ خوشبو ئي خوشبو.
    ڄڻ گلابن جي ٿي پوک ويئي هرسو،
    تنهنجي زلفن ۾ خوشبو ئي خوشبو.
    ڇو نه چمان ويٺو ڏينهن سڄو سهڻا،
    تنهنجي تحفن ۾ خوشبو ئي خوشبو.
    دل جا درد سڀئي دور وڃن ٿا ٿي،
    تنهنجي مرڪن ۾ خوشبو ئي خوشبو.
    دل ٿي چئي توتي گيت لکان ڇو جو،
    تنهنجي گيتن ۾ خوشبو ئي خوشبو.
    حاجن کي نه کپي ڪائي ڀي پرفيوم،
    تنهنجي يادن ۾ خوشبو ئي خوشبو.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو