سنڌ واھ واھ منهنجي زندگيءَ جو جياپو آهي، وسند مهر

'انٽرويو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سنڌ واهه منهنجي زندگيءَ جو جياپو آهي؟ وسند علي مهر
    سيلف انٽرويو
    فقير محمد سنڌي
    زندگي جو سر سبتو احوال؟
    وسند علي مہر؛ مان 17 مارچ 1976ع تي ضلع شڪارپور جي تاريخي سنڌ واهه جي ڪناري ٺاهيل تعلقه خانپور جي قديمي ڳوٺ ٿاهريو ۾ محمد صادق جي گھر جنم ورتو.
    غربت ۽ مسڪين حال ۾ شوق سان اسڪول پڙهندي 1988ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رستم ۾ داخل ٿيس 5 سال ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو رهيس، استاد عبدالرحيم، رحيم الدين، عبدالخالق ۽ استاد گلشير مہر جي محنت، شفقت ۽ حوصله افزائي منهنجي ايندڙ وقت لاءِ منهنجو رستو هموار ڪيو.
    انٽر سائنس CSS ڊگري ڪاليج شڪارپور مان ڪرڻ کان پوءِ لطيف سائين جي نالي سان منسوب خيرپور اداري مان Mss Organic ڪيسٽر مان 1st class Imtpasstar ۾ ڪيو صرف 15 ڏينهن بيروزگار رهڻ کان پهرين آگسٽ 2001ع تي شڪارپور جي Galaxy ڪاليج سبجيڪٽ ليڪچر ڪيمسٽري پڙهائڻ شروع ڪيم تنهن بعد 2002ع ۾ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي م ليڪچرر ٿيس.
    زندگيءَ ۾ جن شين مونکي متاثر ڪيو؟
    وسند علي مهر؛- 15 سيپٽمبر 2003ع تي ريڍيو پاڪستان جوائن ڪيم ريڍيو ۾ نوڪري منھنجو روزگار مجبوري به نه پر منھنجو عشق آهي هن وقت تائين لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ ڀٽ شاه تي (بحيثيت اسٽيشن ڊائريڪٽر) طور پنھنجو فرض ادا ڪري چڪو آهيان. ريڊيو جو هر پروگرام پروڊيوس ڪري چڪو آهيان.
    پر انٽرويو وارا پروگرام، رپورٽنگن، مذهبي پروگرام، راندين جا پروگرام منھنجي پسند جا شعبا آهن ريڊيو OBبه منھنجو وڻندڙ شعبو آهي. ڊراما ڪرڻ ڏکيا لڳندا آهن 2005ع ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي ڪم ڪندي مان گھڻو ڪجھ سکيو ۽ سڃاڻپ حاصل ڪئي. سينئرن دوستن مان مختيار ملڪ، گل حسن قريشي، ڪوثر ٻرڙو، شوڪت خاصخيلي ۽ محمد علي ٻانڀڻ مان تمام گھڻو پرايو.
    ادب، راندين ۽ مسيقي مون لاءِ اتساهه آهن؟
    وسند علي مهر؛- غصو گھٽ ايندو آهي، اڪيلائي پسند آهيان، گھٽ ڳالھائڻ جي عادت آهي پر مائڪرو فون جي آڏو گھڻو ڳالھائيندو آهيان، ڪرڪيٽ منھنجو شوق آهي. اڳ کيڏڻ ۽ هاڻي ڏسڻ، اخبار ۽ خبرون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان سواءِ پاڻ کي اڌورو ۽ اڻپورو محسوس ڪندو آهيان.
    Fiction ناول، ڪھاڻي تمام وڻندا آهن، امر جليل، حميد سنڌي ۽ جمال ابڙو پسند جا Fiction Writer آهن.
    کائڻ ۾ جيڪا شيءِ ملي کائيندو آهيان دُعا آهي ته رب پاڪ Sugar کان بچائي ته مٺائي کائيندورهان.
    موسيقي ٻڌڻ کان سواءِ مان رهي نٿو سگھان، ناهيد اختر، مالا، صادق فقير، عاشق نظاماڻي، فوزيه سومرو ۽ فقير سوڍل لغاري ڏاڍو وڻندا آهن.
    دل چوندي آهي ته ڪنهن کي منھنجي هٿان ڪا تڪليف نه اچي، مذهبي طور حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنه منھنجي پسند جي شخصيت آهي.
    اولاد ۾ 3 نياڻيون، انيلا، اليزا ۽ اريبا 2 پٽ عبدالغني، عبدالحسيب آهن.
    ٽيم ورڪ ۽ ٻاهر نڪرڻ ۾ حوصلو ملي ٿو؟
    وسند علي مهر- عمري، حج ڪرڻ ۽ ايران، عراق گھمڻ جي خواهش آهي ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ اسلام آباد تي ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي.
    ريڊيو تي ڪم ڪرڻ ڪنهن هڪ ماڻھو جي وس جي ڳالھ نه آهي هي ٽيم ورڪ آهي S.D ڪمپيئر، انائوسر، انجنيئر ۽ ٻڌندڙ هڪ ٻئي لاءِ سهڪار آهن هڪٻئي لاءِ ڪم ۾ رڪاوٽ به بڻجي سگھن ٿا. ان لاءِ ادب سان هٿ ٻڌي عرض ته ٻين لاءِ آساني پيدا ڪيو ٻين لاءِ سٺا جذبا رکو ته رب پاڪ توهان کي آسانيون عطا فرمائيندو.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو