عوامي بالادستي ؛ هڪ مقصد يا رڳو نعرو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي ان لفظ جو تڪرار ٻڌندا ٿا اچون پر اڃا تائين سمجهه ۾ نه ويٺو ته عوامي بالادستي آخر ڪهڙي شيء آهي؟حڪومتي معاملن ۾ عوام جي حقيقي شرڪت يا ڪجهه اشرافيا جي جمهوريت جي نالي تي ڦرلٽ؟پر اهم سوال اهو آهي ته عوامي بالادستيء مان ڇا مراد آهي ۽ ڪهڙي قسم جو عوام ان بالادستيء جو حقدار بڻجي سگھي ٿو؟ڇا عوام ۾ اهي گھربل خاصيتون موجود آهن جيڪي هن کي بالادست بنائي سگھن يا اهو رڳو هڪڙو نعرو آهي جيڪو هڪ مخصوص مفادپرست حڪمران ٽولو پنهنجن جائز توڙي ناجائز مفادن جي تحفظ لاء وقت به وقت هڪ ڍال جي طور تي استعمال ڪندو رهي ٿو؟بالادستيء جو تعلق طاقت ۽ دانش سان ٿئي ٿي جڏهن عوامي طبقن ۾ اهي ٻئي شيون گڏ موجود هجن ته ان کي سندس حقيقي بالادستيء کان ڪوبه محروم ڪري نٿو سگھي.پاڪستان جي رياست جا اهم شعبا پارليامينٽ،عدليا،انتظاميا ۽ فوج آهن ۽ هاڻي ميڊيا کي به رياست جي اهم شعبن مان هڪڙو شعبو شمار ڪيو وڃي ٿو.انهن مان پارليامينٽ جو ڪم صرف قانونسازي ڪرڻ آهي ۽ باقي روزمره جا انتظامي معاملاحڪومتن کي هلائڻا آهن،عدليا کي عوام کي انصاف مهيا ڪرڻ ۽ انهن کي رياست يا حڪومتن جي ناجائز جبر کان بچائڻ هوندو آهي جڏهن ته ميڊيا جو ڪم وقت جي حڪومتن تي نظر رکڻ ۽ سندن غلط ڪمن ۽ پاليسين جي نشاندهي ڪرڻ هوندو آهي.انهيء مان ظاهر ٿيو ته عوام يعني عوامي نمائندن کي قانونسازيء جو حق ته حاصل آهي پر اهي رائج ٿيل ۽ لاڳو قانونن ۽ قائدن جي خلاف ورزي ڪندي انتظاميا توڙي عدليا جي ڪمن ۾ نه ته مداخلت ڪري سگھن ٿا ۽ نه ئي انهن کي ڪنهن به طريقي سان ناجائز طور تي دٻاء هيٺ آڻي سگھن ٿا.عوامي بالادستيء جو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته انتظاميا توڙي عدليا جي فيصلن جي خلاف ورزي شروع ڪري ڇڏجي ۽ انهيء ڏوهه ۾ جيڪر ڪنهن عوامي نمائندي خلاف ڪو قانوني قدم کنيو وڃي ته هو پٽڻ شروع ڪري ڏئي ته عوامي نمائندن جي عزت جو ڪو خيال نٿو رکيو وڃي .ڇا ڪو ماڻهو ان جواز تحت ٽريفڪ سگنل ٽوڙڻ جو حق رکي ٿو جو هو عوامي نمائندو آهي؟بيشڪ انتظاميا،عدليا ۽ فوج وٽ بيحد اختيار هوندا آهن پر ان سان گڏوگڏ انهن جي تعليمي ليول،ذميداريء جو احساس ۽ سنجيدگيء جو معيار به ڪافي بلند هوندو آهي جڏهن ته پارليامينٽ وٽ اختيار ته هوندا آهن پر انهن جي اڪثريت اڻ پڙهيل يا اڌ پڙهيل،غير ذميدار ۽ غير سنجيده ٿئي ٿي.انهن مان اڪثريت ٽيڪنيڪل صلاحيتن کان خالي نظر ايندي آهي،پوء اهڙا ماڻهو به پارليامينٽ ۾ داخل ٿي وڃن ٿا جيڪي چون ٿا ته ڊگري ڊگري هوندي آهي پوء اها اصلي هجي يا نقلي! وري ٿورو انهن جي اخلاقي تربيت ۽ تهذيبي قدرن جو جائزو وٺبو ته هڪٻئي لاء اهڙا لفظ ڳالهائين ٿا جيڪي گھر ۾ ڪنهن فيمليء جي ٻڌڻ جي لائق ئي نه هوندا آهن. اسان جو سياسي نظام بنيادي طور تي بي طرفو ۽ بي ربط آهي.اسان پنهنجي چوڌاريء محلي جي سطح تي ڏسون ته اهڙا اڻ پڙهيل يا اڌ پڙهيل،غير مهذب قسم جا سياسي ڪارڪن نظر ايندا جيڪي علم ادب کان بيگانا،سياسي اقدار کان اڻ واقف ۽ گھڻو ڪري داداگير قسم جا ماڻهو هوندا جن کي ڪو ڪم ڪار هوندو ئي ناهي سواء خوشامد،نعري بازي ۽ سياسي مخالفن کي گاريون ڏيئي کٽيندڙ اميدوار کان مالي فائدا حاصل ڪرڻ،ڀتا وصول ڪرڻ يا زمينن تي غير قانوني قبضا ڪرڻ جي.انهن ماڻهن کي انهن سياسي ڀوتارن جي مڪمل حمايت حاصل هوندي آهي ۽ اهڙا ماڻهو ئي انهن جي اصل ضرورت هوندا آهن سو اهي پنهنجي محلي ۾ تمام گھڻو اثر رسوخ رکندا آهن جو پوليس جي ايس ايڇ او کان وٺي هر مقامي عملدار تائين سندن سياسي ڀوتارن جي معرفت انهن جي مڪمل پهچ ۽ رسائي هوندي آهي جنهن ڪري غريب ۽ بي پهچ ماڻهو انهن جي آزار کان بچڻ لاء انهن جي اڳيان پويان ٿيندا رهندا آهن ۽ اهي آزاديء سان انهن غريبن سان ظلم ۽ زيادتيون ڪندا رهن ٿا.اهي ئي سياسي پارٽين جي اسٽريت پاور بڻجن ٿا،ووٽرن کي گھران ٻاهر ڪڍن ٿا،جلسا ۽ جلوس منعقد ڪن ٿا،نعرا ۽ جھمريون هڻن ٿا.اهو ئي سبب آهي جو پڙهيل لکيل ۽ مهذب قسم جا نوجوان انهيء مقامي سياست کان ئي الڳ رهن ٿا جو انهن کي اهڙن ٻه نمبري سياسي جانثارن جي وچ ۾ هرگز جڳهه نٿي ملي بلڪه اڪثر سنجيده قسم جا نوجوان خاموش احتجاج طورپنهنجو ووٽ ئي استعمال نٿا ڪن.انهن وٽ اهو دليل هوندو آهي ته جڏهن ٻنهي پاسين ساڳئي قسم جا ڀوتار ۽ ٻنهي پاسين اهڙن ئي ڀتا خور ۽ قبضا گروپ ڪارڪنن جا ميلا آهن ته ڪنهن کي ووٽ ڏيڻ جو مطلب ان ناانصافيء واري نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ برابر آهي.سياسي اڳواڻن جا اهڙا ئي ٻه نمبري منظور نظر ماڻهو يونين ڪائونسل جي ليول تان سياست جي شروعات ڪري قومي سياست تي به قبضو ڪري وٺن ٿا.پوء اهي جيڪي عوام جو حشر ڪن ٿا سو سڀني سامهون آهي.اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ٻهراڙين ۾ اڻ پڙهيل ڀوتارن جي سياسي گرفت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. ٻئي طرف شهرن ۾ وري وڏن سرمائيدارن جي لاڏلي اولاد کي سياست ذريعي پنهنجي شهرت ۽ دولت ڪمائڻ جو چسڪو لڳي ٿو.سياست جو ميدان اهو واحد ميدان آهي جنهن ۾ پهچڻ لاء ٻي ڪنهن به بنيادي قابليت جي بدران يا ته دولت جي قابليت يا وري ابن ڏاڏن جي سرداري يا پيراڻي گاديء جو هئڻ ضروري آهي.ملڪ جي گنڀير مسئلن کي سمجھڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ سان نه ته انهن کي ڪا دلچسپي هوندي آهي ۽ نه ئي گھربل ڏانء!سواء چند شخصيتن جي پر انهن جي ڳالهه ڪو ٻڌڻ وارو ئي نه هوندو آهي.انهيء ۾ ڪهڙي شڪ جي گنجائش آهي ته چند سياستدانن کي ڇڏي ڪري باقي ٻين جو سياست ۾ اچڻ جو مقصد ئي پئسو ڪمائڻ هوندو آهي.اڪثر ڪاروباري ذهن رکندڙ گھٽ علم رکندڙ شخص اسيمبليء ۾ رڳو ڪنهن رٻڙ اسٽيمپ وارو ئي ڪم ڪندا آهن ۽ هر ڪاغذ بنان پڙهڻ جي پنهنجي سياسي اڳواڻ جي پويان اکيون بند ڪري صحيح ڪري ڇڏيندا آهن.انهن ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي جن جي آڏو اهميت رياست ۽ عوام جي نه پر پنهنجي ذاتي مفاد جي ٿئي ٿي.جيئن ته اوليت مال حاصل ڪرڻ کي ملي ٿي ان ڪري اهي نه رڳو عوامي پئسي مان پنهنجا پيٽ ڀريندا آهن پر پنهنجن انهن عزيزن،قريبن،دوستن، وفادارن، خوشامدڙين ۽ نام نهاد پارٽي ڪارڪنن ۾ به وڏي سخا سان اهو فيض ورهائيندا آهن ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ انهن جو اهو مددگار حلقو وري نئين توانائيء سان سندن لاء سياسي ميدان ماري سگھي. باقي عوام لاء بچيو ئي ڇا جو انهن کي ڏين؟ـپاڪستان ۾ انهن سياستدانن جي اڪثريت جمهوريت ۽ عوامي بالادستيء جي نالي تي اڄ تائين جيڪا ڪرپشن جي ڪڌي راند کيڏي آهي انهيء سان نه رڳو ملڪي پر غير ملڪي ميڊيا به ڀري پيئي آهي.اهڙن ئي ڪريل مالي مفادن حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن به طرح اقتدار جي شيرواني اوڍڻ لاء اهي اصولن ۽ قدرن جو جنازو ڪڍي جهڙيء طرح سياسي ڪلٽيون کائيندا رهيا آهن سي صرف ڪنهن اکين جي انڌي کي ئي نظر نه اينديون هونديون.گھٽ علم رکندڙ ۽ اڻ ڄاڻ عوام کي ابتي منطق جي معجزي سان به بيوقوف بنائي سگھجي ٿو جنهن فن ۾ اڪثرميڊيا ۽ گھڻا دانشور به انهن سان شامل ٿي وڃن ٿا.ڪرپشن،بد ديانتي،ڪوڙ ۽ غلط بياني جهڙي سنگين ڏوهن کي به جادو بياني ذريعي جمهوريت خلاف سازش جو روپ پارائي سگھجي ٿو.جمهوريت جمهوريت جي تسبيح پڙهندي جمهوريت کي اهڙي ديوي بنائي ڇڏيو ويو آهي جيڪا لاڳيتو غريب ماڻهن جو رت ست چوسڻ سواء راضي ئي نٿي ٿئي.خدا ڪري پاڪستان ۾ حقيقي عوامي بالادستي قائم ٿئي پر اسان جا سياسي اداڪار جنهن عوامي بالادستيء جو پٽڪو مچائي رهيا آهن اهو عوامي بالادستيء لاء نه پر پنهنجن پاپن تي پردو وجھڻ جو ماتم آهي اهي پاپ جيڪي اهي عوامي بالادستيء جي پردي ۾ خود عوام خلاف ڪندا رهيا آهن!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو