سنڌ سان جند جوڙيندڙ قومي شاعر، ابراهيم منشي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سنڌ سان جند جوڙيندڙ قومي شاعر ، ابراهيم منشي : فقير محمد سنڌي :
    ابراهيم منشي 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ديني عالم، شاعر ۽مولوي محمد اسحاق سومرو جي گهر جنم ورتو. . اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو ته مارچ 1945ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ سڄو وزن گھرجو ابراهيم منشي تي پيو جنهن جي ڪري ابراهيم منشي پنهنجي دل واري تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، نيٺ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري سان لڳي ويو . ابراهيم منشي جي اندر وڏي آنڌ مانڌ هئي قومي درد جي، جنهن کي هن عوامي ذهنن تائين رسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ان مرحلي ۾ ابراهيم منشي گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيو.
    زندگي جي ڏکين حالتن کي ڏسي 1949ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيائين . ابراهيم منشيءَ تي پنهنجي والد جو اثر هو، جنهن ڪري شاعري وسيلي قوم کي بيدار ڪرڻ جو فيصلو ڪندي،
    هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. 1960ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. . 66- 1965ع ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ ۾ سندس شاعري ڇپي. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”پيغام مظلوم“ 1970ع۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو ’وڳهه جا وريام‘ 1971ع، ۾ ڇپيو.
    ابراهيم منشي قومي شاعريءَ جي عيوض 1972ع تي جيل ويو، اهڙي طرح 1973ع ۾ وري جيل ياترا ڪري موٽيو. ابراهيم منشي جي شاعري سنڌ جو آواز ٿي اڀري، انهيءَ اڀرندڙ ڏوهه ۾1974ع تي جيل جو سختي سان منهن ڏسڻو پيس. ابراهيم منشي جو جيل وڃڻ وارو سلسلو بند ئي نه پئي ٿيو، قومي شاعري ۽ جيل ابراهيم منشي جي جذبن کي اڃا بلند پرواز ڏني، 1975ع تي وري جيل جي سلامي لاءِ پيش پيو.
    ابراهيم منشي جي شاعري قومي جذبي سان سر شار رهي جنهن جي ڪري بار بار منشي جيل جي سلامي پئي ڏني.
    تون ڪاله به هوئين ارغونن سان ترخانن سان غدارن سان،
    مون ڪاله به سوري سينگاري هئي، هوشو هيمون پارن سان.
    هلچل ۽سجاڳيءَ ابراهيم جي نس نس ۾شامل هئي، سڀاڻي جي الڪي منشي کي ڪٿي ويھڻ ڪونه ٿي ڏنو، مارشلا جي دور ۾ ابراهيم منشي جي شاعري وڏي خاصي حلقي ۾ مشهور ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 1983ع تي ابراهيم منشي کي جيل جو منهن ڏسڻو پيو.
    1985ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ’گوندر ويندا گذري‘ ڇپيو، جنهن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. 1991ع ۾ سندس چوٿون مجموعو ’ڌرتي، دين، ڌرم‘ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو ’ڌؤنري ڏينهن ڌاڙا‘ 1995ع۾ ڇپيو ۽ ڇهون مجموعو ”اکر اکر اک“ روشني پبلڪيشن پاران 2006ع ۾ ڇپيو، هي عوامي ۽ انقلابي شاعر ابراهيم منشي 31 جولاءِ 2003ع تي اسپتال ۾ سڀ ارڏايون ڇڏي هميشه لاءِ اکيون بند ڪيون ۽مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو