هي بي رحم زمانو…!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    هي بي رحم زمانو جنهن جا اتفاق سان تون ۽ مان بہ حصا آهيون، پاڻ کي هڪ پل لاءَ بہ خوش ڏسڻ نٿا چاهن، هڪ طرف کان رسمن جي ديوار بڻائي ڪري پاڻ کي باندي ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن تہ ٻي پاسي پاڻ ٻنهي کي هڪ گهڙي لاءَ بہ خوش ٿيڻ نہ ٿا ڏين…!!!

    آءُ شڪايت ڪرڻ جو هزارين دفعا سوچيندو آهيان پر هر دفعي اهو سوچي ڪري مايوس ٿي ويندو آهيان تہ شڪايت ڪيان بہ تہ ڪنهن سان ڪيان، منهنجي سڏ کي ڪير ورنائيندو، منهنجي درد کي ڪير سمجهي سگهندو، منهنجي ڪيفيتن جو اندازو ڪير لڳائي سگهندو، پوري سنسار ۾ اهڙي ڪو هڪڙو بہ اهڙو وجود مون کي نظر نہ ٿو اچي جنهن کي پنهنجو سمجهي پنهنجي اندر جو احوال ڏئي سگهان…!!!

    تون سوچيندي هوندين تہ آءُ هن بي رحم زماني جي شڪايت خدا کي ڇو نہ ٿو ڪريان، اگر جي تون وٽ مون بابت اهو گمان ذهن ۾ پلجي ٿو تہ پوءَ ٻڌ پرين، خدا کي آءُ ڪنهن جي شڪايت ڪريان، انهن جي، جيڪي هر روز اُن جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائي ڪري پاڻ کي پرهيزگار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن يا وري انهن جي جن جي ۽ خدا جي وچم ايتري ئي دوري آهي جيتري هن مھل تنهنجي ۽ منهنجي وچم آهي…!!!

    خدا انهن کوٽن سڪن ۽ پڻ مون جهڙي کوٽي سڪي جو فيصلو ڪئين ڪندو، اسين ۽ اُهي جيڪي تنهنجا مائٽ آهن جيڪي خدا جي نظر ۾ شايد کوٽا سڪا هجن انهن جي وچم ڪئين صلح ڪندو، ٻہ چور هڪڙي عادل کان انصاف جي گهرج ڪهڙي تقاضائن مطابق ڪري سگهن ٿا…!!!

    منهنجي نظر ۾ اهو فيصلو خدائي ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ جهڙو هر گز ناهي ها باقي قسمت تي ملامت ڪري سگهجي ٿي، ڇو تہ تنهنجي ۽ منهنجي معاملي ۾ گهڻو عمل دخل قسمت جو آهي، پنهنجو اصل ڏوهي قسمت آهي يا وري ٿي سگهي ٿو پنهنجي هٿن ۾ موجود قسمت واريون لڪريون ڏوهي هجن، پر هڪڙي ڳالھ اها بہ ياد رکجان تہ تنهنجي ۽ منهنجي وچم ويڇا وڌائيندڙ جيڪي بہ عنصر هوندا آءُ انهن کي ڪنهن بہ قيمت تي معاف ڪونہ ڪندس، ڇو تہ جوانن جا پلاند پراڻا ناهن ٿيندا…!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو