لوڪ ادب جو پارکو، محقق، ليکڪ ۽شاعر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308

    لوڪ ادب جو پارکو، محقق، ليکڪ ۽شاعر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو :
    فقير محمد سنڌي :

    ادبي، ثقافتي، تاريخي ۽لوڪ ورثي جو جاکوڙي ڪردار ،ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو، پهرين آگسٽ 1972ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ، مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان پڙهڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي) ڪيائين. مئي 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ 2010ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. ماهوار رسالي ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين 2003ع جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪمال ڄامڙي جا همدرديءَ وارا گڻ ۽ جذبا سندس شخصيت کي نمايان پد تي بيهاريو آهي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سماج ۾ مشڪل حالتن کي محنت ۽جفاڪشي سان منهن ڏئي، ٻوليء، ادب ۽ ثقافت جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ذميواريون سنڀالي نڀايون آهن. سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون۽ شاعري ڇپجندي رهيس ٿي. هن ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ لاءِ ڪيتري عرصي کان سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهي ٿو. ڪيترن سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور فرض سرانجام ڏيندو رهي ٿو. طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سنڌي لوڪ فنڪارن بابت ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران ڇپايل آهي.
    هن وقت وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد آهي. ڏات ۽ڏانُ، ٿورن ماڻهن جي خمير ۾ شامل هوندي آهي ۽فطرتي طور تي انهن انسانن ۾ شعور اٿاھ گهرائي سان لاڳاپيل هوندو آهي جنهن جي ڪري سڄي دنيا امن ۽ انسانيت جا حوالا پيش ڪندي آهي. اهڙو ئي سنڌي ادب جو فڪري ۽ جاکوڙي فرد ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڌرتيءَ جي سينڌ تي ذميوار فرد جي حيثيت حاصل ڪئي آهي. ڏات ڌڻي سڄي انساني تاريخ ۾ امر رهيو، مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون ذهن جي آڳر تي تري آيو آهن ته :

    آءُ حياتي آهيان، آءُ ڪيئن ٿيندس فوت،
    متان مون کان موت، ڇھندي ئي ڇرڪي وڃي.

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي من ۾ ادبي، تاريخي حسناڪي موجود آهي جيڪا هر وقت سندس پنهنجو ديدار پسائي ٿي، تنهن سندس جڳھ ۾ ڏات کي ڏهوڙون ڪيو آهي. جنهن جو ثمر سنڌي ادب ۾ مچ جيئان نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا 30 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ان کان سواءِ اخبارن ۽رسالن ۾ تحقيقي مقالا به شايع ٿيل آهن، جنهن ۾سنڌي ٻولي، لطيفيات، پاڪستان جي ٻين صوفي شاعرن، لوڪ ادب ۽ثقافت جي موضوع تي چڱو خاصو ڪم ٿيل آهي، ڇپيل ڪتابن ۾ انگريزي ۽ اردو ڪتاب به شامل آهن، محنت جو ڦل نرالو آهي جيڪو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو کي مليو آهي، اهو اِهو ته سندس لکيل ڪتاب يونيورسٽين جي نصابن ۾ پڻ شامل آهن . آخر ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاءِ، مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون ته :
    تنھنجا پير چمان، ڌرتي، منهنجي مائڙي!
    ڀاڪر پايان ڀاوَسان، ماڻهوءَ ماڻهونء سان،
    آءُ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.
     
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي لوڪ ادب جو جاکوڙي ڪردار [​IMG]ابراهيم لاشاري

    پنهنجي ديس جي سرزمين قدرت جي سمورن رنگ سان قديم زماني کان وٺي سر شار لڳي پئي آئي ۽ هميشه سرسبز ۽ ستائبي نظر ايندي رهندي ، پنهنجي وادي مهراڻ جي خيرپور ضلعي جي وڻندڙ خوبصورت خوشبوءَ واري مٽي جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي جو معزز شخصيت محترم لونگ خان ڄامڙي صاحب کي اهو اعزاز رب سائين کان حاصل آهي ته پهرين آگسٽ سال 1972ع اڱاري ڏهاڙي اڄ کان 46 سال اڳ هڪ موتين جهڙي پٽ جي نعمت سان نوازيو جنهن جو والدين ڇٺي جو نالو ( ڪمال ) رکيو اڳتي هلي هي سانوري جسم جي سگهاري ۽ ذهين انسان سنڌي ادب ۾ پنهنجي نالي جي حيٽيت کي اجاگر ڪندي واقعي اڄ ڏينهن تائين سنڌي ادب ۽ سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪمال جهڙو عظيم ڪم ڪري ڏيکاريو آهي سندس ادبي ڪيل ڪم جو جديد دور ۾ ڪو مٽ ثاني نظر نٿو اچي خيرپور جي درازا حضرت سچل سرمت جي نگري ڀر سان راڻيپور جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ موجود گورنمينٽ پرائمري اسڪول کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته جڏهن ڪمال الدين ڄامڙو صاحب پڙهڻ واري وهي پهتو ته هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ واري اسڪول منجهان پنج درجا وڏي شوق سان پڙهي پورا ڪيا ، ڌرتي جي مورن جهڙي هن ذهين اديب ، شاعر ، محقق ، لوڪ ادب جو ڏاهو ، لطيف سرڪار جو پارکو ، محنت سان مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس جو امتحان راڻيپور منجهان پاس ڪري وڌيڪ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اباڻا ڪک ڇڏي وڃي ڪراچي وسايائين پڙهائي سان وڌيڪ شغف رکندي (بي _ اي آنرز ) جي سند ڪراچي يونيورسٽي منجهان حاصل ڪيائين تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب منجهه (ايم _ اي سنڌي ) پڻ ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪري ورتو بعد ۾ هن سنڌي ادب جو جاکوڙي ڪردار سال 1998ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽي منجهه شاهه لطيف چيئر ۾ (ريسرچ آفيسر ) رهي لطيف سائين جي ڪلام تي جهجي انداز ۾ وڻندڙ ۽ ڪمال جو ڪم ڪري پنهنجو نالو سنڌي ادب ۾ نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو سال 2000ع نئين صدي جي شروعات وارن ڏينهن ۾ سنڌي ادب جي محقق ، ليکڪ ، شاعر لطيف شناس پڙهڻ پڙهائڻ واري شعبي سان سلهاڙجي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري آگسٽ 2000ع ۾ (اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچي ) ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر پڻ ٿيو جتي هن محنت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو تنهن بعد هن ذهين محقق ، ناليواري اديب لوڪ ادب تي هڪ بهترين مقالو ( سنڌو جا گيت ) لکي ڪراچي يونيورسٽي منجهان (پي _ ايڇ _ ڊي ) واري ڊگري پڻ حاصل ڪري سنڌي ادب جي جهول ۾ زبردست ڪمال جهڙي ڪوشش سان زينت ۾ وڌارو ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪيو سندس جو اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي سال 2008ع ۾ ڇپائي پڻ پڌرو ڪيو محترم ڪمال ڄامڙو صاحب جا سوين تحقيقي مقالا ، مضمون ، ۽ شاعري سنڌ جي مڙني اخبارن ۽ رسالن ، ميگزينس جي زينت بڻجندا رهن ٿا هو مسلسل سنڌي ادب کي پنهنجي قلم جي نب سان ڪيترائي ڪتاب اڄ ڏينهن تائين ڏيندي ٿڪاوٽ محسوس نٿو ڪري هن سنڌ جي برجستي ليکڪ ،اديب ، محقق ڏهن ڪتابن کان مٿي سنڌي ادب جي جهول دنيا ۾ ڪتاب ڏيندو رهي ٿو سندس ڪتابن جي فهرست هن طرح جڙي ٿي شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر ، سنڌي ثقافت جا امر آواز ، لطيف ذهني چٽا ڀيٽي ، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت ، مقالا سومرن جي دور قومي ادبي ڪانفرنس ، ڪراچي جا اديب ۽ شاعر ، تو لکيو مون پڙهيو ، سرڪيڏاري بابت لکيل مقالا ، سنڌو جا گيت ، رسالو ڳجهارت، لوڪ رنگ لقمان جا ، ڪتيم ڪينڪي ، شاهه عبدالطيف ڀٽائي اينڊ صوفي پوئٽس آف پاڪستان لنگوئيج ، ۽ سنڌي ثقافت ڪا نيا دور ،۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن سان هن وقت تائين سنڌي ادب کي آسودي ڪرڻ ۾ پاڻ ڪمال جو ادبي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي سنڌ جو هي ڏاهو اديب ڪيترن ئي اخبارن رسالن ، ميگزين جو ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر واري ڪم سان به نڀائيدو پيو اچي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب پاڻ هڪ بهترين براڊڪاسٽر پڻ آهي ڪيترائي ورهن هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پنهنجي مٺڙي آواز ۽ ڏات سان ثقافتي، ادبي پروگرام ڪندي نظر پڻ آيو آهي پاڻ هن وقت سنڌي ثقافت ۽ لوڪ ادب لاءِ راتو ڏينهن پاڻ پتوڙيندي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب نظر اچي ٿو سنڌ ڌرتي جو هي ڏاهو اديب محقق هن وقت پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري شعبي سان وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي منجهه سنڌي شعبي جو استاد طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي نظر اچي ٿو برجستي ۽ نماڻي طبعيت جي هن محقق اديب کي جس آهي جو هو رات ڏينهن سنڌي ادب جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب هن وقت ڪيترن ئي شاگردن جو سنڌي شعبي ۾ (ايم فل _ ۽ پي ايڇ ڊي ) جو گائيڊ پڻ آهي ڪيترئي شاگرد سندس کان هن وقت به فيضياب پڻ ٿيندا رهن ٿا منهنجي هن جاکوڙي اديب ، محقق ، ليکڪ ،لطيف شناس لاءِ دعا آهي ته هو سنڌي لوڪ ادب جي پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏات سان اڃان وڌيڪ خدمت ڪندو رهي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب اڄ پهرين آگسٽ 2018 اربع ڏينهن هي نماڻي طبعيت ۽ حساس جذبن وارو اديب پنهنجي گهر واري عابده صاحبه ۽ پنهنجي اولاد سان گڏ ڪراچي واري گهر ۽ اڄ زندگي جي 46هين سالگرهه پڻ ملهائيندو سندس سالگرهه ڏينهن سنڌ جا مڙي اديب سندس کي جنم ڏڻ جون مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن سنڌ جي ڏاهي اديب لاءِ دعا ته رب سائين سندس صحت ۽ وڌيڪ سنڌي ادب ۽ قلم جي نب سان لکڻ جي سگهه عطاءَ ڪري

    ڏسپتو لاشاري هائوس وارهه ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو