منجهِــي پيــو آهــيان…!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    اهو سوچيندي ڪافي ڏينهن کان منجهي پيو آهيان تہ توکي خط لکان يا نہ لکان، توکي پنهنجي حال کان واقف ڪريان يا خاموش ٿي ڪري توکي اهو محسوس ڪرايان تہ آءُ سکيو ستابو آهيان، توسان قرب جا ڪجھ مٺڙا ٻول ٻولڻ لاءَ انگل ڪريان يا وري خاموشي جا تاڪ پنهنجي مٿان نافذ ڪري صبر جو دامن پڪڙي ويهي رهان، سچ پڇي تہ ڏاڍو منجهي پيو آهيان…!!!

    ڏاڍو منجهي پيو آهيان اهو سوچيندي تہ تنهنجي راهن تي بيهي هر روز تنهنجو ديدار ڪريان يا نہ ڪريان، ها ڏاڍو منجهي پيو آهيان اهو سوچيندي تہ تنهنجا مليل سڀ تحفا توکي واپس ڪريان يا انهن کي پاڻ وٽ ناياب سمجهي ڪري سنڀالي رکان، ها ڏاڍو منجهي پيو آهيان اهو سوچيندي تہ توکي هر روز ڪال ڪري تونسان ڳالهايان يا وري توکي بس هڪ عدد مسڊ ڪال ڏئي مڙئي پنهنجي يادگيري ڏياريان…!!!

    ها پرين آءُ ايتري تہ قدر منجهي پيو آهيان جو هاڻ خود بہ سڄو سارو مونجهارو بڻجي چڪو آهيان، حالانڪ ان مونجهاري منهنجي اندر جي سڀني مونجهارن کي جيتوڻيڪ ختم ڪري ڇڏيو آهي پر ان جي باوجود توکي ياد ڪرڻ ۽ نہ ڪرڻ وارو مونجهارو مونکي پاڻ کي هڪ وڏي مونجهاري ۾ مبتلا ڪيو ويٺو آهي…!!!

    اي ڪاش جي تون ملي وڃي ۽ سڀ مونجهارا ختم ٿي وڃن…!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو