کجين جي ديسَ مان......!

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    کجين جي ديسَ مان......!

    ڊائريءَ جو ورقُ ۽ فوٽوگرافي: آصف نظاماڻي

    خيرپور ضلعو بي حساب قدرتي ذخيرن، قديم ماڳن مڪانن، حُسن وَندُ عمارتن ۽ سرشٽي رنگن سان مالا مال آهي ــــ هن علائقي ۾ قديم پهاڙَ، کجين جا گھاٽا باغَ، تاريخي پهاڙي سلسلا، قديم ۽ روحاني درگاهون، قديم درسگاهون، پيراڻيون گاديون، ميراڻا محلَ، ڪوٽَ ۽ قلعا هن ضلعي جي سُندرتا ۾ بيحد اضافو ڪن ٿا. هتي جڏهن به پگهر ماڻهوءَ جي مٿي کان وَهي ۽ پيرن کان اچي نڪري ته پڪ سمجهو هاڻ خيرپور جي کجي پچي تيار ٿي آهي، جو اهڙن ڪاڙهن جي ڏينهن ۾ ئي کجي پچندي آهي ۽ هِتان جي ماڻهن کي به پچائيندي آهي. گرميءَ جي زهر کان بچڻ جي لاءِ، هر عمر جو ماڻهو پنهنجي بت تي تيل ۽ ميٽُ هَڻي ٿڌڪار ماڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪري ماڻهن کي آرايون نڪري پونديون آهن.
    هتان جا ننڍڙا ٻار اڪثر ڪري سندن سنگهه وهندڙ نڪ سان، آرايُن وارن هٿن سان وڏي چاهه منجهان پنهنجن کيسن مان ڏنگ ۽ ڏوڪا وڏي شوق ۽ عشقَ سان پيا کائيندا آهن. خيرپور جيئن ته هن موسم ۾ کجين جي مارڪيٽ بڻيل آهي ۽ دنيا سڄي گهمڻ ڦرڻ کانپوءِ به هي علائقو پنهنجي کجين واري مٺاس ۾ ٿي سگهي سڀني علائقن کان گوءِ کڻندي نظر اچي ٿو. کارڪَ هڪ اهڙو ميوو آهي، جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۽ حديثن ۾ خاص طور تي موجود آهي. هن شاهڪار ميوي جو ذڪر قرآن مجيد ۾ ڪيترين ئي آيتن ۾ بيان ٿيل آهي. هن ميوي متعلق خاص اسٽئڊي ڪرڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته هن جو ڦهلاءُ (خليج فارس) يعني عراق، ايران، عربستان ۾ جَجھي مقدار ۾ ملي ٿو ۽ انهن ملڪن جي علائقن منجهان سڪندرِ اعظم 327 قبل مسيح ڌاران ۽ تنهن بعد وري محمد بن قاسم جي ذريعي ننڍي کنڊ ۾ کجيءَ معتارف ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ـــ جنهن هاڻي اچي پنهنجو اؤج ماڻيو آهي. سنڌ جي سِينڌ تي نَوَ لکي هارَ جيان چمڪندڙ ضلعي خيرپور ۾ جهجهي مقدار ۽ گهڻي ايراضي تي کجيءَ جو هي ناياب فصل پوکيو وڃي ٿو. هڪ اندازي ۽ تحقيق موجب خيرپور جي باغن ۾ 100 کان مٿي مختلف جنسون پوکيون وڃن ٿيون. جيڪي بعد ۾ دُنيا جي ڪنڊَ ڪڙڇَ ۾ ايڪسپورٽ به پڻ ڪيون وڃن ٿيون. کجيءَ جي برآمد ٿيڻَ سان هِتان جي اقتصاديات کي خاص فائدو رَسي ٿو ــــ کجي گرم علائقي جو وڻ آهي، جنهن کي خشڪي ۽ خاص طور تي گرميءَ جي گهڻي ضرورت هوندي آهي. کجيءَ جو مٿو باهه ۾ ۽ پيرَ پاڻي ۾ هجن ٿا، ڇو جو جيتري گرمي گهڻي هوندي ۽ هيٺان پاڙَ منجهه پاڻي يا آلاڻ بهتر هوندي ته اوترو ئي کجيءَ جي پوکَ لاءِ بهتر هوندو آهي. کجيءَ جي فَصل جي پوک وارياسي ۽ لَٽاسي زمين منجهه تمام بهترين ٿيندي آهي، جڏهن ته چيڪي لَٽاسي زمين به پڻ بهتر ۽ موزون آهي. خيرپور جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هينئر پِڙن سجائڻ جو سلسلو شروع ٿي چُڪو آهي. خيرپور جي پسگردائيءَ وارن علائقن کان آيل مزودرَ پنهنجي خاص اوزارن سميت هتي پهچي چُڪا آهن ـــ آءٌ خيرپور جي کجيءَ جي پوکَ کي هڪ آرٽ چوان ٿو، کجي پوکڻ، کجيءَ جو ميوو لاهڻ، ان کي هڪ خاص طريقي سان پچائڻ ۽ مَنڊيءَ ۾ پهچائڻ جو هڪ پنهنجو رومانس آهي. خيرپور ۾ لکين ايڪڙ تي پوکيل کجيءَ جي فصل جي تياريءَ ۾ ڪتب ايندڙ کارا ٺاهڻ لاءِ ڀريا، ٺٽو، ڪنڊيارو، دولت پور، مورو، آمري، محبت ديرو، نواب شاهه، ميرپورخاص، حيدرآباد، ڳاڙهي موري ۽ ٻين علائقن مان سوين لاڏائو خاندان خيرپور ۾ پهچي ويا آهن جن خيرپور ضلعي جي لنڪ روڊن ۽ شهرن ۾ خاص طور تي ميرواهه ۽ روهڙي ڪينال ڀرسان پنهنجا عارضي ڪکاوان گهر جوڙي، کارا ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. کارا ٺاهڻ واري هڪ پورهيت سان ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ٻڌايو ته وٽن هيءَ ڪِرت اباڻڪي آهي ۽ هُو هن ڪرت مان پنهنجن وڏڙن کان فيضياب ٿيا آهن. جيڪا هُنن، ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجن وڏڙن کان سِکي آهي. هر سال اُهي کجيءَ جي موسم ۾ خيرپور اچن ٿا ۽ کارا ٺاهي مختلف جڳهن تي وڪري لاءِ رکن ٿا جِتان سندن روزي ٿيو وڃي. کارا ٺاهڻ وارو پورهيت شديد گرمي هجڻ جي باوجود پنهجي کارا ٺاهڻ واري ڪرت جاري رکي ٿو. ننڊَ مان اکيون کوليندي ئي هي پورهيتَ سانجھيءَ تائين کارن ٺاهڻ جو ڪَمُ جاري رکن ٿا.
    خيرپور جون کارڪون پنهنجي عاليشان مٺاس ۽ موهيندڙ ذائقي جي ڪري ايترو ته مشهور آهن جو جنهن به جڏهن اُنهن کي چکيو يا کاڌو ته هُو انهن جي محبت ۾ موهجي ويا. کارڪون هڪ اُهو سخي ميوو آهي جيڪو، نه صرف لاڏائو ماڻهو ۽ هتان جا رهواسي کائن ٿا پر سڄي دنيا جا ماڻهو به هن ميوي جو مزو ماڻين ٿا. منهنجي دُعا آهي ته شالَ خيرپور جون کارڪون پوري دنيا ۾ اؤج ماڻين......


    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو