سنڌ جي عوام تي طنزن ۽ طعنن جي برسات ڇو؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    چونڊن جا نتيجا ڇا آيا هر طرف کان سنڌ جو عوام مختلف طعنن،طنزن،الزامن ۽ غصي جو نشانو بڻجڻ شروع ٿي ويو.خاص طور تي سوشل ميڊيا تي ڪجهه دانشور ٽائيپ انقلابي دوست اخلاقيات جون سڀ حدون به اورانگھي ويا.ڪن سنڌين کي ويڪائو مال،ته ڪن جاهل ۽ اڻ پڙهيل ته ڪن وري کين بريانيء جي پليٽ تي وڪجڻ واري قوم جي لقب سان نوازيو.سنڌي قوم جو اڪيلو ڏوهه اهو ئي ٻڌايو پيو وڃي ته انهن پيپلز پارٽيء کي ووٽ ڇو ڏنا.ٻئي طرف اهو ساڳيو طبقو چونڊن ۾ پي پي جي ٿيل ڪاميابيء کي عظيم ڌانڌليء سان به تعبير ڪري رهيو آهي.هاڻي جيڪر انهن جو ڌانڌليء وارو موقف صحيح مڃجي ته پوء چئبو ته پي پي کي سنڌي ماڻهن ووٽ ناهن ڏنا ۽ ان ڌانڌلين سان کٽيو آهي،جيڪر انهن جي چوڻ مطابق پي پي کي عوام ووٽ ڏنا ئي ناهن ته پوء سنڌي عوام تي طنز،طعنن ۽ الزامن جي تيرن جو وسڪارو ڇو پيو ڪيو وڃي؟پهرين ته انهن انقلابين کي ڪو واضح هڪڙو موقف وٺڻ گھرجي ته پي پي جي سموري ڪاميابي ڌانڌلين جو نتيجو آهي يا انهن کي واقعي عوام ووٽ ڏيئي کٽايو آهي.جيڪر غير جانبدار ٿي صورتحال جو تجزيو ڪبو ته حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ ماڻهن وڏي پيماني تي پيپلز پارٽيء کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو آهي.جيڪر ڪٿي ڪا ڌانڌلي ٿي به آهي ته اها ٻنهي طرفن کان ممڪن آهي.جنهن جو جتي به ڪو وس هليو آهي اتي هن پاڻ ملهائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي.رهيو سوال ته سنڌ جي سمورن ماڻهن رڳو پي پي کي ووٽ ڏنا آهن ته اهو به غلط آهي.پي پي مخالف اميدوارن کي به وڏي پيماني تي ووٽ مليو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته رڳو چند هزار ووٽن جو فرق آهي سو پي پي جي خلاف ايڏي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڪرڻ وارا به ته سنڌي ئي آهن.جيستائين اليڪشن ۾ پئسو هلڻ جو سوال آهي ته ان ۾ وڏي حد تائين سچائي آهي پر اهو پئسو ٻنهي طرفن کان هلندي نظر آيو آهي.پر اهو چوڻ ته سڄي سنڌ جي ماڻهن رڳو پئسي تي ووٽ ڏنا آهن سنڌي عوام سان وڏي زيادتي ٿيندي.بهرحال ان خيال سان هرگز سهمت ٿي نٿو سگھجي ته سنڌ جي ماڻهن جي سوچن ۾ ڪا تبديلي يا سجاڳي نه آئي آهي بلڪه هنن چونڊن ۾ سنڌ جي ماڻهن اميدوارن آڏو احتجاج به ڪيو آهي ته وٽانئن اهڙا سوال به ڪيا جن جو اهي ڪو مطئمن ڪندڙ جواب ڏيئي نه سگھيا.هينئر چونڊون کٽڻ انهن لاء ماضيء جيان ڪو ايترو آسان ڪم نه هو.اهي اميدوار گھر گھر ۽ در در ويا آهن ۽ ماڻهن کي ماضيء جي پنهنجن روين تي معذرت به ڪئي اٿن.اها سڀ تبديليء طرف ئي اڳڀرائي آهي.تبديلي رات وچ ۾ اچڻ وارو ڪو عمل ناهي اهو هڪ ارتقائي عمل آهي جيڪو محسوس نه ٿيندڙ طريقي سان جاري رهي ٿو.هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جي ماڻهن جي اڪثريت آخر پيپلز پارٽيء کي ئي ووٽ ڇو ڏنا؟ انهيء ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي پي حڪومت جي گذريل ڏهن سالن ۾ سنڌ اندر ڪارڪردگي نهايت ئي خراب ۽ مختلف وزارتن ۽ ادارن ۾ ڪرپشن جي برسات جاري رهي.وزيرن ۽ مشيرن عوامي مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي ذاتي مفادن ۽ ناجائز نموني پئسو ڪمائڻ جي راند ۾ هڪٻئي کان وڌي چڙهي ڪري حصو ورتو.ترقياتي اسڪيمون سرزمين تي موجود ئي نه هيون.شهرن ۽ ٻهراڙين جي حالت بد کان بدتر ٿي ويئي انهن سمورين سچائين باوجود ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي پيپلز پارٽيء جي اليڪشن ۾ ڪاميابيء جو سبب بڻيون.پهريون ۽ اهم فيڪٽر ته پي پي جي متبادل واري سوال وارو رهيو.پي پي جي سامهون ڪوبه مناسب چونڊ اتحاد ٺهي نه سگھيو.چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن لاء جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف جي صورت ۾ اتخابي متبادل موجود هو پر ڏٺو وڃي ته جي ڊي اي اهڙن تڪراري ماڻهن جو ميڙ هو جنهن ۾ موجود مختلف سوچون ۽ نظريا رکندڙ اڳواڻ اهڙا هئا جن جي اڪثريت اڳيئي ماڻهن جي آزمايل هئي ۽ انهيء ۾ موجود ڪجهه شخصيتن جو ماضيء ۾ رويو سنڌ ۽ سنڌين متعلق ڪو شاندار نه رهيو هو ۽ بنيادي طور تي اهڙيون شخصيتون ئي جي ڊي اي جي ناڪامي ۽ پي پي جي ڪاميابيء جو سبب بڻيون.جيستائين فنڪشنل ليگ جو تعلق آهي ته انهن اهڙن تڪراري شخصيتن سان اتحاد ڪري خود فنڪشنل ليگ جو به نقصان ڪيو.انهيء کان سواء گذريل دورن ۾ فنڪشنل ليگ جي اسيمبلين توڙي اسيمبلين کان ٻاهر به ڪا فعال ۽ عوام دوست ڪارڪردگي نظر نه آئي.انهن جا ڪيترائي ميمبر هڪ طرف پنهنجي جماعت کي خير آباد چئي پي پي حڪومت ۾به شامل ٿيندا رهيا ته ٻئي طرف مرڪز ۾ نون ليگ حڪومت جو به حصو رهيا.سواء محترمه نصرت سحر عباسيء جي جنهن جي اسيمبليء اندر ڪارڪردگي بيشڪ نهايت ئي چست ۽ شاندار رهي جيڪا اسيمبليء اندر هر عوامي مسئلي تي وڏي جرئت سان پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي پر ان هڪڙي ميمبر جي بهترين ڪارڪردگي سڄي جي ڊي اي کي کٽرائڻ لاء ته ڪافي نه هئي.رهيو سوال تحريڪ انصاف جو ته ان ڪراچيء ۾ ايم ڪيو ايم جي گروهه بندي ۽ ان جي غلط پاليسين جي نتيجن جو ڀرپور فائدو کڻندي سندس جاء والارڻ واري پوزيشن ۾ اچي ويئي آهي پر باقي سنڌ ۾ نه ته انهن ڪو باقائدي هوم ورڪ ڪيو ۽ نه ئي انهن طرفان ڪي مناسب چونڊ اميدوار ئي ميدان ۾ لهي سگھيا بلڪه جي ڊي اي سان اتحاد جي ڪري هيڪاري تحريڪ انصاف سنڌ ۾ پنهن جي سياسي پوزيشن وڌيڪ ڪمزور ٿي ويئي سو اها حقيقت آهي ته سنڌ جي ماڻهن وٽ پي پي جي مقابلي ۾ ڪو مناسب نعم البدل موجود نه هو.ٻي ڳالهه جنهن پي پي جي ڪاميابيء ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو سا بلاول ڀٽو جي سنڌ اندر چونڊ مهم جي قيادت ڪرڻ آهي.ماڻهن جي اڪثريت خاص طور تي عورتن پي پي کي نه پر بلاول کي صرف ان ڪري ووٽ ڏنو جو شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ آهي.انهيء سان گڏوگڏ ماڻهن ان ڪري به بلاول جي چوڻ تي پي پي کي ووٽ ڏنو جوبلاول مان ماڻهو اڃا اها اميد رکيو ويٺا آهن ته ايندڙ وقت ۾ بلاول سٺي حڪمراني ڏيندو ۽ اهو به ته بلاول اڳ۾ باقائدي اقتدار جو حصو نه رهيو آهي.ماڻهن جي ان سوچ سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو پر بهرحال عوام جي مجموعي سوچ جو مذاق به نٿو اڏائي سگھجي.اهڙيء طرح بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ملندڙ رقم به ضرور پي پي جي ووٽن ۾ اضافو ڪيو آهي.جڏهن ڪجهه انقلابي اهو چئي غريب ماڻهن جي مجبورين جو مذاق اڏائين ٿا ته انهن پنجن هزارن عيوض پنهنجو ووٽ وڪيو آهي ان وقت اهي انهن زميني حقيقتن کان منهن ڦيري ٿا ويهن ته سنڌ ۾ جنهن ليول جي غربت ۽ بيروزگاري آهي اتي ڪنهن خاندان لاء پنهنجي جياپي لاء پنجن هزار روپين جي به وڏي حيثيت ۽ اهميت هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري ويئي هجي ته جيڪر پي پي جي حڪومت نه آئي ته اها امداد بند ٿي ويندي ته بک ۽ بدحاليء ۾ ورتل ان ڪٽنب لاء اهو زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي وڃي ٿو.اهي ئي سياسي اڳواڻ جيڪي هن وقت سنڌ جي ماڻهن کي پنجن هزار روپين پويان وڪجڻ جا طعنا ڏيئي رهيا آهن اهي ٻڌائين ته انهن پنهنجي دور اقتدار ۾ جڏهن انهن کي انيڪ اختيار ۽ موقعا ميسر هئا تڏهن انهن سنڌ جي ماڻهن جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ لاء ڪهڙا ڦاڙها ماريا؟هڪڙي انقلابي نوعيت جي دانشور ته سوشل ميڊيا تي اهي لفظ استعمال ڪيا ته جيڪر شاهه عبداالطيف ڀٽائي به موٽي اچي سنڌ ۾ اليڪشن وڙهي ته سنڌ جا ماڻهو ان جي ڀيٽ ۾ پي پي کي ووٽ ڏيندا؟خبر نٿي پوي ته ان قسم جا ماڻهو پنهنجي ان ناڪاري مهم ذريعي ماڻهن کي همتائي منجھهن تبديليء جي اميد پيدا ڪرڻ گھرن ٿا يا پوري سنڌي قوم کي هميشه لاء مايوسيء جي اونهي ڪن ۾ ڌڪو ڏيڻ چاهين ٿا.پي پي جي نااهلين ۽ ڏوهن تي تنقيد بجا پر اهو به ته ٻڌايو وڃي ته انهيء جي مقابلي ۾ ڪهڙا فرشتا ميدان ۾ لٿل هئا جن کي سنڌ جي عوام ووٽ نه ڏنو؟

    آخري ڳالهه اها ته پيپلز پارٽيء جا پهلوان جيڪي ڪنهن به طرح کٽي آيا آهن اهي به اجايون هنڀوڇيون نه هڻن ۽ ڪارڪردگيء جي بنياد تي اليڪشن کٽڻ واريون ڊاڙون هڻڻ بند ڪن.اهي ڀليء ڀت پاڻ به ڄاڻن ٿا ته انهن اليڪشن ڪيئن کٽي آهي؟ بلاول ڀٽو کي دعائون ڏيڻ سان گڏوگڏ هاڻي انهن کي چڱيء طرح سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته کين آخري موقعو ڏنو ويو آهي ۽ هيئنر به انهن جيڪر رڳو ڦرلٽ وارو ڌنڌو جاري رکيو ۽ ماڻهن جي اصل مسئلن کان لاپرواهي اختيار ڪئي ته آئندهه بلاول ڀٽو وارو ڪارڊ به کين شڪست کان بچائي نه سگھندو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ووٽ پيپلز پارٽي کي ڇو مليا .... قوم کي طعنا، مهڻا ۽ لعن طعن تي افسوس ٿيو ....

    ماڻهو آخر ووٽ ڇو ڏين؟ ان سوال جي جواب تي سڀني کي غور ڪرڻو پوندو. ووٽ وٺڻ هڪ آرٽ آهي، هنر آهي، اليڪشن جي مهم به آسان ناهي .... جي ڊي اي يا ٻين کي به لکين ووٽ پيا آهن. اسان کي ماڻهن ۾ وڃڻو پوندو ۽ انهن جي ڏک سک جو ساٿي ٿيڻو پوندو. پوء ئي ووٽ ملي سگهن ٿا ....
     
  3. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    صحيح ٿا چئو سائين!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو