منهنجو لکيل نظم نعرو سنڌ جو هجي وک سوڀاري هجي

'نثار احمد ناز' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    نظم

    واءُ روڪي ڇڏي درياء لوڙهي ڇڏي
    حوصلو بلند هجي جستجو جاري هجي
    وقت ڪيڏو ڏکيو ڪر کڻي پيو نچي
    نعرو سنڌ جو هجي وک سوڀاري هجي

    رهزنن اڳيان ڪڏهن جهڪيا ئي ناهيون
    ڳاٽ اُچا ڪري پيا جيئڻ پنهنجو سکو
    رات جي هن اُماس ۾ پير سنڀالي کڻو
    تنگ حالات ڪيو ڀڄي دُشمن تکو

    جوڀن پنهنجي سان هاڻ کيڏڻ ڇڏيو
    وقت ويندو گذري ٻري ڪو شعاع ڪيو
    ڏينهن ڪيڏو به تکو پاڻ نه ويڪو
    ڪرڻا سورج ٿيو وقت ٿورو آ پيو

    ظلمات جي دلالن سان جنگ وڙهي پو
    سينڌ سنڌ جي سينگاري آ مليو مچي
    پاڻ غلامي جا هي سڀ زنجير ٽوڙي
    مهڪايو پنهنجو تر پڪي ۽ ڪچي

    ٿر ۽ ڪاڇي ۾ هجي سارنگ رم جهم
    مرڪ معصومن سندي گلابن مهڪون
    اي مقتل جي اڏين کي ڪو کائي سرهو
    ڏونگر هي دلالپ جا ڏاريو ته ,ٽهڪون


    طوفان ڪيڏا اچن ڌرتي ڪيڏي تپي
    وک وڌندي رهي پير هجن ڀل لفون
    هيڻو نه ٻولجو ڪاهلي کي ٽوڙجو
    ڪيو ڏهڪاء جوڙيو اهڙيون صفون

    شاعر =- اصغر علي جمالي/دادو
     
  2. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    SINDH DAHRTI
    سنڌ ڌرتي جا نوجوان محبتون جي اوجالن سان پيا مرڪن ساٿ پرين سان سنڌ سلامت ساٿ سلامت جيئي سنڌ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو