اصغر علي جمالي جي لکيل ڪهاڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڪهاڻي
    عنوان --- سنڌو جي ساڃاھ

    مون جڏهن هن کي پري کان ڏٺو ته پهريان هن کي نه سڃاڻي سگهيس پر جڏهن ويجهو آيو ته منهنجي حيرت جي ڪا حد نه هئي هي منهنجو دوست سنڌو هو هن کي ڏسندي ڏسندي منهنجي ته مغز کي چڪر اچڻ لڳا هي اهو ساڳيو سنڌ هو جنهن جو تن بدن هميشه پاڪ ۽ صاف هوندو هو جيڪو کير جهڙي اجري بدن تي اڇا چمڪيلا ڪپڙا پهريل هوندا هئا جنهن جي رونقون جون جو حاڪون ملڪان ملڪ مشهور هونديون هيون اهو ئي سسب هوندو هو جو ٻاهريان آيل سياح جيسن تائين سنڌو جو ديدار نه ڪندا هئا ته انهن جي اندر ۾ وڏي انڌ مانڌ هوندي هئي ۽ سنڌو کي ڏسڻ لاء تڙپ هوندي هئي اڄ ان ,سنڌو جي اهئا حالت جو ڏسندي ئي منهنجون اکيون رت ٿئي رونيو, جئين ئي منهنجي ويجهو آيو مون کان رڙ نڪري وئي اڙي سنڌو هي تنهنجي حالت ڪپڙا ليڙون ليڙون بدن ميرو ميرو مٿي جا وار ايڏا وڏا ڏاڙهي جا وار تمام وڌيل ۽ مٽي سڄو بدن آخر ڇو ڇا سبب آ هي تنهنجي حالت ڪنهن ڪئي آ ڪڏي ويون تنهنجون رونقون ڪڏي ويون تنهنجون موجون جتي ٻين ملڪن جا سياح اچي پنهنجي روح کي راحت ڏيندا هئا تنهنجا جگري يار تو کي ڪنهن تباھ ڪيو منهنجي مسلسل سوالن سان سنڌو جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ نهايت ئي جهڻي آواز ۾ چيائين منهنجي تباهي جو ڪارڻ منهنجو وڏو ڀاء پنجاب سمراج آهي هنن منهنجو پيٽ سڪائي ڇڏيو منهنجي حصي جو پاڻي سڀ پاڻ کڻي ويو منهنجي سنڌ جون زمينون بنجر ٿي ويون آهن ۽ مان تباه ٿي ويو آهيان مون جي به اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ مون پڇيو مانس پوء تنهنجو اولاد ڇا پيو ڪري انهن جو ته وڏو دٻ دٻ هوندو هو ڇا ان هوندي به تو سان اهڙي حالت جو سبب سمجه ۾ نه ٿو اچي ???

    درد ڀري آواز ۾ ٻڌايائين ادا !! منهنجو اولاد ٽين حصن ۾ ٿي ويو آ وڏو ۽ پاور فول آ ان کي ته ڪا پرواه ئي ناهي انهن ٿوري تي پنهنجي ضميرن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي باقي جيڪو وچولي طبقي جو اولاد آهي هو منهنجي لاء آواز اوٿارڻ جي ٿوري به ڪوشش ٿوڪري ته ان جو لاش منهنجي هنج ۾ اچيو وڃي باقي جيڪو آخري اولاد پاڻي نه ملڻ ڪري المنظر جهڙيون رونقون ختم ٿيڻ ڪري اپهاج بڻجي هڪ هنڌ وهيو ويو منهنجي ڌرتي بنجر بڻجي وئي آ ڪو منهنجي لاء آواز ئي نه ٿو اوٿاري مون کي بچايو منهنجي اولاد کي منهنجي ڌرتي کي بچايو سندس جي آواز ۾ روڳو سڏڪا ئي سڏڪا هئا
    مون ڀي نهايت ئي جهڻي آواز ۾ چيومانس تنهنجي پنهنجي اولاد ئي پنهنجو ضمير ويڪي ڇڏيو آ ٻيو ته پنجاب تنهنجو پنهنجو وڏو ڀاء آهي سو ادا مون کي معاف ڪجان مان تنهنجي لاء ڪجه به نه ٿو ڪري سڳهان مان ائين چئي واپس ورڻ لڳوس رڙيون ڪندي چيائين ٻيو نه هاڻ منهنجي گهر ڪراچي کي بچايو هاڻ منهنجي گهر ڪراچي کي بچايو سنڌو جو آواز منهنجي ڪنن ۾ پڙاڏي جيان گونجندو رهيو ۽ مون کي به خبر پيجي وئي هوئي ته هر تباهي جي پويان هر پنهنجي ئي غدار جو هٿ هوندو آهي
    __________________________________________________________ اصغر علي جمالي /دادو
    03113072726
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو