بيگم اشرف عباسي جون سياسي ۽ سماجي خدمتون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2018۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    بيگم اشرف عباسي جون سياسي ۽سماجي خدمتون :
    فقير محمد سنڌي
    سنڌ جي عورت هردور۾ سورمي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، انهي عورتن جي صف ۾ لاڙڪاڻي جي عورتن پاڻ موکيو آهي انهن ۾ نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو۽ اشرف عباسي جون سياسي ۽سماجي خدمتون دنيا ليول تي مشھور ۽ مقبول آهن، انهن ۾ بيگم اشرف عباسي جي زندگي جدوجهد اهميت رکي ٿي. ايوب خان جي مارشل لا کان وٺي، مشرف جي مارشل لا تائين بيگم اشرف عباسي مسلسل عقوبتون سٺيون پر ڪٿي به پنهنجي جدوجهد کي ڪمزور نه ڪيو. سياسي بصريت جي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن امان جي لقب سان سڏيندا هئا. ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسيءَ جو جنم 2 جنوري 1925ع تي لاڙڪاڻي شهر جي محلي ”وليد“ ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حڪيم سعيد خان هو، جيڪو نالي وارو حڪيم ۽ زميندار هو. پاڻ 13 سالن جي عمر ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ (فرسٽ ڊويزن) پاس ڪري سنڌ ۾ پهريون نمبر کنيائين. هيءَ پهرين مسلم سنڌي خاتون هئي، جيڪا دهليءَ ۾ ميڊيڪل جي تعليم لاءِ وئي، پر ننڍيءَ عمر ۾ شادي ڪرڻ سبب دهليءَ ۾ تعليم مڪمل نه ڪري سگهي ۽ بعد ۾ 1953ع ۾ ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ايم. بي. بي. ايس پهرئين نمبر ۾ پاس ڪيائين. بيگم اشرف عباسي، هائوس جاب دوران شڪارپور جي مشهور ليڊي ڊاڪٽر سارا صديقيءَ جي مددگاري ۾ ڪم ڪيو . پنج سال سرڪاري ملازمت ڪرڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏيئي سياست ۾ شامل ٿي وئي ۽ ”اپوا“ توڙي ٻين ڪيترين عورت تنظيمن جي ميمبر رهي، ميڊم اشرف عباسي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڊائوميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ کان ڪئي، جتي ذميواري جي بنياد تي کيس اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي يونين جو ڪلينڪل سيڪريٽري طور چونڊيو ويو .بيگم اشرف عباسي جي شادي 1943ع تي خان محمد عباسي سان ٿي، 1962ع کان 1965ع تائين اولهه پاڪستان اسيمبليءَ لاءِ ميمبر چونڊجي آئي . بيگم اشرف عباسي جي زندگي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو اهم ڪردار به اهميت جوڳو آهي، جنهن جي ڪري پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي. 1970ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر جا فرائض سر انجام ڏنا، صحت ۽ مڪاني ادارن جي وزارت به سنڀاليائين.جنرل ضياء الحق، ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي ۽ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪيائين، ان دوران پ پ پ جي اڳواڻن ۾ بيگم اشرف عباسي کي به گرفتار ڪيو ويو. 1988ع جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي آئي. سندس اولاد مان منور عباسي ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي مسلسل سياست ۾ عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. بيگم اشرف عباسيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ”هيڪليون هلن جي“ عنوان سان لکي، جيڪا سندس پٽ منور علي عباسيءَ 2005ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي.3آگسٽ 2014ع تي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي، سياسي۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي راھ رباني ورتي.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو