مونجهارن ۽ امتحان ۾ ڦاٿل ڪپتان!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اميدن جو هماليه سامهون بيٺل آهي.مختلف مزاج رکڻ وارا رانديگر چوٽيون سر ڪرڻ جي تيارين ۾ مصروف آهن.امڪانن،خدشن،اميدن ۽ نااميدين جا پاڇا مٿن تي ڇانيل آهن.ٽنگيل پارليامينٽ جي تلوار مٿي تي لٽڪڻ جو خطرو هو سو اڃا تائين ٽري نه سگھيو آهي.انتظار جون گھڙيون تمام ڊگھيون ۽ سخت هونديون آهن.انهيء انتظار قوم جي اڪثريت کي پريشان ڪري رکيو آهي.نئين ٺهندڙ حڪومت پريشان آهي ته اها پنهنجي عددي اڪثريت ڪيئن ثابت ڪري.اهو ڪرڻ لاء انهن کي ڪهڙا ڪهڙا پاپڙ ويلڻا پئجي رهيا آهن.اڃا ڪجهه ڏينهن پهرين جن ماڻهن جي خلاف جذبات جي وهڪري ۾ وهي تمام سخت جملا ادا ڪيا پئي ويا،هاڻي هڪ ڀيرو نه پر بار بار انهن ئي وٽ وڃڻو پئجي رهيو آهي.جن کي ناسور قرار ڏنو پئي ويو انهن کي پاڻ سان ملائڻو پئجي رهيو آهي.جيڪي چور ۽ ڌاڙيل سڏيا پئي ويا اهي هاڻي هٿ ۾ هٿ ڏيئي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ هلي رهيا هوندا. لفظن ذريعي هلايل اهي زهريلا تير هڪ طرفا نه هئا.معاملو ڪنهن رڳو هڪ پارٽيء جي پاران نه هو.انهيء سياسي حمام ۾اهي سڀ هڪجهڙا اگھاڙا آهن.شايد ڪڏهن نه ڪڏهن اسان جا سياستدان اهو سوچڻ تي مجبور ٿين ته انهن کي هڪٻئي جي خلاف بيان ڏيڻ کان اڳ ٿورو سوچ سمجهه جو مظاهرو ضرور ڪرڻ گھرجي جو حالتون ڪنهن به وقت ڦيرو کائي سگھن ٿيون ۽ ڪلهه جا دشمن اڄ جا دوست بڻجي سگھن ٿا.ٿورو گھڻو احتياط ڪجي ته وقت اچڻ تي اجائي پشيمانيء کان بچي سگھجي ٿو.جن ماڻهن جي سالن کان مخالفت ڪئي پئي ويئي پهرين ته انهن ساڳين ماڻهن کي “اليڪٽيبل” جي نالي سان پنهنجي محفل ۾ جڳهه ڏني ويئي ۽ جن ماڻهن اليڪشن جي موقعي تي مخالفت ڪئي ۽ ڪاميابي ماڻي اهي هاڻي آزاد اسيمبلي ميمبر جي حيثيت ۾ گلي لڳايا پيا وڃن. انهيء سلسلي ۾ بيشڪ دليلن جو هڪ زبردست دريا وهندو رهي ٿوپر سچ اهو آهي ته اهڙي عمل سان اصولن جي نفي ٿئي ٿي ۽ سٺيو سٺيون اميدون رکندڙ عاشق نااميد ٿين ٿا.

    اڪثريتي پارٽيء جي حڪومت ته ٺهي ويندي پر ٽيم جي ڪپتان جي لاء قدم قدم تي جيڪي سخت امتحان ايندا انهن مان کيس ڪامياب گذارڻ لاء سندس غير تربيت يافتا ٽيم سندس ڪيترو ساٿ ڏيئي سگھندي.توڙي جو ڪيترائي رانديگر پراڻا ۽ تجربيڪار به آهن پر مزاج ۽ خواهشون مختلف آهن.هينئر کان ئي قومي ۽ صوبائي وزارتن جي لاء ڊوڙ شروع آهي.لابنگ ٿي رهي آهي.فرمائشون به سامهون اچي رهيون آهن.اميدن جو ميلو متل آهي ۽ نااميدين جا ڪڪر به گھمي رهيا آهن.سڀ جون سڀ اميدون ته پوريون ٿيڻيون ناهن ان ڪري انهن اميدن پويان لڪيل نااميدين، ناراضگين، شڪوه ۽ شڪايتن جو سيلاب به ڪر کڻي رهيو آهي.جهڙيء طرح اليڪشن وقت ٽڪيٽ نه ملڻ جي صورت ۾ آزاد حيثيت ۾ ئي اليڪشن وڙهي ورتي يا بد دل ٿي ڪا ٻي پارٽي بدلائي ورتي.اهڙيء طرح هاڻي به وزارتن ۽ عهدن جي چڪر ۾ پريشانين جو ساڳيو واچوڙو وري هلي رهيو آهي. وزارت جي خواهش ڪرڻ ته بذات خود ڪا غلط ڳالهه ناهي پر جيڪر ٽيم جي ڪپتان جي مرضيء سان کيڏڻ بجاء هر رانديگر پنهنجي مرضيء سان ئي کيڏڻ جو خواهشمند هجي ته پوء اهڙي ڇڙواڳ ٽيم ٻيو سڀ ڪجهه ڪري سگھي ٿي پر مئچ کٽي نٿي سگھي.وزير بنجڻ جي خواهش پنهنجي جڳهه تي پر وزارت کي هلائڻ لاء ڪهڙين مهارتن،صلاحيتن،اصولن ۽ بصيرت جي ضرورت پوي ٿي شايد ان باري۾ ماڻهو تمام گھٽ سوچين ٿا.وزارت جي گاڏي،جھنڊي ۽ پروٽوڪول جو خمار چڙهيل آهي جنهن تائين پهچڻ لاء ڪوشس ڪندڙ ميمبرن جي به ڪمي ڪانهي.هر حڪومت توڙي جو پنهنجو مدو پورو به ڪري وڃي پر مشڪل سان اهڙي وزارت نظر ايندي آهي جنهنجو ڪم نمايان طور تي ماڻهن کي نظر ايندو هجي يا عوام انهن جي وڃڻ کان پوء انهن کي ياد رکندو هجي.

    ڪپتان سادگي ۽ غيرضروري پروٽوڪول وغيره جي باري ۾ جيڪي بيان ڏنا آهن جيڪر انهن تي ڪنهن حد تائين عمل ٿي ويو جنهن جا چٽا امڪان به موجود آهن ته پوء سمجھڻ گھرجي ته اهي وزارتون سڪون جو بسترو نه پر ڳرين ذميدارين جو هڪ وڏو بار هونديون.ڪنهن بابصيرت حڪومت ۾ حڪومتي عهديدار وزارتن مان مزو ناهن وٺندا پر انهن ذميدارين سبب هروقت پريشان رهندا آهن جيڪي عوام پاران انهن تي وڌيون وينديون آهن.ڪپتان جوواضح نموني اهو چوڻ ته هاڻي حڪومت سادگي ۽ ذميداريء سان هلائي ويندي انهيء صورتحال ۾ طرحين طرحين ٻوليون ٻوليندڙ پکي،رڳو اقتدار۽ ڏوڪڙ کي ئي پنهنجي منزل مقصود سمجھندڙ اسيمبلي ميمبر ڪهڙيء طرح ايڏي وڏي قرباني ڏيئي سگھندا؟ اسان جا اڪثر عوامي نمائندا ته اليڪشن تي ڪروڙين روپين جا خرچ ڪندا ئي ايتري لاء آهن ته بعد ۾ اهي حڪومت مان ئي پورا ڪرڻا آهن.جيڪر ايئن نٿو ٿئي ته گھٽ ۾ گھٽ وزارت جي عياشي ئي ٿي وڃي،جيڪر ايترو به نه ته پوء اهي سمورا پاپڙ ويلڻ ۽ ڏينهن رات جون ننڊون ڦٽائڻ جو ڇا فائدو؟اهڙا ماڻهو نه عوام جو درد رکندا آهن ۽ نه ئي انهن کي ملڪ ۽ قوم جي مفادن جي ڪا پرواه هوندي آهي ۽ نه ئي اهي معاملن کي سنجيدگيء سان هلائڻ جا عادي هوندا آهن.اهڙيء طرح ڪپتان لاء پنهنجي نئين ٽيم ئي ڪنهن وڏي امتحان کان گھٽ نه هوندي.هڪ طرف ته ڪپتان ته نئين جذبي سان ڪم ڪرڻ،سادگي اختيار ڪرڻ،حڪومتي خرچ ۽ سرڪاري پروٽوڪول گھٽائڻ جي فيصلن جو اظهار ڪري رهيو آهي پر ٻئي طرف اپوزيشن پنهنجي پراڻي روايتن تي قائم آهي.ڌانڌلين جا روايتي الزام،خلائي مخلوق جي طرفان سياسي عمل ۾ مداخلت جون ڳالهيون،تحريڪ هلائڻ ۽ حڪومت کي ڪم ڪرڻ نه ڏيڻ جا ارادا به ظاهر ڪيا پيا وڃن.اپوزيشن وٽ ڪيترائي جمهوري ۽ قانوني رستا ۽ حق موجود آهن،اليڪشن ڪميشن آهي،عدالتون به ڪم ڪري رهيون آهن ايستائين جو آخر ۾ احتجاج جو به حق موجود آهي.بس مشڪل اها آهي جو انتظار جون گھڙيون ڏاڍيون ڏکيون ۽ڪجهه ڊگھيون آهن.ڏينهن ۽ مهينن جو نه پر پورن پنجن سالن جو انتظار! هڪ طرف جتي اپوزيشن ڪپتان خلاف ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي تي ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي به ساڳي ڌوم متل آهي.جهڙيء طرح اليڪشن کان اڳ گھمسان جي جنگ جوٽيل هئي،مٿو ڦيرائيندڙ تبصرا ۽ هيجاني ڪيفيت پيدا ڪندڙ انڪشاف هئا جن پڙهندڙن کي جيڪر مڪمل نه ته اڌ چريو ضرور بنائي ڇڏيو هواها جنگ گھڻي حد تائين اڃا به جاري آهي ايستائين جو گار گند جو سلسلو به نه رڪجي سگھيو آهي.انهن کي ڪير رسو وجھي جو سياستدان جن کي عوام جي تربيت ڪرڻي آهي انهن مان اڪثريت جون زبانون پاڻ ئي ان گند سان ڀريل نظر اچن ٿيون.

    ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪجهه زياده ئي تڪڙ آهي ته جن تبديلين جو وعدو ايندڙ حڪمران ڪري رهيا آهن،اهي هينئر کان ئي شروع ڇو نٿيون ٿي وڃن؟فلاڻو ڪم ڪيئن ٿيندو،فلاڻو مسئلو ڪيئن حل ٿي سگھندو؟ڪم ته رڳو تڏهن شروع ٿي سگھي ٿو جڏهن ايندڙن جي حوالي حڪومت ڪئي وڃي.پر بهرحال اهي انديشا پنهن جي جاء تي موجود آهن ته مختلف خيال،طبيعتون ۽ خواهشون رکندڙ ماڻهن کي تبديليء جي انهيء ڏکئي ڪم ۽ مرحلي لاء يڪسو،متفق،متحد ۽ منظم ڪيئن ڪيو ويندو، ڪپتان جي لاء پهريون امتحان اهو ئي هوندو ۽ اتان ئي سندس حڪومت جي ڪارڪردگيء بابت شروعاتي خاڪو عوام جي ذهن ۾ جڙندو.ايندڙ حڪومت کي هڪ مناسب وقت لاء مهلت ڏيڻ به عوام جي اخلاقي ذميداري آهي ۽ پنهنجن وعدن تي عمل ڪرڻ ايندڙ حڪومت جي اصولي ۽ قانوني ذميداري! جيڪر هرڪو پنهنجو فرض سڃاڻي ۽ نڀائي ته منجھيل معاملا سلجھي سگھن ٿا،نااميدين جي سمنڊ ۾ ٽٻيون کائيندڙ عوام جي اکين ۾ اميدن جا ديپ روشن ڪري سگھجن ٿا پر ان جي لاء انتظار جي صعوبت هر حال ۾ برداشت ڪرڻي پوندي.سالن جي الجھيل مسئلن ۽ معاملن کي رڳو جذبات جي عينڪ سان ڏسڻ بدران حقيقت پسنديء واري نظر ڌارڻي پوندي.منهن جي خيال ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ته قوم توڙي سياسي اڳواڻن کي سنجيدگي ۽ سياسي بلوغت جو مظاهرو ڪرڻو ئي پوندو پوء هاڻي کان ئي ڇونه؟
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو