ڌرتي جي عاشق جو وڇوڙو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ڌرتي جي عاشق جو وڇڙو


    سنڌ سان عشق ڪرڻ وارن کي جيڪي تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن اهي ڪڏهن انهن عاشقن کان ئي پڇو جن سنڌ سان عشق ڪيو آهي ڪڏهن منجه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا رهيا آهن سيد سنڌ سائين جي ايم سيد جي عشق کان جنم وٺندڙ ٻيا به ڪيترائي عاشق پيدا ڪيا آهن بشير خان کان وٺي هر عاشق عشق جي ڏوھ ۾ ڪڏهن اندهري ڪوٺين ۾ بند رهيا آهن ته ڪڏهن ڦٽڪن ۽ ڪوڙن سان هنن کي تشدود ڪيو ويو آهي ته ڪڏهن سنڌ عاشقن کي باھ ڏي ساڙيو ويو آهي جنهن جنهن اهي تڪليفون ازيتون برداشت ڪيون ۽ پنهنجي سچي عشق کي ثابت قدم رکيو ان انهن عاشقن ۾ اسان جي اندر جو روح پرين ساگر حنيف بڙدي به هڪ آهي هن پنهنجي ڌرتي ماتا سان عشق ڪيو ان عشق ۾ هن پتنگ کي ڇا ڇا نه ڀوگڻو پيو سائين جي ايم سيد جو سچو پاروکو بشير خان جو سچو سپاهي هن قومي ڪارڪن جي دل جي ڌرڪن ڀهيڻ جي ڪري اسان کي هميشه لاء الوداع چئي حقيقي جهان ڏي ته روانو ٿيو آهي بظاهري ته ساگر حنيف جي دل ڀهيڻ ڪري جهان ڇڏيو آهي مگر سنڌ واسين جي دل ۾ پنهنجي ڪردار پنهنجي عشق جي هڪ شمع روشن ڪري ويو آهي جسقم اڳواڻ ساگر حنيف مرڪزي پريس سڪريٽري به رهيو ۽ مرڪزي جنرل سڪريٽري جا به فرائض سرانجام ڏيندو رهيو هو هن جي ڪوڪ هاري جي ڪوڪ هوندي هئي هن جو سڏ مزدور جو سڏ هوندو هو جيڪو وڏو پڙڏو ٿي سنڌ دوشمنن جون وايو بتال ڪري ڇڏيندو هو ساگر حنيف جي اچانڪ وڇوڙي تي مڪمل سنڌ سراپا غم جو اظهار ڪري ٿي سنڌ جي هر فرد جي دل ۾ ساگر جي محبت موجون هڻي رهي آهي سندس جو جو نالو تاقيامت سنڌ ڌرتي لاء ادا ڪيل پنهنجي ڪردار سان روشن رهندو ساگر حنيف بڙدي قومي تحريڪ جسقم جي ڪارڪنن سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو هر ڏکي موڙ تي انهن جي مدد لاء بيتاب هوندو هو هنن جي حوصلاافزائي سنڌ جي دردن جون ڪهاڻيون سنڌ نوجوانن کي هڪ سهڻي انداز ۾ بيان ڪندو هو جو ڪارڪنن جي اندر ۾ سنڌ لاء نئون جلوو ۽ ولولو هوندو هو, سنڌ جي سُپتن پنهنجي حياتيون پنهنجون جوانيون هن سنڌ ڌرتي تان قربان ڪري ڇڏيون آهن سندس جي به جواني ائين ئي سنڌ ڌرتي جي عشق ۾ گذري آهي ساگر حنيف کي زندانن جي ديوارن پويان به لڳايو ويو هو پر سندس جا حوصلا بلند هئا پنهنجي محبت جا ديپ هن جهرجنهنگ ۾ روشن ستارن جيان منور ڪري ڇڏيا هئا سندس سان محبت ڪرڻ وارن جي حلقي ۾ مون عاجز جو نالو آهي سنڌ سموري هڪ پنهنجي سچي ۽ پڪي قومي ڪارڪن کان محروم ٿي وئي آهي سندس جي جدائي اسان جو جئي جُهري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ آشڪبار آهي
    ------------------------------------------------------------------ ------------------------------- اصغر علي جمالي / دادو
    41201-1222143-1
    03113072726
     
    شفيق585 ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو