شاعر، ڪالم نگار ۽محقق پروفيسر مختيار سمون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2018۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    [​IMG]

    شاعر، ڪالم نگار ۽ محقق پروفيسر مختيار سمون


    فقير محمد سنڌي

    عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪنس ڳڀرو،
    جي جسي ۽جان جي، ڀڃي جو هيڪاند،
    سسي نيزي پاند ، اڇل. ته. اڌ ٿئي.!

    صبا جي طرح سدائين خوش رهندڙ شخص پروفيسر مختيار سمون جو جنم 18آگسٽ 1960ع تي يار محمد سمون جي گھر ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. بنيادي تعليم لاڙڪاڻي جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪيائين ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ، ادب ۾ مختيار سمون 1976ع ڦھ جواني ۾ پير پاتو، جنهن سان عشق واري سلسلي طور نڀائيندو اچي ٿو. پروفيسر مختيار سمون علم ادب جي دائري مان ڪڏهن به عار ڪونه ڪيو آهي جنهن جي ڪري هن جي اکين جي دري مان هڪ پل به اجايو ڪونه گذريو آهي، انهيءَ ڪري مختيار سمون معاشري جو باڪمال شخص آهي جنھن پنھنجي زندگي ۾ کوڙ ساريون حسناڪيون سانڍي رکيون آهن،اهي حسناڪيون، شاعريءَ جي روپ ۾ موجود آهن، ڪالم نگاري جي سدا حيات خمار ۾ جلوي خمار آهن، تحقيق جي حوالي سان پرين اک سان جهان ٿو جوڙي وجھي، مطلب ته اک جي آئيني ۾ ڪل ڪائنات جو حسن ٿو پسائي، اهڙي ئي آدرشي انسان زندگيءَ کي تعليم ۽ ادب لاءِ وقف ڪري کوڙ ساريون تبديليون معاشري ۾ حقيقي طور تي نظر اچن ٿيون. جنهن جي به دولت مختيار سمون شهيد، زيڊ، اي ڀٽو زرعي يونيورسٽي ڪاليج ڏوڪري جي انگريزي واري شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، لاڙڪاڻي لاءِ مختيار سمون ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪونھي جنهن ناليج سينٽر کولي شعور جي آبياري ڪئي، اهڙي طرح انڊس اسڪول جي باني جو اعزاز به مختيار سمون کي حاصل آهي. آسمان تي هر تارو پنهنجي اهميت رکي ٿو انهن مان هڪ تارو انساني حقن جي لاءِ شب قدر جي حيثيت رکي ٿو جنهن مان سڄي دنيا فيض حاصل ڪندي آهي. مختيار سمون جي ادب ۾ سڃاڻپ ، شاعريءَ، ڪالم نگار۽ تاريخ نويس طور آهي، پروفيسر مختيار سمون سنڌي ادب ۽ٻوليءَ کان سواءِ انگريزي زبان تي چڱو خاصو ڪم ڪيو آهي. سنڌي ادب ۽ٻوليءَ لاءِ جيڪو سرمايو پروفيسر مختيار سمون جو موجود آهي انھن ۾ :دنيا گول آهي، ڌرتي روشن ٿيندي، گلن جھڙي شاعري پوپٽ جھڙا ٻار، وفائون منتظر آهن، عورت حق حيثيت ۽ تشدد، لاڙڪاڻو تاريخ و تهذيب، اين ايزي اپروچ ٽوورڊس انگلش گرامر، فنڊا منٽلس آف سمپل، ڪمپائونڊ ائنڊ ڪامپليڪس سينٽينسز، ورب ڪائينڊ ائنڊ ۽ دنيا درسگاهون، يورپ جي يونيورسٽين جي باري ۾ خاڪا شامل آهن حافظ شيرازي جون سٽون سو سيڪڙو صحيح آهن ته، تنهنجي حسن جي ملاحت يا نرمي پاڻ ۾ اتفاق ڪري سڄي جھان کي قابو ڪري ورتو آهي. سچ اهو به آهي ته اتفاق يا ٻڌيء سان دنيا فتح ڪري سگهجي ٿي پروفيسر مختيار سمون دنيا کي پاڻ سان اتفاق ڪرڻ جي لاءِ سڀ ڪوششون ڪيون آهن جئين معاشرتي طور تي سڌارو آڻي سگهجي، ڇو ته پروفيسر مختيار سمون سماج جو سونهون آهي ۽ وقت جي نبض تي هن جو هٿ آهي. مذهب انسان کي رنگ، نسل ۽علائقي جي ٻنڌڻ مان آزاد ڪري عالمي ڀائپي جي دنيا ۾ داخل ڪري ٿو، جنهن مان سڀ انسان هڪ جيترو فائدو حاصل ڪري سگهن. لاڙڪاڻي جو محبوب انسان مختار سمون به ساڳي واٽ تي هلي رهيو آهي، جيڪا سماج کي شعور سان روشناس ڪرائي رهي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو