سنڌي سائنسدان خالد ٿيٻو پاران چائنا ۾ پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ انقلابي تحقيق

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2018۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,753
    ورتل پسنديدگيون:
    5,809
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪجھہ مھينا اڳ ۾ سوشل ميڊيا تي خبر ھلي تہ ھڪ سنڌي سائنسدان پاران چائنا ۾ پاڻي صاف ڪرڻ جو ڪامياب ۽ انقلابي تجربو ڪيو ويو آھي جنھن سان پاڻي فلٽر ڪرڻ وارن جا ھر سال اربين ڊالر بچندا. توڙي جو انھي خبر کي سنڌي ۽ اردو ميڊيا بہڪجھہ ڪوريج ڏني پر ھن جي وڌيڪ پروموشن ضروري ھُئي/آھي. جڏھن تہ چائنا ۾ ان ڪم عيوض خالد ٿيٻو کي اعلى ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آھي.تنھنڪري چئي سگھجي ٿو خالد ٿيٻو کي ميڊيا ۾ اڃان بہ پذيرائي ملڻ گھُرجي ڇو تہ ھي ڪو ننڍو ڪم ناھي. اڄ ھتي ان بابت ڪجھہ تفصيل ان انداز سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي تہ جيئن خبر پئي تہ مسئلو ۽ چئلينج ڪھڙا ھئا جن جا حل خالد ٿيٻو پيش ڪيا آھن.

    ھن وقت سڄي دنيا ۾ جيڪا سائنسي تحقيق ٿئي پئي ان ۾ جيڪي ترجيحات آھن انھن ۾ وقت ۽ پئسو بچائڻ خاطر سستي کان سستي خام مال ۽ ان کي آساني سان استعمال ڪندي درپيش چئلينجز کي منھن ڏيڻ سرِ فھرست آھن. ساڳي وقت دنيا ۾ جيڪي وڏا چئلينجز آھن انھن ۾ مختلف سببن ڪري گدلي ٿيندڙ پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ پڻ اھم آھي. ڇو تہ وڌندڙ آبادي سبب صاف پاڻي جي طلب وڌڻ سان گڏ ان جي گدلي ٿيڻ ۾ بہ ڏاڍي تيزي آئي آھي. ان تناظر ۾ دنيا جي ھزارين ليبارٽرين ۾ لکين سائنسدان ھر ڏينھن ان جو بھتر کان بھتر حل پيش ڪرڻ ۾ رُڌل آھن جيڪو نہ رڳو پُر اثر ھجي پر تڪڙو ۽ سستو پڻ ھجي. خالد ٿيٻو پاران پڻ ھڪ اھڙي تھہ/جھلي تيار ڪئي وئي آھي جيڪا نہ رڳو سستي پر پُر اثر آھي ۽ صنعتي نيڪال سبب خراب ٿيل پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

    پھريان ان تھہ بابت ٿيندڙ تحقيق تي ڪجھہ ڳالھہ ڪجي تہ بھتر ٿيندو. دنيا جي مختلف سائنسدانن پاران مختلف شيون استعمال ڪندي اھڙي تھہ وارا مٽيريل تيار ڪيا ويا آھن جيڪي ڪمائتا ثابت ٿيا آھن پر اڄڪلھہ جنھن مٽيريل جو بولا بال آھي سو آھي گريفGraphene . گريفين دراصل عام عنصر ڪاربان جو ئي ٻھروپ آھي. ڪيميائي ٻھروپ جيڪي اسان کي مئٽرڪ انٽر جي سائنس ۾ پڙھايا ويا جن جو مطلب آھي تہ ساڳيو ائٽم مختلف بناوت سان مختلف شيون ٺاھي سگھي. ايئن جيئن ڪوئلو بہ ڪاربان ائٽم مان ٺھي ٿو ۽ ساڳي ڪاربان جي مختلف ڪيميائي بناوت سان اھو ھيرو ٿيو پوي. ايئن ئي تھہ در تھہ ٿي ھڪي ٻئي سان ملي ڪاربان جي ھڪ بناوت جو نالو گريفائٽ جي پڻ آھي جنھن جو عام مثال پينسل جو پٿر آھي. ساڳي وقت اڄڪلھہ نينو ٽيڪنالاجي تي پڻ زور آھي. نينو ٽيڪنالاجي دراصل شين کي ننڍي کان ننڍي سائز تي کڻي وڃي ڪارآمد بنائڻ جو ٻيو نالو آھي. ھڪ انچ ۾ 25.4 ملي ميٽر ۽ ان ھڪ ملي ميٽر ۾ 10 لک نينو ميٽر ھجن ٿا. جڏھن ان ليول تي ڪم ٿئي ۽ ان تي گرفت ھجي تہ اھو ڪم چئبو آھي نينو ٽيڪنالاجي. ھاڻي سائنسدانن ڇا ڪيو تہ گريفائٽ جي ھڪ ائٽم جيترا سنھا تھہ تيار ڪري انھن کي ھڪ ٻئي مٿان چاڙھي مختلف افاديت قابل بڻايو جنھن ۾ قابل ذڪر بجلي جي اوزارن ۾ ۽ فلٽريشن لاءِ استعمال آھن. ڇو تہ گريفين جي تھہ بجلي پسرائڻ جو انوکي قابليت رکي ٿي ۽ گريفين جي تھن ۾ موجود خال پاڻي کي گذاري ان ۾ موجود گدلاڻ وارا مادا روڪي وٺڻ جي صلاحيت پڻ آھي. گريفين ٺاھي ان کي جدت ڏيندڙ مانچيسٽر جي ٻن سائنسدانن کي 2010 ۾ ان ڪم تي نوبل پرائز پڻ مليو ھو.

    اھي تہ ھئا بنياد وجھندڙ پر جيئن ئي اھو رستو کُليو تہ سڄي دنيا گريفين جي نئين نئين انداز ۾ تھہ ٺاھڻ ۽ ان جي بھتر کان بھتر ۽ مؤثر ترين استعمال جي ڪوشش ۾ لڳي وئي جنھن مان ھڪ گدلي پاڻي کي صاف ڪرڻ جو ٽاسڪ پڻ ھو. 2013 ۾ چائنا جي زيجانگ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر چائو گائو جي سرواڻيءَ ۾ سائنسدانن جي ھڪ گروپ پاران ڪوشش ڪئي وئي تہ ڪنھن نموني گريفين جي تھن کي اھڙي نموني ترتيب ڏجي جو انھن وچ ۾ نينو سائز فاصلو بہ برقرار رھي تہ گڏوگڏ اھي پاڻي کي گذرڻ جو رستو ڏيندي ان ۾ موجود ھر قسم جي غير ضروري گدلاڻ کي روڪي وٺن. اھڙي قسم جي ڪوشش ٻين بہ ڪئي پر انھي گروپ خاطر خواھہ ڪاميابي ماڻي. ھنن پاران تھہ کي جوڙڻ ۽ منجھن فاصلو رکڻ لاءِ آڪسيجن جو استعمال ڪيو ويو ۽ ڪاربان جي تھن وچ ۾ آڪسيجن بانڊنگ ڪري تھن کي جوڙڻ ۽ فاصلو ڏيڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي جنھن کي گريفين آڪسائڊ تھہ چيو وڃي ٿو. پر ايئن بہ ناھي تہ رڳو آڪسيجن کي تھن وچ ۾ لڳائي اھو مقصد پورو ڪيو وڃي ٿو بلڪہ آڪسيجن مان جڙيل مختلف مرڪب ان ڪاڻ ڪتب آندا وڃن ٿا. پر ساڻن مسئلو اھو ٿيو تہ ھو انھن تھن کي جوڙي رکڻ جي مضبوطي يقيني پيا بڻائن تہ پاڻيءَ جي گذرڻ جي رفتار گھٽ پئي ٿي ۽ جيڪر ان رفتار کي وڌائن پيا تہ تھہ جي مضبوطيءَ تي سمجھوتو ڪرڻو ٿي پيو. نيٺ ھنن پنھنجو ڪم مڪمل ڪري ھڪ بين الاقوامي سائنس جي جرنل ۾ ڇپرايو. سندن ٺاھيل گريفين آڪسائڊ مان پاڻيءَ گذري صاف ٿي رھيو ھو جنھن جا ماپا ھن ريت ھئا. جيڪڏھن ھڪ چورس ميٽر جي تھہ تيار ڪجي تہ ان مان ھڪ ڪلاڪ ۾ 21.8 ليٽر پاڻي صاف ٿي نڪري سگھيو ٿي ان دؤران ھوا جي داٻ کي پڻ ڪجھہ گھٽ رکڻو ٿي پيو.

    ان تناظر ۾ ڳوٺ ٽالپر وڏا، ضلعي خيرپور جو خالد حسين ٿيٻو پڻ ڪوشش ۾ رُڌل ھو جنھن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ راقم سان گڏ 2005ع ۾ ڪيمسٽريءَ ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي ان کان پوءِ مانچسٽر وڃي ايم فل ڪئي ۽ اسلام آباد جي ھڪ اداري ۾ نوڪري ڪندي کاتي معرفت چائنيز اڪيڊمي آف سائنس جي مالي سھڪار سان پي ايڇ ڊي ڪرڻ چائنا جي ھڪ ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽي ويو. جتي ھن گريفين آڪسائڊ کي مٿي ذڪر ڪيل مسئلن کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. خالد ٿيٻو جي مستقل مزاجي جا سندس سوين دوست گواھہ آھن. پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ ھر امتحان ۾ ٽاپ ڪندو ھو اسان مان مون سميت ڪيترائي ھاسٽل تي رھندڙ وٽس ڦليلي (حيدرآباد) ويندا ھئا جتي ھو مائٽن وٽ رھندو ھو ۽ اسان کي ڪيمسٽري جا مونجھارا حل ڪرائيندو ھو. ھڪ دفعي پڇيم ”تنھنجي پڙھائي ۾ ڪاميابيءَ جو راز ڇا آھي؟“ چوڻ لڳو ”ڪجھہ نہ بس جيڪو بہ ڪم ڪرڻو آھي ان جا ٽارگيٽ مقرر ڪيو ۽ وقت تي اھي پورا ڪريو. ھڪ ٽاپڪ چونڊي ان کي پڙھو. بار بار پڙھو ايستائين جو اھو مڪمل سمجھہ ۾ نہ ٿو اچي وڃي. ان لاءِ اڌ ڪلاڪ ڪافي ھجي تہ ٺيڪ جيڪر ڇھہ ڪلاڪ لڳن تہ بہ پورو ڪري پوءِ ڪو ٻيو ڪم ڪجي“. پاڻ ڏٺوسين ايئن ئي ھو ڪڏھن ھي پڙھائي پوري ڪري رات نائين وڳي تائين لت کوڙي سمھي پوندو ھو تہ ڪڏھن ڏس تہ آڌي تائين ويٺو پڙھندو ھو. چوندو ھو ٽارگيٽ پورو ان کان پوءِ آرام ئي آرام جيڪر ٽارگيٽ پورو ناھي تہ بي سکائي ھوندي جيسين اھو پورو نہ ٿو ٿئي.

    ھن ڪم ۾ بہ سندس مستقل مزاجيءَ جو وڏو ڪردار آھي. خالد ٿيٻو جو چوڻ آھي تہ مون ھن فيلڊ ۾ ٿيل ڪم ڏٺو تہ سمجھيم سڄو مسئلو گريفين جا تھہ سيٽ ڪرڻ آھي جيڪي مناسب وٿي ۽ مضبوطيءَ سان نہ پيا ٿين. ٻنھي مان ڪو ھڪ ڪم بھتر ٿيندي ئي ٻيو خراب ٿي ٿيو. خالد آڪسيجن جا مختلف مرڪب مختلف ذريعن کان حاصل ڪندي تجربا ڪندو رھيو نيٺ ھڪ ڏينھن ڪاميابي ملي. ھن چانھہ ۾ موجود آڪسيجن جا مرڪب ٿيونين ۽ ٽينن استعمال ڪيا جيڪي گريفين آڪسائڊ جا تھہ ٺاھڻ ۾ نہ رڳو مددگار ٿيا پر اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ پر اثر ثابت ٿيا. مزي جي ڳالھہ تہ چانھہ جي پتيءَ مان حاصل ڪيل آڪسيجن جا مرڪب انتھائي سستا پڻ ٺھيا. جڏھن خالد ٿيٻو پاران اھي تھہ ٺاھي ان مان گدلو پاڻي گذاريو ويو تہ اھو نہ رڳو صاف ٿيو پر ان جي اسپيڊ بہ مٿي ذڪر ڪيل تھن توڙي اڳ ۾ ٻين جي ڪيل ڪم کان ھزار دفعا وڌيڪ ھئي. خالد ٿيٻو پاران تيار ڪيل تھہ مان پاڻيءَ جي صاف ٿيڻ مھل وھڪرو ھڪ چورس ميٽر جي حساب سان ڪلاڪ ۾ ڏھہ ھزار ليٽر ھو جڏھن تہ ان باوجود تھہ پڻ سلامت رھي ٿي. ان جي افاديت کي پرکڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ھٿ سان ڪپڙي جي صنعت ۾ استعمال ٿيندڙ ٻہ رنگ ملايا ويا جيڪي صنعت ۾ استعمال ٿي ان جي نيڪال ۾ ملي وڃي وھندڙ پاڻيءَ ۾ پون ٿا جتي موجود آبي جيوت کي نقصان رسائين ٿا. اھي ٻئي رنگ پڻ ان تھہ ۾ جذب ٿي ويا ۽ وھي ويل پاڻيءَ ۾ انھن جو ڪو ذرو بہ نہ رھيو ھو. اھو سڀ ڪم سائنس جي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي پبلشر ”نيچر“ پاران ڇپجندڙ جرنل نيچر ڪميونيڪيشن ۾ شايع ٿيو جيڪا پڻ ھڪ وڏي فخر جوڳي ڳالھہ آھي ڇو تہ انھي جرنل ۾ ھن ملڪ جي رڳو چن وڏن سائنسدانن جا مقالا ڇپجي سگھيا آھن. يقينن ھن انقلابي قدم تي سنڌ جو ھي نوجوان سائنسدان خالد حسين ٿيٻو وڏي مڃتا لھڻي ۽ اڃان وڌيڪ ڪم ڪندي عالم جي ڀلائي جو عملي مظاھرو پيش ڪري.

    [​IMG]
     
    گلزار احمد هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,681
    ورتل پسنديدگيون:
    27,149
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خالد کي جس هجي ... صاف پاڻي سنڌ جو به سڀ کان وڏو مسئلو آهي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو