اسلام ڇا ٿو چئي انسانيت ڇا ٿيندي آھي....شرف الدين مرکنڊ طاهري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    اسلام ڇا ٿو چئي انسانيت ڇا ٿيندي آھي

    شرف الدين مرکنڊ

    پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان قوم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ چيو تهاسان انهن پنجن ملڪن ۾ شامل ٿيا آهيون جتي خوراڪ نه ملڻ سبب عورتن جي صحت متاثر ٿي رهي آهي.جنهن جي ڪري اڄ اسان جون عورت اڪثر ڪري موت جي منهن ۾ پون ٿيون.ٻاهر ملڪ انگلينڊ ۽ يورپ ۾ ڳوڙھاري عورت جو چئن مھينن بعد الٽرا سائونڊ ٿيندو آھي اگر ڪير جنس جو پڇڻ چاھي ته ان کي جنس جو به ٻڌايو ويندو آھي.ٻار ڄڻڻ وقت عورت سان ان جو مڙس ڪمري ۾ گڏ ھوندو آھي ۽ ھڪ کان ٻہ نرسون پڻ ھونديون آھن، ڪنھن بہ قسم جي دوا ناھي ڏني ويندي عورت درد منجھان دانھون چيخيون ڪندي آھي مگر نرس ان کي پاڻ سنڀالڻ جو دلاسو ڏيندي آھي ۽ %99 سيڪڙو نارمل ڊليوري ٿينديون آھن. نه ٻار ڄڻڻ کان پھرين ماءُ کي ڪنھن به قسم جي دوا ڏني ويندي آھي ۽ نه وري بعد ۾. ڪنھن به قسم جو ٽيڪو بہ ناھي لڳايو ويندو.عورت سان گڏ ان جو مڙس هوندو آهي ته عورت کي حوصلو ھوندو آھي تہ ان جو مڙس ان سان گڏ ان ھٿ پڪڙيو بيٺو ھوندو آ، ڊليوري ٿيڻ بعد ٻار جو ناڙو سندس پيءُ کان قينچي سان ڪٽرايو ويندو آھي ۽ ٻار کي بنا ڪپڙن جي ماءُ جي جسم سان لڳايو ويندو آھي جئين ٻار ٽيمپريچر مينٽين ڪري وٺي. ٻار کي صرف ماءُ جو کير پئيڻ لاء چيو ويندو آھي ڪنھن به قسم جي ٻار کي دوا ناھي ڏني ويندي سواء ھڪ حفاظتي ٽيڪو جي، جيڪو ٻار جي پيدائش بعد فورن لڳايو ويندو آھي. پھرين ڏينھن کان ڊليوري مفت ھوندي آھي ۽ ڊليوري ٿيڻ بعد ٻار جي پرورش جا پئسا ملڻ شروع ٿي ويندا آھن.پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ليڊي ڊاڪٽر ڊليوري ڪرائڻ لاء ايندي آھي ته سڀ کان پھرين پڇندي آھي تہ ڇا اوھان جي نياڻي جي پھرين ڊليوري ۾ آھي، جي ھا ۾ جواب مليو تہ فورن والدين کي ڀوءُ ڏنو ويندو آھي تہ جان جو خطرو به ٿي سگھي ٿو ڪيس ڏاڍو خراب آھي آپريشن کانسواء ڊليوري نه ٿيندي %99 سيڪڙو نارمل ڊليوري ڪيسن کي آپريشن ڪيس ۾ تبديل ڪيو ويندو آھي. ٻار ڄڻڻ کان پھرين ۽ بعد ۾ ڪلو گرام جي حساب دوائون ڏنيون وينديون آھن ۽ ڊليوري وقت عورت جي مڙس کي ته ڇڏيو ماءُ ۽ ڀيڻ کي به آپريشن ٿيٽر ۾ اندر وڃڻ جي اجازت ناھي ھوندي ڊاڪٽر ۽ نرسون اندر ڇا ٿيون ڪن عورت ۽ خدا ئي بھتر ٿو ڄاڻي.نارمل ڊليوري 20 کان 25 ھزار ۽ آپريشن سان 80 کان 90 ھزار تائين فيس ورتي ويندي آھي تڏھن ته ڊاڪٽرن جو دماغ خراب ٿيو آھي نارمل سان ھُنن جي ٻارن جي خرچي به نٿي نڪري ۽ آپريشن سان لگزري زندگي گذاري سگھن ٿا ۽ پنھنجا ٻار کي سٺن وڏن اسڪولن ۾ پڙھائي سگھن ٿا ۽ وڏين وڏين گاڏين ۾ گھمي سگھن ٿا. اسلام ڇا ٿو چئي انسانيت ڇا ٿيندي آھي سچ ڇا ٿيندو آھي سڀ کڏ جي تري ۾ وڃي پون بس رڳو پئسا کپن.
    (هلال پاڪستان، روزاني سوڀ اخبار ۾ 25 آگست 2018 تي شايع ٿيل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو