عمران خان جو سنڌ سان ڪهڙو رويو رهندو؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ميان نواز شريف جي ٽنهي حڪومتي دورن ۾ سنڌ سان مجموعي طور تي جيڪو ماٽيلي ماء وارو سلوڪ رهيو اهو سنڌ جي ماڻهن کي وسري نٿو سگھي البت سنڌ جي ماڻهن جي حقيقي نمائندگيء جي دعويدار پاڪستان پيپلز پارٽيء کي نون ليگ جي اهڙين پاليسين ۽ روين تي ڪا خاص ڳڻتي يا ناراضگي نه رهي آهي.اهو هينئن جو جڏهن به نون ليگ تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته پي پي قيادت وڏي خوشيء سان هر وقت پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ۽ هن وقت به هڪ ٻئي تي نقلي تنقيد باوجود پيپلز پارٽي پارليامينٽ توڙي پارليامينٽ کان ٻاهر ساڳي نون ليگ جو ساٿ ڏيندي نظر اچي ٿي.ميان نواز شريف جي دور ۾ سنڌ سان جيڪي به ڏاڍايون ۽ ناانصافيون ٿينديون رهيون انهن جي خلاف نه ته پي پي جي سنڌ حڪومت ڪو موثر آواز بلند ڪيو ۽ نه ئي پي پي سان تعلق رکندڙ اپوزيشن ليڊر ڪڏهن ڪو باقائدي احتجاج ڪيو.انهن احتجاج ضرور ڪيو پر ڪڏهن رينجرز جي اختيارن متعلق ته ڪڏهن ڊاڪٽر عاصم ۽ شرجيل ميمڻ جي گرفتاريء خلاف يا وري نيب جي ڪاروائين خلاف.سنڌ جا ڪئين اهم ۽ بنيادي مسئلا جن تي پي پي جي سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ اپوزيشن سخت دٻاء وجھڻ واري پوزيشن ۾ هئڻ باوجود مفاهمت جي ماکيء وارو مربو کائي نون ليگ سان هٿ هٿ ۾ ملائي،چپ جو روزو رکي، سياسي ناچ نچندي رهي.ان ڪري جو سامهون سنڌ جي عوام جا مفاد نه پر هڪٻئي جا مفاد رهيا.مثال؛ سنڌ کي ڪڏهن به پنهنجي مقررحصي جو پاڻي نه مليو،سنڌ جي شاهراهن جهڙوڪ سپرهاء وي وغيره تي وفاق ناجائز قبضو ڪري انهيء تي غيرآئيني ۽ غيرقانوني ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس عائد ڪري ڇڏيا پر نه ته سائين مراد علي شاه ڪجهه ڪڇيو ۽ نه ئي سائين سکر وارو ڪا تقرير ڪري سگھيو.اهڙيء طرح اين ايف سي ايوارڊ مان سنڌ کي پنهنجو مقرر حصو صحيح نموني نه ملي سگھيو،وفاقي کاتن ۾ موجود نوڪرين ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي عمل نه ٿيو ۽ سڀ جون سڀ نوڪريون پنجاب جي جھوليء ۾ وڌيون وييون.اهڙيء طرح وفاقي حڪومت جي اهم عهدن تي به سنڌ جي نمائندگيء کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو.وفاقي ترقياتي منصوبن توڙي ميگا پروجيڪٽس ۾ ڏسي وائسي سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو.سنڌ جي نوجوانن کي بيروزگاريء جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو.ايستائين جو غيرملڪي اسڪالرشپس تي به شاگردن کي اعليٰ تعليم لاء ٻاهر موڪلڻ واري معاملي ۾ به سنڌ جي نوجوانن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ جاري رهيو.ڪڏهن به وفاقي حڪومت سنڌ خاص طور تي سنڌ جي پوئتي پيل علائقن لاء ڪو وڏو ترقياتي پيڪيج نه ڏنو.ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بجليء جو بحران ايترو ته شديد رهيو جو سنڌ جي ماڻهن جو نه رڳو آرام ۽ سڪون ئي برباد ٿي ويو پر سندن معاشي قتل عام ڪيو ويو.حڪومتي توڙي رياستي اهم عهدن مان ڪوبه عهدو سنڌي ڳالهائيندڙ شخصيتن کي نه ڏنو ويو.نواز شريف جي آخري دور حڪومت ۾ توڙي جو ممنون حسين کي صدر جو عهدو ڏيئي سنڌ تي ٿورو جتايو ويو پر حقيقت اها آهي ته ممنون حسين سنڌي اسپيڪنگ نه هو .هن کي ان ڪري صدر نه بنايو ويو هو جو هن جو تعلق سنڌ سان هو بلڪه هن کي رڳو ان ڪري صدر بنايو ويو جو هو ميان نواز شريف جو حد کان گھڻو وفادار هو.ان کان اڳ جي نواز شريف واري دور حڪومت ۾ صدر به پنجاب مان کنيو ويو هو.اهڙيء طرح قومي اسيمبليء جو اسپيڪر به گذريل دور ۾ پجاب مان ئي هو.اهڙن فيصلن ذريعي سنڌ اندر موجود احساس محروميء کي گھٽائڻ بدران اڃا ان کي وڌيڪ هثي وٺائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.اهو سڀ ڪجهه شايد رڳو ان ڪري ڪيو ويو جو سنڌ جي ماڻهن ميان نواز شريف کي ووٽ نه ڏنا هئا جنهن جي ڪاوڙ هو هروقت سنڌي ماڻهن مان ڪڍندو رهيو.وزيراعظم جي حيثيت ۾ ميان صاحب سنڌ جي عوام سان مڪمل طور ڪٽيل رهيو.هن سنڌ جي نالي ماتر دورن دوران جن به ترقياتي پيڪيجز جا اعلان ڪيا انهن تي اڄ تائين عمل نه ٿي سگھيو.سنڌ جون سرڪاري زمينون هڪ طرف طاقتور قبضا مافيا جي قبضي ۾ اچي وييون ته ٻئي طرف وفاقي سرڪاري ادارن اهي ناجائز نموني ڦٻائي ورتيون. سنڌ جي پي پي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل رهي جو انهن جي بااثر وزيرن ۽ مشيرن کي پنهنجو مقرر سڻڀو حصو ملندو رهيو.وفاقي حڪومت طرفان شروع ڪيل مختلف اسڪيمون جهڙوڪ هيلٿ ڪارڊ وغيره جي سهوليت کان سنڌ کي محروم رکيو ويو.سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي رائلٽي صحيح طرح سنڌ کي نه ملي سگھي ۽ نه ئي اهڙين سرڪاري توڙي نجي ڪمپنين ۾ سنڌ جي مقامي ماڻهن کي روزگار ملي سگھيو ۽ نه ئي اهڙن علائقن جي ترقيء تي انهن ڪمپنين ڪو ڌيان ڏنو.جتي اهڙين سمورين ڏاڍاين لاء سنڌ حڪومت ذميدار آهي اتي وفاقي حڪومت ان کان وڌيڪ ذميدار آهي.ٻئي طرف دعوائون اهي ٿينديون رهيون ته ميان نواز شريف هڪ قومي ليڊر آهي ۽ نون ليگ پوري ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي آهي.پر حقيقت اها آهي ته ميان صاحب جي حڪومتن ۾ سنڌ سان انتقامي رويو اختيار ڪيو ويو.هنن سمورين ڳالهين ڪرڻ جو مقصد اهو ته هن وقت ميان صاحب جي حڪومت نه رهي آهي ۽ هاڻي ٽن صوبن سان گڏوگڏ وفاق ۾ به عمران خان جي حڪومت آهي جيڪو پهرئين ڏينهن کان تبديلي،ديانتداري ۽ انصاف جون دعوائون ڪندو رهيو آهي.غريب ۽ ڪمزور طبقن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي.ڏتڙيل عوام جي زندگيء جو معيار بهتر بنائڻ جو عزم ظاهر ڪري رهيو آهي.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عمران خان جو سنڌ سان ڪهڙو رويو رهندو جتي هن کي ووٽ ناهن مليا.ڇا هو به ميان نواز شريف واري طور طريقي تي عمل ڪندي سنڌ کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو يا هو اهڙا مثبت قدم کڻڻدو جن سان ايندڙ مستقبل ۾ سنڌ جي ماڻهن جو سندس پارٽيء تي اعتماد بحال ٿئي ۽ تحريڪ انصاف سنڌ جي هڪ موثر ۽ چست سياسي قوت ٿي اڀري سگھي.سنڌ جون حالتون نهايت ئي ابتريء جو شڪار آهن.ماضيء جي حڪومتن پوء اهي پي پي حڪومتون هجن يا ٻيون حڪومتون انهن سنڌ کي اڳتي وڌائڻ بدران سنڌ جي حالت وڌيڪ خراب ڪئي آهي.سڄو حڪومتي ڍانچو ۽ سرشتو ئي تباهه ۽ برباد ٿيل آهي.پوري سنڌ کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي.ماڻهن جي سياسي،سماجي،تعليمي ۽ معاشي حالت ماتم ڪرڻ لائق آهي.جيڪر عمران خان سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي رڳو سنڌ جي پي پي حڪومت جي رحم ڪرم حوالي ڪري سنڌ سان رڳو رسمي تعلق رکي ٿو ته پوء چئبو ته عمران خان کي به ماضيء جي ٻين حڪمرانن جيان رڳو انهن علائقن سان دلچسپي آهي جتان انهن کي ووٽ جي لالچ آهي.ڪراچيء لاء ضرور ترقياتي پيڪيج اچڻ گھرجن ۽ اهو پئسو دياندراريء سان ڪراچيء جي ترقي ۽ سڌاري لاء ضرور خرچ ڪرڻ گھرجي جو ڪراچي به سنڌ جو حصو آهي پر رڳو ڪراچي ئي سڄي سنڌ ناهي.سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن طرف به گھڻي ڌيان ڌيڻ جي ضرورت آهي.اصل غريبن جي اڪثريت ته رهي ئي ٻهراڙين ۾ ٿي سو ٻهراڙيء ۾ رهندڙ ماڻهن جي حالت بهتر بنائڻ سواء ترقي ۽ تبديليء جون دعوائون رڳو فضائن ۾ ٽنگيل رهنديون.عمران خان کي اها ڳالهه هاڻي وساري ڇڏڻ گھرجي ته هن کي ڪنهن ووٽ ڏنا ۽ ڪنهن ووٽ نه ڏنا.هن کي اهو ثابت ڪرڻ گھرجي ته هو پوري پاڪستان جو وزيراعظم آهي جنهن ۾ سنڌ به شامل آهي.ماضيء جي حڪومتن سنڌ سان جيڪي ناانصافيون ۽ ڏاڍايون ڪيون آهن انهن جي تلافي ضرورڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي عمران خان جي قيادت مان به ٻين حڪمرانن جيان سخت مايوسي ٿيندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو