يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن ڏانهن

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن ڏانهن:

    ڪجهه ڏينهنَ پهرين، سنڌ جي هڪ يونيورسٽيءَ جي آخري سالَ جي هڪ سنڌي شاگردَ سان حال احوالَ ٿيا. نوجوانَ کان پڇيم ته بيچلر ڪرڻ کانپوءِ اڳيان ڇا ارادو آ؟ ڇا رٿابندي آ؟ وراڻيو، ”امتحانَ گذري وٺن، پيپر ڏئي وٺون، پوءِ سوچيندس...!!!“ جواب ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو. اسان جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ، آخري سالَ جي آخري سيميسٽر جي آخري هفتي وارن ڪلاسز تائين پهچڻ باوجود به اسان جا سنڌي نوجوانَ اهو فيصلو اڃان تائين به نه ڪري سگهيا آهن ته کين هاڻي اڳيان هلي ڪرڻو ڇا آهي؟ آيا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻي آهي يا نوڪريءَ جي پٺيان لڳڻو آهي؟ جيڪڏهن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻي آهي ته ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ ئي ماسٽرس (يا ايم فل) ڪرڻي آ يا ان کان وڌيڪ بهتر ڪا ٻي يونيورسٽي ڳولڻي آ؟ جي ڪنهن ٻِي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻي آ ته پوءِ پاڪستانَ مان ئي ڪرڻي آ يا ٻاهرئين ملڪَ وڃڻو آ؟ ٻاهرئين ملڪ وڃڻو آ ته ڪهڙي ملڪَ ۾ منهنجي سبجيڪٽ سان لاڳاپيل بهتر يونيورسٽيون آهن؟ ۽ اهي ڪهڙيون آهن؟ وغيره وغيره.
    ان حوالي سان اسان جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن آڏو ڪجهه تجويزون رکجن ٿيون، اميدَ ته هي تجويزون کين ڪيريئر پلاننگ ۾ ڪم ڏينديون:

    1. اوهان جنهن شعبي ۾ بيچلر ڪري رهيا آهيو، ان متعلق معلومات گڏ ڪيو ته ان مخصوص فيلڊ ۾، پاڪستان اندر يا پاڪستانَ کان ٻاهر، روزگارَ جا موقعا سٺي تعداد ۾ آهن يا نه؟ جيڪڏهن آهن ته ڪهڙن کاتن، شعبن، ڪمپنين يا ادارن ۾ اوهان جي ڊپارٽمينٽ جي ڊگريءَ جي گُهرَ گهڻي آهي؟ اوهان واري شعبي اندر حاصل ڪيل ڊگريءَ جي بنياد تي جيڪا جاب انائونس ٿئي ٿي، ان لاءِ جيڪو لکت ۾ ۽ زباني امتحانُ (رِٽن ٽيسٽ ۽ انٽرويو) ٿئي ٿو ان ۾ اوهان جيڪي بيچلر جي 8 سيميسٽرس ۾ سبجيڪٽس پڙهيا هئا، انهن مان ڪهڙن سبجيڪٽس مان وڌيڪَ سوالَ ايندا آهن ته جيئن توهان بروقت ئي انهن سبجيڪٽس تي فوڪس ڪري سگهو. يا اوهان جي مين فيلڊ (مثلاََ اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ) ۾ ڪهڙيون اهم سَب فيلڊس آهن جن جي جاب مارڪيٽ ۾ گُهرَ گهڻي آهي ته جيئن توهان پنهنجي مين فيلڊ جي انهن مخصوص سَب فيلڊس تي مڪمل ڌيان هينئر کان ئي ڏيو. يا انهن ئي اهم سَب فيلڊس تي فوڪس ڪري ماسٽرس يا ايم فل ۾ ريسرچ ڪريو.
    ان قسم جي معلومات اوهان ٻن اهم ذريعن کان وٺي سگهو ٿا؛ (الف) اوهان جي ڊپارٽمينٽ جا استاد ۽ (ب) اوهان جا تازو پاس آئوٽ ڪيل سينيئر بيچ وارا دوستَ جيڪي هاڻي خود جابس لاءِ اپلائي ڪندا ۽ اوهان سان پنهنجو ذاتي تجربو اوري سگهندا.

    2. هڪ ڀيرو جڏهن اوهان کي تسلي ٿي وئي ته اوهان جي شعبي اندر پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا سٺي تعداد ۾ واقعي به موجود آهن ته پوءِ اوهان ان شعبي ۾ رڳو بيچلر جي ڊگريءَ تائين پاڻ کي محدود نه بڻايو. ماسٽرس يا ايم فل ضرور ڪيو. ڇو جو هي مقابلي جو دور آهي. بيچلر جي ڊگري به گهڻن وٽ هوندي. ماسٽرس جي ڊگري ٿورن وٽ هوندي. اوهان جيئن جيئن پنهنجي اڪيڊمڪ ڪواليفڪيشن جي سطح وڌائيندا، تيئن تيئن اوهان کي محسوس ٿيندو ته مقابلي جي سطح گهٽبي ويندي ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جا امڪان وڌندا ويندا. ڇو جو اها اعليٰ ڊگري گهٽ ماڻهن وٽ هوندي.

    3. جيڪڏهن اوهان بيچلر کان پوءِ ماسٽرس يا ايم فل ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪا آهيو ته پوءِ ان ساڳي يونيورسٽيءَ مان نه ڪجو جتي اڳ ئي توهان 4 سالَ پڙهي چڪا آهيو. ان خيالَ کان نه ته اها يونيورسٽي خراب آهي. پر ان خيالَ کان ته تعليم يا سکيا جو مقصدُ رڳو ٻه ضربيان ٻه برابر چار معلوم ڪرڻ ناهي هوندو. تعليمَ مان مراد پنهنجي روين کي، پنهنجي مزاجَ کي، پنهنجي زندگي گهارڻ جي رنگ ڍنگَ کي، پنهنجي سوچَ ۽ پنهنجي ذهنَ کي، پنهنجي عقلي ۽ فڪري سطحَ کي وڌائڻ ۽ بدلائڻ به هوندو آهي. ان ڏَسَ ۾ هڪ يونيورسٽيءَ اندر چار سال گهارڻ وڏو عرصو آهي. ان چئن سالن اندر اوهان جي شخصي ۽ ذهني اوسر جيتري ٿيڻي هئي سا ٿي چڪي. هاڻي بهتر اهو آ ته ان يونيورسٽيءَ کان وڌيڪ بهتر ڪنهن ٻِي يونيورسٽيَ ۾ داخلا وٺي پڙهڻ ۽ پروڙڻ گهرجي. نئين ماحولَ کان، نون طور طريقن کان، اٿڻ ويهڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي نون آدابن کان، نون روين کان، نون خيالن کان سکڻ سمجهڻ گهرجي.

    4. ۽ جيڪڏهن اوهان ڪنهن ٻِي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس يا ايم فل ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي ته بهتر اهو آهي ته پاڪستان کان ٻاهر نڪري وڃو. ٻاهران ماسٽرس يا ايم فل ڪري اچو. هن وقت پاڪستاني شاگردن کي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ جي بنياد تي پڙهڻ جا اڻ ڳڻيا موقعا ملي رهيا آهن. جن جي اسان جي سنڌي نوجوانَ کي خبر ئي ڪانهي. آمريڪا، آسٽريليا، برطانيه، جرمني، فرانس، هنگري سميت چين، ترڪي، ڪوريا، ملائيشيا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جون عالمي سطح جون مڃيل يونيورسٽيون اوهان جون منتظر آهن. اوهان کي نه رڳو داخلائون ۽ رهائش مفت ۾ ڏينديون، پر ان سان گڏوگڏ اوهان کي ماهوار خرچ کپاءَ لاءِ مناسب پيسا پڻ ڏينديون.
    مخلف ملڪن اندر ان قسم جي اسڪالرشپ بابت رهنمائي اوهان کي انٽرنيٽ ذريعي ملي سگهي ٿي.
    هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي ويبسائيٽ وزٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ سماجي رابطن وارين ويبسائيٽس جهڙوڪ فيس بوڪ کان مدد وٺو. ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهندڙ پاڪستاني شاگردن جا فيس بوڪ ۾ ٺهيل گروپس اوهان جي ان حوالي سان اهم رهنمائي ڪندا. هنن گروپس کي ريگيولر بنيادن تي وزٽ ڪرڻ سان اوهان کي معلوم ٿيندو ته ان ملڪ جي ڪهڙي يونيورسٽيءَ جي ڪهڙن شعبن اندر اسڪالرشپ جي بنياد تي داخلا شروع ٿي آهي. ۽ داخلا ۽ اسڪالرشپ واري درخواست ۾ ڪهڙا ڪاغذ پَٽَ اٽيچ ڪبا ۽ اهي ڊاڪيومينٽس ڪيئن ۽ ڪٿان هٿ ڪبا. آخر ۾ اهي ان يونيورسٽيءَ وٽ جمع ڪيئن ٿيندا. وغيره وغيره. مطلب ته الف کان ي تائين مڪمل معلومات اوهان کي ملي ويندي.
    اهڙن گروپس مان ڪجهه اهم گروپس جون لنڪس هيٺ ڏجن ٿيون:

    China:
    https://www.facebook.com/groups/sindhistudentschina/
    Turkey:
    https://www.facebook.com/groups/turkey.scholarship.pak.chapter.official/
    France:
    https://www.facebook.com/groups/1608483306030594/about/
    Germany:
    https://www.facebook.com/groups/adminstudygermany/
    Canada:
    https://www.facebook.com/groups/canada.psa/

    5. انهن گروپس ۾ ٽَچ ۾ رهڻ سان اوهان کي معلوم ٿيندو ته ٻاهرين ملڪن مان اسڪالرشپ جي بنياد تي داخلائون حاصل ڪرڻ جي حوالي سان عام طور تي ٻٽي ڳالهيون ضروري هونديون آهن:
    (الف) اوهان جي بيچلر، انٽر ۽ ميٽرڪ ۾ مارڪون سٺيون هجن. جيترو وڌيڪ مارڪن جي شرح هوندي اوترو وڌيڪ داخلا جا امڪان پيدا ٿيندا.
    (ب) اوهان جو لکيل ريسرچ پروپوزل يا اسٽيمنٽ آف پَرپز يا ليٽر آف انٽينٽ وغيره. نالا مختلف آهن پر ٿوري گهڻي فرق سان ڳالهه ساڳي آهي. ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيونس ته ماسٽرس لاءِ اوهان وٽ “تحقيقي رٿا“. مثال طور: ماسٽرس ۾ اوهان ڪهڙي ٽاپڪ تي ريسرچ ڪرڻ گهرو ٿا؟ ان ٽاپڪ تي ريسرچ ڪرڻ جي اهميت ڇو آهي؟ ان ٽاپڪ تي جيڪڏهن اڳواٽ ريسرچ ٿيل آهي ته اوهان کي ان ۾ ڪهڙي کوٽَ محسوس ٿي آهي جنهن جي پورت لاءِ اوهان ريسرچ ڪرڻ پيا چاهيو؟ ڀلا اوهان جي تجويز ڪيل ٽاپڪ بابت اڪيڊميڪلي اوهان کي پهرين به ڪجهه خبر چار آهي يا نه؟ مطلب ته ٽاپڪ اهڙو کنيو اٿئوَ جنهن تي اڳواٽ به هيٺين ڪلاسز ۾ ڪجهه پڙهي آيا آهيو، بنياد صحيح اٿوَ يا صفا ڪورا آهيو؟ ڀلا اسان جي ملڪَ ۾ ئي پڙهڻ ڇو ٿا اچو؟ اسان جي ملڪَ جي ڪهڙي ڳالهه اوهان کي وڻي آهي جو اوهان هتي پيا پڙهڻ اچو؟ ٺيڪ آ. اسان توهان کي اسڪالرشپ جي بنياد تي داخلا ڏيون ٿا. هتان تعليم پوري ڪري پوءِ اوهان ڇا ڪندا؟ وغيره وغيره. انهن سوالن کي ايڊريس ڪرڻو هوندو آهي.
    (ج) جيڪڏهن يونيورسٽيءَ جنهن ۾ اوهان داخلا وٺڻ جا خواهشمند آهيو تنهن ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي ته اوهان کان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڏنل آئيلٽس يا ٽافل جي امتحانن جو سرٽيفڪيٽ گهرندا.
    (د) آمريڪي يونيورسٽين ۾ اوهان کان جِي آر اِي جي ٽيسٽ جو سرٽيفڪيٽ به گهرندا.
    (هه) اڪيڊمڪ سرگرمين کان علاوه ڪي غير اڪيڊمڪ سرگرمين جهڙوڪ: تقريري مقابلن، ڪوئز ڪامپيٽيشنس، اسپورٽس. سبجيڪٽ سان لاڳاپيل ڪانفرنس يا ورڪشاپ ۾ شرڪت. ڪنهن سماجي تنظيم پاران ٿيل پروگرام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ وغيره جا ڪي سرٽيفڪيٽس هجن ته اهي به اوهان جي درخواست کي اثرائتو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
    بظاهر ڏکيو نظر ايندڙ هي پراسيس اصل ۾ ڏکيو ناهي. توهان هڪ ڀيرو هٿ وجهي ڏسو اوهان کي محسوس ٿيندو ته پَراون پيسن تي دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان پڙهي اچڻ هاڻي گهڻو مشڪل ڪم ناهي رهيو.

    جاويد اقبال لاڙڪ جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو