الله جو ذڪر ۽ الله وارن جي زيارت عثمان مروندي قلندر لعل جي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    حضرت عثمان مروندي قلندر لعل شهباز جي زيارت

    جيڏو تنهنجو نانءُ ٻاجھ به اوڏيائي مڱانء
    ريء ٿنڀين ريء ٿوڻين تون ڇپر تون ڇانء
    ڪُڄاڙو ڪهانء ? تو کي معلوم سڀ ڪا

    جيڪو الله تعالئ' کي ياد ڪندو آهي تنهن کي الله تعالئ' ياد ڪندو آهي الله پاڪ وٽ وڌيڪ مان مرتبي وارو اهو آهي جيڪو وڌيڪ پرهيز گار آهي ڀل ڪو صدر جي رتبي تي هجي يا وزيري اعظم ملڪ جو بڻو ويٺو هجي جيڪڏهن پرهيزگاري ان ۾ ناهي ته اهو الله وٽ عزت وارو ناهي جيسن پاڻ ۾ تقوئ' ۽ پرهيز گاري جي رستي تي پاڻ کي نه ٿو آڻي يا اختيار ڪري جيڪي الله جي ذڪر فڪر سان وابسطا هوندا آهن
    اکر پڙھ الف جو ورق سڀ وسار
    اندر تون اُجار پنا پڙھندي,ڪيترا
    الله ۽ الله پاڪ جي حبيب صلي الله عليه واليه وسلم جي احڪامن يا حڪمن جي تھ دل سان محبت ۽ عمل ۾ ردهل هوندا آهن انهن جا ئي ٻيڙا پار هوندا هن جهان ۾ ڀي ۽ هُن جهان ۾ ڀي هنن کي نه ڪو خوف هوندو آهي نه ئي ڪو غم هوندو آهي جيڪو الله جي اڏو ڀهيڻ کان ڊرڄندو الله پاڪ جو عظيم واعدو آهي ان لاء ٻه جنتون هونديون آهن
    تتي ٿڌي ڪاھ ڪانهي ويل وهيڻ جي
    متان ٿئي اونڌاھ پوء پير نه لهين پرين جو
    جنهن قرآن پاڪ جي جي تلاوت کان وٺي ويندي روزي نماز ۽ حقوق العباد سان حقوق الله جو تمام گهڻو خيال ۽ پابندي ڪئي ۽ روز مرھ جي ذڪرن فڪرن تي استعقامت سان رهيا شطاني خيالن کان پاڻ کي بچائي سدئين مراقبي جي صورت اختيار ڪري هلڻ واري کي ئي اولياء الله يا ڪامل اڪمل ولي يا الله جو دوست ئي چئي سڳهو ٿا
    جن کي دور درد جوسبق سو پڙهن
    فڪر فرهي هٿ ۾ ماٺ مطالعو ڪن
    پنو سو پڙهن جنهن ۾ پسن پرين کي
    جيڪي الله جا ڪامل اڪمل ولي هوند آهن , الله پاڪ ملائڪن کي حڪم ڏيندي فرمائيندو آهي هن بندي جي دل ۾ مون الله جي محبت واستقعامت آهي توهان زمين تي وڃو ۽ زمين وارن بندن جي دل ۾ ان الله جي ڪامل اڪمل ولي جي محبت رکو تڏهن ته الله پاڪ جو حڪم به آهي ته منهنجي سچن ۽ مخلص ٻانهن سان محبت يا دوستي ڪيو ڇا توهان جا دوست نه آهن الله ۽ رسول ۽ مومين ٻانها جيڪي نماز پڙهندا آهن رڪون ڪندا آهن ۽ زڪوات ڏيندا آهن ۽ الله جي راھ ۾ ڪو شهيد ٿئي ته ان کي مئل نه چئو بلڪي اهي زندھ آهن ۽ اهي الله پاڪ وٽ رزق به کائن ٿا, اي انسان تو کي ڪهڙي ڳالھ منجهاري ۾ ويڌو آهي پهريان تون پاڻ ڏس ڪهڙي ڪهڙي شئي جي پيدائش آهين جو تون ڪنهن دوکي ۾ نه پوء , الله جي محبت ۾ جيڪي غرق هوندا آهن الله پاڪ انهن جي بابت فرمائيندو آهي مون الله انعام ڪيا آهن نبين تي صديقن تي شهيدن تي , ۽ پنهنجي صالح ٻانهن تي اهي تمام ڀلي مان ڀلا رفيق دوست آهن اي غافل انسان تون به انهن جي دامن پڪڙ ۽ انهن جي ڏسيل راھ ۽ رستي تي هل ڇو ته اهي خوب ڃاڻين ٿا ته الله پاڪ جي ڪرم سان شيطان جي مڪرن ۽ فريبن کان ڪئين بچي سگهجي ٿو اهي نبي ڪريم صلئ' الله تعالئ' عليه واليه وسلم جي شريعت تي ۽ طريقت تي پاڻ به هلندا آهن لکن ٻي عوام و ناس کي به ان جي تلقين ڪندا رهندا آهن حتاء جو انهن جا حالات قلب کلي ويندا آهن
    وڏا وڻ وڻڪارپجاجت نانگ سجهن نيلا
    اُتي عباللطيف چئي ڪيا هيڪلن حيلا
    جتي ڪڙم نه قبيلا اُت رسج رهبر راھ ۾
    جئين حضرت عمر رضي الله تعالئ' عنهُ مسجد نبوي ۾ موجود هئا اُتان ساريا کي ڏسي فرمايائون يا ساريت الجبل اي ساريا جبل نه ڇڏ ھڪ دفعي حضرت عثمان غني رضي الله تعالئ' عنهُ وٽ ڪو ماڻهو آيو ان وقت حضرت عثمان غني فرمايو اسان وٽ اهڙا به ماڻهو اچن ٿا جيڪي پنهنجي نگاھ سان غير محرم عورتن کي ڏسن ٿا ان ماڻهو پڇيو ڇا حضور صلئ' الله عليه واليه وسلم جي روضئ اقدس ۾ وڃڻ کان پوء به وحي نازل ٿيندي آهي ڇا?
    حضرت عثمان غني رضي الله تعالئ' عنهُ فرمايو نه وحي نازل ناهي ٿيندي مگر الله جا مومئين ٻانها پنهنجي دل جي فراست سان سڀ ڏسندا آهن جنهنجي ڪري ئي ته پيران پير دستگير فرمائيندا هئا ته پوري دنيا منهنجي آڏو ائين آهي جئين منهنجي هٿ جي تلي تي سرنهن جو داڻو اهو سڀ انهن عام انسانن مان فرشتن جي صفت حاصل ڪندڙن جي محبت جو هن ڌرتي تي عام انسان کان وٺي ويندي پکي پکڻ هر جاندار شئ ان جي تعزيم ڪرڻ لڳندا آهن اهي جڏهن هن دنيا جي گولي تي موجود هوندا آهن انهن جي هر پل هر ساعت ۾ اذڪارن جو ئي فڪر رهندو آهي
    تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جن
    تندون جي طلب جون وحدت سر وڄن
    وحدهُ لاشريڪ لهُ اهو راڳ رڳن
    سي ستا ئي سونهن ننڊ عبادت جن جي
    ۽ هن ڌرتي تي امن و سلامتي جي لاء ڪوششان هوندا آهن پوء جڏهن اهي آخر بقا ڏانهن روانا ٿيندا آهن ته جن جن جي دلين ۾ الله پاڪ انهن ڪامل ولين جي محبت رکي هوندي آهي ته عوام انهن جي,گهٽي محلي شهر ملڪ کان وٺي ويندي ان جي نالي جو به ادب ڪندي آهي اولياء الله جي محبت مون عاجز و خاڪسار جي دل ۾ اولياء الله جي محبت ادب ۽ عزمت شروع کان وٺي رهي ئي رهي آهي سو پاڻ کي تمام گهڻو شونق زيارتون جو رهيو ئي رهيو آهي
    لوچان ٿي لحد ۾ هادي لهان نه حد
    سپريان جي سونهن جو نڪو قد نه مد
    هت سڪڻ بي عدد هُت پرين پرواه ناه ڪا
    جئين انهن اولياء الله جي زيارتن سان فيض وٺڻ جو عقيدو محبت پڻ رکون ٿا ان شونق عشق محبت اڄ گهر ۾ وهيڻ نه ٿئي ڏنو سو سنڌ ڌرتي جي والي سنڌ ڌرتي جي بادشاھ حضرت خواجه خواگان سلطان الذاڪرين مفڪري اسلام ذاڪرين لعل شهباز عثمان مروندي رحمته الله تعالئ' عليه جن جي مقبري منور روضي انوار جي زيارت نصيب ٿي روح کي راحت قلب کي قرار قلب اذڪار جون من ۾ سمنڊ جهڙيون موجون فيض جا درياء جهڙي سير ۽ وهڪرا ئي فيض جا محسوس ٿيا اکين ۾ ڪا جوت جاڳي پئي فيض جي پالوٽ ته ڄڻ اکين سان پئي ڏٺا انهن مرد مجاهدن جي زيارت جي تمعنا ته گهڻن کي هوندي آهي ۽ انهن کي زيارت نصيب به ٿيندي آهي مگر فيض جي پالوٽ به ڪنهن ڪنهن کي نصيبن ۾ اچيو وڃي
    کاهوڙين خفي سين سوجهي لڌو سبحان
    عاشق اهڙي, اکرين لنگهيا ٿئيا لامڪان
    هُوء ۾ گڏجي هُوء ٿيا بابو جي بريان
    سڀو ئي سبحان آيو نظر انهن جي
    --------------------------------------------------------------------------- اصغرعلي جمالي / دادو
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو