سنڌ جي تعليم ۽ سردار شاهه جون سوچون.

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سنڌ جي تعليم واري وزير سائين سردار علي شاهه چيو آهي ته اهو برداشت نه ڪنداسين ته اميرن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪن ۽ غريبن جا ٻار پوئتي رهجي وڃن. هن چيو ته هاڻي هڪ نئين جذبي سان اڳتي وڌڻو پوندو.هن جي چوڻ مطابق کيس تعليم جي سڌاري جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جي ڪا ڪمپرومائيز نه ٿيندي.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن وزيرن ۽ سرڪاري عملدارن جا ٻار نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهندا هجن ته اتي سرڪاري تعليمي ادارن جي تعليم جو نظام ڪيئن بهتر ٿي سگھي ٿو.هن ٻڌايو ته هو پاڻ به ٻهراڙيء جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيو آهي جتي ماضيء ۾ اسڪولن مٿان مقرر سپروائيزرن جو معيار تمام سٺو هوندو هو پر هاڻي صورتحال نهايت ئي افسوسناڪ آهي.هن مثال ڏيندي چيو ته جڏهن سيڪشن آفيسر تعلقي جا تعليمي عملدار مقرر ٿي رهيا هجن ته تعليمي معيار ڪيئن بهتر ٿي سگھندو؟تعليمي نصاب جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته اهو مدي خارج بڻجي چڪو آهي جنهن جو مثال ڏيندي هن چيو ته پام ٽاپ جي هن دور ۾ به اسين پنهنجن ٻارن کان ريڊيو جا معجزا پڙهائي رهيا آهيون.هن اهو به چيو ته جيستائين اسان سڄي سنڌ جي ٻارن کي پنهنجو ٻار سمجھي سندن باري ۾ نه سوچينداسين تيستائين تعليم جو نظام ڪڏهن به درست نه ٿيندو.

    هن وقت جڏهن سنڌ ۾ تعليمي نظام تباهيء جي ڪناري پهتل آهي اتي تعليم واري نئين وزير جون اهي ڳالهيون مايوسين جي اونداهين ۾ اميدن جي ڪنهن نئين ڪرڻي وانگر آهن.صوبائي وزير جي مٿين سوچن مان ثابت ٿئي ٿو ته سائين سردار شاه کي نه رڳو سنڌ جي تباه ۽ برباد ٿيل تعليمي نظام جي پوري ڄاڻ ۽ احساس آهي پر هو انهن بنيادي سببن کان به پوريء طرح واقف آهي جيڪي سبب تعليم جي تباهيء جو ذميدار بڻيا آهن.سائينء تعليم جي تباهيء جي جن سببن تي روشني وڌي آهي انهن ۾ تعليمي نصاب جو مدي خارج هئڻ،تعليمي عملدارن جي ميرٽ تي مقرري نه ٿيڻ ۽ وزيرن ، مشيرن ۽ عملدارن جو سرڪاري تعليمي ادارن ڏانهن سنجيده رويو نه رکڻ آهي.تعليم جي تباهيء جا ٻيا به کوڙ سبب آهن پر ان ۾ شڪ ناهي ته جن سببن جو ذڪر سائين سردار شاه فرمايو آهي اهي به مکيه سببن مان ڪجهه سبب ضرور آهن.اصل ۾ تعليمي نظام جي تباهيء وارو معاملو به ٻين معاملن جيان ماضيء جي حڪومتن جي ناقص ڪارڪردگي ۽ خراب حڪمرانيء واري معاملي سان سلهاڙيل آهي.تعليم جي ان تباهيء لاء رڳو ڪنهن هڪڙي حڪومت کي ڏوهاري قرار ڏيئي نٿو سگھجي.بد قسمتيء سان ماضيء جي ڪنهن به حڪومت تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري طرف ڪڏهن به سنجيده رويو اختيار ناهي ڪيو.انهيء پوري تعليمي بحران ۽ برباديء ۾ هڪ ئي وقت ڪيترا ئي عوامل شامل رهندا ٿا اچن. فقط حڪومتن کي ان سڄي تباهيء جو ذميدار قرار ڏيئي ٻين عوامل کان اکيون پوري نٿيون سگھجن.استاد، شاگرد،والدين،سماج،سول سوسائي،اين جي اوز، تعليمي عملدار ۽ عوامي نمائندا پڻ انهيء قومي ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن.ان ڪري جو انهن سڀني مان ڪنهن وٽ به تعليم جو سرڪاري شعبو ڪڏهن به ڪنهن ترجيح،اوليت ۽ اهميت جي لائق رهيو ئي ناهي.مختلف دورن ۾ انهيء کي سڌارڻ جون دعوائون ٿينديون رهيون آهن ۽ ڪجهه نمائشي قسم جا قدم به کڄندا رهيا آهن پر اصل خرابين ۽ ڪمزورين کي نه ته ڪڏهن درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ۽ نه اهڙي نيت رهي آهي.تعليم جي شعبي ۾ ماضيء جي پي پي حڪومت ڪجهه سٺا قدم به ضرور کنيا آهن جيئن شاگردن کي مفت درسي ڪتاب مهيا ڪرڻ ، سرڪاري اسڪولن مان هر قسم جي في معاف ڪرڻ ۽ انٽرميڊيت ليول تائين شاگردن جون امتحاني فيون ادا ڪرڻ وغيره پر بنيادي مسئلا اڃا ڪجهه ٻيا آهن جن مان ڪن جي طرف تعليم واري وزير اشارو ڪيو آهي.اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ تعليم جي سڌاري متعلق وقت به وقت ڪيريون ئي سٺيون تجويزون اينديون رهيون آهن پر هيستائين ڪنهن به حڪومت انهن تجويزن طرف ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آهي.سنڌ جون سڄاڻ ڌريون سائين سردار شاه جهڙي علم ۽ ادب دوست وزير تعليم کان تمام گھڻيون اميدون قائم ڪيون آهن ته هو پنهنجي پرخلوص ڪوششن ۽ محنت سان سنڌ جي هن ٻڏندڙ تعليمي ٻيڙيء کي ڪناري لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو پر اهو ڪم تمام گھڻو مشڪل ڪم آهي.جيستائين تباهيء جي سببن کي ڳولهي هٿ نه ڪبو ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪبي سڌاري جو اهو خواب صرف خواب ئي رهندو.سائين سردار شاهه کي ان سلسلي ۾ پهريون ڪم اهو ڪرڻو پوندو ته هو تعليم جي بهتري ۽ سڌاري لاء سنڌ جي اهڙين سڄاڻ شخصيتن تي ٻڌل ڪو ٽاسڪ فورس قائم ڪري جيڪي ماڻهو نه رڳو تعليمي مهارتن،تعليمي ميدان جي عملي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان واقف هجن پر منجهن سنڌ جي ٻارن جو مستقبل محفوظ بنائڻ جو اونو به موجود هجي.اهو ٽاسڪ فورس نهايت سنجيدگيء سان پوري صوبي جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جي تعليمي ادارن جا دورا ڪري اصل صورتحال ۽ مسئلن کان وافيت حاصل ڪري، تعليمي نصاب جو گهرائيء سان جائزو وٺي،تعليم کاتي ۾ مقرر ين خاص طور تي عملدارن جي مقررين جو جائزو وٺي ۽ حڪومت کي پنهنجي جامع رپورٽ ۽ تجويزون پيش ڪري جن جي روشنيء ۾ نئين تعليمي پاليسي جوڙي وڃي.وزير تعليم جو پاڻ سنڌ جي تعليمي ادارن جو دورو ڪرڻ وارو عزم به قابل قدر آهي پر اسان جو تعليمي نظام تباهيء جي جنهن منزل تي پهتل آهي اتي اڪيلو سردار شاهه نيت باوجود به ڪجهه ڪري نٿو سگھي.هي هڪ قومي مقصد آهي جنهن کي سڀني کي گڏجي ڪرڻو پوندو.اها ڳالهه به ضرور سامهون رکڻي پوندي ته گذريل حڪومتن پاران کنيل ڪجهه نمائشي قدمن باوجود به سنڌ جو تعليمي نظام سڌرڻ بدران وڌيڪ خرابين جو شڪار ڇو بڻجي ويو ؟ بدقسمتيء سان ماضيء ۾ اصل معاملن ۽ مسئلن کي مخاطب ٿيڻ بدران رڳو استادن کي ئي تضحيق،تنقيد ۽ پريشانين جو شڪار بنايو ويو ۽ کين اهڙي ته ذهني اذيت جو نشانو بنايو ويو جو سندن صلاحتيون ئي مفلوج ٿي وييون.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته استاد طبقي ۾ به ڪيئي ڪم چور،نااهل ۽ بدديانت ماڻهو موجود آهن پر انهن چند ماڻهن کي مثال بنائي سڄي استاد برادريء جي ڪردار ڪشي ڪرڻ ۽ انهن کي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪرڻ واري رويي ذريعي ڪنهن مثبت تبديليء جي اميد نٿي رکي سگھجي.ڪڏهن بايو ميٽرڪ ته ڪڏهن ججن جا ڇاپا ته ڪڏهن روينيو عملدارن جون جٺيون پر اهو سڀ ڪجهه رڳو استادن لاء ئي ڇو؟ تعليم جا عملدار آسمان مان لٿل ڪا مخلوق ته ناهن. اهي آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟ جيڪر نگرانيء جو سمورو ڪم بايوميٽرڪ جي ڏهين گريڊ جي مانيٽرن،ججن ۽ روينيو عملدارن کان وٺڻو آهي ته پوء ڊويزن،ضلعي ۽ تعلقي ليول تي موجود انهن تعليمي آفيسرن جو باقي ڪهڙو ڪم ۽ جواز بچي ٿو؟ انهن کي فارغ ڪري ڪن ٻين کاتن ۾ موڪلي ڇڌجي. ڪنهن به سڌريل سماج ۾ تعليمي سرشتو اهڙن غير عقلي ۽ غيراخلاقي تماشن سان ناهي هلندو.پورو تعليمي نظام اهڙن عملدارن سان ڀريو پيو آهي جن کي ميرٽ تي نه پر سياسي طور تي مقرر ڪيو ويو آهي.ڪو ڪنهن جو ماڻهو ته ڪو ڪنهن جي سياسي اوطاق جو منشي ته پوء تعليم جو نظام رڳو استاد کي سڌارڻ سان ڪيئن درست ٿي سگھي ٿو؟سائين سردار شاهه جي ان سوچ کي به قدر جي نگاهه سان ڏسڻ گھرجي جو هن استاد کي عزت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو