برج قلعو جو ٺُل

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2018۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    بُرج قلعي جو ٺُل، مستطيل يا گول اوچي عمارت، جيڪا قلعي جي ڀت سان يا ته گڏيل هجي يا جدا هجي، جيڪا جنگ جي زماني ۾ دفاعي مورچي جو ڪم ڏئي ۽ امن واري دور ۾ قيدخانو ڪري ڪم آڻجي. عسڪري فن تعمير جي اصطلاح ۾ وچ مشرق جي اسلامي دور ۾ بُرجن جون جيڪي شڪليون نظر اچن ٿيون، اهي قلعي بنديءَ لاءِ ضروري هونديون هيون. اهي اسلامي ملڪن ۾ حفاظتي ۽ مدافعتي ضرورت لاءِ تعمير ڪيون ويون هيون، جن جي اڄوڪي دور ۾ شايد ايتري ضرورت نه پوي. پر ڪن قلعن ۾ اهڙا برج به تعمير ڪيا ويا هئا، جن جي فوجي لحاظ کان ڪا ضرورت ڪانه هئي. مثلاً شيشه دار برج، جن کي ڪڏهن ڪڏهن عام تعمير سمجهي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. وچ مشرق جي اسلامي دور ۾ قلعن سان گڏ برجن جي تعمير جا گهڻا مثال موجود آهن. سنڌ ۾ اڏايل ڪوٽن ۽ قلعن ۾ به قديم دور کان برجن جي تعمير جو سلسلو نظر اچي ٿو
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو