تون جي مونکي ڪون مڃيندين

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2018۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    تون جي مون کي ڪونه مڃيندين،
    مون کي ڪا پرواه نه آهي،
    آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو
    جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي..
    مون تي ميڙو مچڻو آهي..

    مينهن جڏهن مانڊاڻ ڪندا، مان
    ساري وارياسي تي وسندس،
    ڪارونجھر جي ڪور مٿان مان
    سانوڻ جي ڪڪرن سان گسندس..

    (مان جو تنهنجي راڳي آهيان
    تنهنجو ئي وڏ_ ڀاڳي آهيان)

    ڄڻ ماڻهوءَ جو ڳوڙهو ڳوڙهو
    منهنجين واين مان برسي ٿو،
    ويڙهو ويڙهو، لوڙهو لوڙهو
    منهنجن گيتن سان گونجي ٿو..

    منهنجا گيت گلابن وانگر،
    جيڪي چوٽين منجھ لڳائي،
    تڙ تان ناريون اينديون آهن
    پنهنجن پيارن لاءِ سجائي_
    نيٺ ته تنهنجو من ڀانئيندا،

    چانڊوڪين راتين ۾ مارو
    مون کي ٿر بر ۾ ڳائيندا،
    بسنت رت ۾ منهنجون وايون
    گليءَ گليءَ ۾ ڦهلائيندا..

    وڄ وراڪا جئن کائي ٿي،
    ائن مان تنهنجا ٽهڪ به آهيان،
    رت ۾ جئن رابيل ٽڙن ٿا
    تئن ڌرتيءَ جي مهڪ به آهيان؛
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو