نشيلا نيڻ

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ثاقب بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2018۔

  1. ثاقب بلوچ

    ثاقب بلوچ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2018
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ
    ماڳ:
    تعلقو ٺري ميرواھ ضلعو خيرپور ميرد
    نشيلا نيڻ.............!!!!

    جڏھن ڪنهن محبوب جا نشيلا نيڻ پيار جي پرستار منجھ پون ٿا تڏھن دنياوي سڀ درد ڄڻڪ پورجي پون ٿا,
    اهڙي ريت اکڙين جا ٻه پهلو هوندا آھن هڪ اهي گهايل به ڪنديون آھن ته مايل به, مطلب درد جو ڪارڻ به ته درد لاء دوا به, پيار جو پيمانو نشيلن نيڻن سان ئي ڀربو آھي...!!!

    ها هو به بيتهاشا انتظار جي آڙاھ منجھ ڦٿڪي رهيو هو, بلڪل جئين پاڻي لاء ٿر ۾ ماروئڙا ڦٿڪن ٿا, جئين ڪنهجي روح کي زنجيرن سان قيد ڪيو ويو هجي, يا جڏھن ڪنهن حڪيم به چئي ڇڏيو هجي ته هن جو علاج نشلن نيڻ سان ٿيڻو آھي...!!!

    تڏھن ھڙ محبوب جي وس هوندو آھي ته هو سندي پيار جي پرستار کي جياري يا ماري, ڇو ته ھن پيار جي پانڌئيڙي لاء محبوب جي نشيلن نيڻن منجھ عڪس جو ٺھڻ وڏو ڪارائتو هوندو آھي تڏھن ته هو انتظار جي پيڙاھ منجھ ائين پيڙجي رهيو هو جئين برف جي ٽڪڙي کي جولاء جي اُس آڏو رکجي.....!!!

    ھن جي بيقسي ۽بيوسي حالت تي لوڪ رحم دريندي نيٺ ھن جي محبوب ڏانھن نياپو مُڪو ته ڪالھ اوهانجي اکين جيڪو ڪيس ڪيو هو سو اڄ اچي انجو ازالو ڀوڳيو, محبوب به مجبورين جا ڪوٽ ڪيرائيندي اچي سندي گهايل آڏو بيهي ٿي,
    پيار جي پانڌئيڙي جون اکيو بند آھن......!!!

    اهي اکيون جيڪي پنھجي محبوب جي اکين سان گڏ هڪ ٻئي جو عڪس پئي ٺاھڻ چاهي رهيون هيون, پوء جڏھن عاشق جون اکيون ديري ديري کلن ٿيون ته هن جي اکين ۾ محبوب جو دنڌلو عڪس چٽو ٿيندو وڃي ٿو, ۽ پوء محبوب جو مڪمل عڪس هن جي اکين ۾ ٽڪجي وڃي ٿو.....!!!

    تڏھن هڪ عجيب منظر درپيش اچي ٿو عاشق جي چپڙن جي مسڪراھٽ ڄڻڪ ٿر ۾ مور نچي رهيا ھجن ڄڻڪ ڏڪاريل ڏيھ ۾ بارش پيو هجي ڄڻڪ هوائون پيار جو پڙاڏو ڏئي رهيون هجن ۽ هوائون هرڪنهن جي ڪن ۾ صوفياڻو راڳ ڳائينديو هجن تڏھن هڪ عاشق لاء انتظار جو آڙاھ بهارن جو باغ بڻجي ٿو وڃي.......!!!

    اڄ ان اکڙين هن جي روح کي راحت رسايو جيڪي هن جي حالت جو زميوار هيون, هئين ته اکيون شاتر آھن دنياوي هر چيز جو پرک رکن ٿيون پر حسن آڏو هيڻا آھن جئين وانگئيڙا سندن قبيلائي سردارن آڏو, اکين جي به وڏي دوستي آھي دل سان ۽ دل زدي آھي جيڪا شيء دل کي ڀائني ان لاء ھڙ ھاري سگهي ٿو, ڀلا جسم جا عضوا ڪئين دل آڏو بغاوت جو ڀت ٺاھن, هن عضون جو ته هڙ دل وٽ آھي.....!!!

    دل جو زد جسم کي روح کان ڌار ڪري سگهي ٿو اهي اکيون جن ڪالھ دل جي ڪن ۾ پيار جون سرڙاٽون ڪيون هيون دل انهن کي به بيوس بڻائي سگهي ٿو روح تڏھن ته دل جا نخرا ناز کڻي ٿو ڇو ته هو جسم کان جدا ٿيڻ نٿو گهري, ۽ ان لاء دردن جي دريا منجھ گوتا کائڻ برداشت ته ڪري ٿو پر دادلي دل کي ڪجھ به نٿو چئي سگھي.....!!!

    (ثاقب بلوچ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو