ناميارو براڊ ڪاسٽر، شاعر ۽ليکڪ ڪوثر ٻرڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2018۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ناميارو براڊ ڪاسٽر، شاعر ۽ اديب ڪﻮﺛﺮ ٻرڙو.

    ايترو پڙھ ايترو پڙھ جو ماڻهون توکي پڙهن،
    ايترو لک ايترو لک جو ماڻهون تو تي لکن.
    ڪوثر ﭔﺮڙﻱ ﺟﻮ ﺍﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﻏﻼﻡ ﻗﺎﺳﻢ ﻭﻟﺪ ﻧﺒﻲ ﺑﺨﺶ ﭔﺮڙﻭ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﻴﭙٽﻤﺒﺮ 1958 ﻉ ﺗﻲ ڳوٺ ﺟﺎﻧﻲ ﭔﺮڙﻱ ، ﺗﻌﻠﻘﻲ ڪﻮٽڏﻳﺠﻲ، ﺿﻠﻌﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﻴﺮﺱ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﺭﺗﻮ . ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱجي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڳوٺ ﻣﺎﻥ حاصل ڪيائين، ﻣﺌٽﺮڪ ڪﻤﭙﺮﻳﻬﻴﻨﺴﻮ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﺎﻥ ‏( 1975 ﻉ ‏) ۾ ﭘﺎﺱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺍﻧٽﺮ ﺳﭙﻴﺮﻳﺌﺮ ڪﺎﻟﻴﺞ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﺎﻥ 1977 ﻉ ۾ ۽ ﺍﻳﻢ . ﺍﻱ ‏( ﺑﻴﻦ ﺍﻻﻗﻮﺍﻣﻲ ﺗﻌﻠﻘﺎﺕ ‏) 1983 ﻉ ۾ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻄﻴﻒ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﺎﻥ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ .
    ڪوثر ٻرڙو 3 ﻧﻮﻣﺒﺮ 1983 ﻉ ۾ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺑﺮﺍڊ ڪﺎﺳٽﻨﮓ ﺍڪﻴڊﻣﻲ ﺍﺳﻼﻡ ﺁﺑﺎﺩ ﮐﺎﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﻴﺮﻳﺌﺮ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ڪﺌﻲ . ﺍﭘﺮﻳﻞ 1984 ﻉ ۾
    ﺭﻳڊﻳﻮ ڪﺮﺍﭼﻲ ۽ 1987 ﻉ ۾ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺗﻲ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏنائين ، ﺳﻴﭙٽﻤﺒﺮ 1995ع تي
    ﺭﻳڊﻳﻮ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﺎﻧﻲ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﺭﻫﻴﻮ . ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ، ﻻﻫﻮﺭ، ﺗﺮﺑﺖ ۽ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﻬﺪﻥ ﺗﻲ ڪﻢ ڪﺮﮠ ﺑﻌﺪ 31 آگسٽ 2018ع تي اڻ ٿڪ محنت سان ڊائريڪٽر پروگرام جي عهدي تان رٽائرمينٽ ڪيائين.
    ادب جي تاريخ ۾ ڪوثر ٻرڙو ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي، ڇو ته هن ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏئي پنهنجو نالو تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪيو آهي، براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي جا تمام ٿورا نالا آهن جن ادب تي ايترو برجستو ڪم ڪيو آهي.
    ‏ ﺍﻭﺟﺎڳا ۽ ﺧﻮﺍﺏ ‏، ﺷﺎﻋﺮﻱ : 2000 ﻉ ‏، ‏ ﻳﺎﺩ ﮔﻬﺮ، ‏ ﺳﺎﺭﻭﮢﻴﻮﻥ ۽ ﺧﻂ : 2002 ﻉ ‏ ،ﺗﻨﻬﻦ ﻋﺸﻖ ﮐﻲ ﺷﺎﺑﺎﺱ، ‏ ﺭﻭﻣﺎﻧﻮﻱ ﻗﺼﺎ : 2004 ﻉ ‏، ‏ ﺗﻮﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺻﻨﻢ ﺁﻫﻴﻦ، ‏ﺷﺎﻋﺮﻱ : 2005 ﻉ ‏ ، ﺍﻣﺮ ﺭﺍڳي ﺍﻣﺮ ﮔﻴﺖ ‏، ﺳﺮﻣﺪ ﺳﻨﮅﻱ ﺟﺎ ڳاﻳﻞ ﮔﻴﺖ : 2005 ﻉ ‏ ، ‏ ﻓﻦ ۽ ﻓﻨڪﺎﺭ ‏، ﻓﻨڪﺎﺭﻥ ﺟﺎ ﺍﻧٽﺮﻭﻳﻮ : 2007 ﻉ ‏، ﺍڏﺍﮢﺎ ﺍﺣﺴﺎﺱ ‏، ﺭﻳڊﻳﻮ ڪﻤﭙﻴﺌﺮﻧﮓ : ‏،استاد منظور علي خان، فن ۽ شخصيت، سرجڻهار، پيشڪار، ڳليان پريم نگر ديان۽ ڪيڏو مان اڻپورو توبن، شاعري شامل آهن.
    ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﺟﻲ ﻣﭹﺘﺎ ﻃﻮﺭ ﮐﻴﺲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﻠﻤﻲ، ﺍﺩﺑﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺗﻨﻈﻴﻤﻦ ﻃﺮﻓﺎﻥ 40 ﮐﻦ ﺍﻭﺍﺭڊ ﻣﻠﻲ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ، ﺍﻥ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﻋﻠﻤﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﺗﻲ ڪﺎﻓﻲ ﺳﺮٽﻴﻔڪﻴٽ ﭘﮡ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﻱ ﭼڪﻮ ﺁﻫﻲ . ﮐﻴﺲ ﻣﻠﻴﻞ ﺍﻭﺍﺭڊﻥ ۾ :
    ﺍﺟﺮڪ ﺁﺭٽ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1990 ﻉ ‏) ، ﭤﺮ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1990 ﻉ ‏) ، ﺳﭽﻞ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1991 ﻉ ‏) ، ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1991 ﻉ ‏) ، ﻣﺮﺍﺩ ﻓﻘﻴﺮ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1992 ﻉ ‏) ، ﭘﺮﺍﮠ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1992 ﻉ ‏) ، ﮔﺮﺑﺨﺸﺎﮢﻲ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1992 ﻉ ‏) ، ﭘﻴﺮ ﺻﺒﻐﺔ ﺍﻟﻠﻪ ﺭﺍﺷﺪﻱ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1992 ﻉ ‏) ، ﺭﺋﻴﺲ ڪﺮﻳﻢ ﺑﺨﺶ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1993 ﻉ ‏) ، ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1995 ﻉ ‏) ، ﻣﺤﻤﺪ ﺻﺪﻳﻖ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1995 ﻉ ‏) ، ﺳﺎﻣﻲ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1995 ﻉ ‏) ۽ ﺷﻴﺦ ﻋﻠﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﻭﺍﺭڊ ‏( 1995 ﻉ ‏) ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ڪوثر ٻرڙو جا خوبصورت خيال آهن ته بهترين ليکڪ، بهترين براڊ ڪاسٽر ٿي سگهي ٿو، براڊ ڪاسٽنگ جي فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ جيڪي ادب دوست آهن، انهن لاءِ اتساهه جو سسب آهن، اهي جملا. ڪوثر ٻرڙو انهن جملن تي بلڪل پورو پورو عمل به ڪيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو